اَرواحَ بابت
معنيٰ
آتما، روحُ جو جمع اَرواحُ. سنڌيءَ ۾ واحد طور ڪم ايندڙ روح.
Soul, spirit, beingness.
بيتن ۽ وائين ۾
- مَحَبتَ جي مَيدانَ ۾، ڪُڏِي پَئُہ ڪاھي، ڇَڏِ سانگو اَرواحَ جو، لاھُوتِي لاھي، عِشقُ نانگُ آھي، خَبَرَ کاڌَنِ کان پَئي.[ سُر يمن ڪلياڻ - محبت جو ميدان ۽ ڪانُ ]
- سَندا سَنگهارَنِ جي، ڪَنڌِي ڪَنَ ڏِنامِ، آسانگي اَرواحَ جي، اُڀي تَڙَ تَڪِيامِ، وَڏِي ويرَ لَڳِيامِ، گهِڙان گهورِئو جِندَڙو.[ سُر سھڻي - پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو ]
- ساوَڻَ گهِڙي سَڀَڪا، ھِيءَ سَرَھِي سِياري، تَنُ وڌائيِن تارِ ۾، اَرواحَ جي آري، مُحبَتِي ماري، ڪونِهي دادُ دَرياھَ ۾.[ سُر سھڻي - سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري ]
- پِرِينءَ پَسايو پانھِنجو، نِظارو ناگاھَ، لَٿِي ڪَٽُ قُلُوبَ تان، ٿِي وِرُوھَڻَ واھَ، اُمِيدُون اَرواحَ، پِيَ پَسَندي پُنِيُون.[ سُر سارنگ - آگمجڻ ]
- توکي مَعلُومُ مُنھِنجُون، سوڍا سَڀَيئِي، آڳانڍو اَرواحَ کي، آھِينِ اُھيئِي، وِھَڪَ مُون ويئِي، پُڇايو پُڇان پَھِي.[ سُر راڻو - موٽ ۽ پرچ راڻا ]