اَبُرَ بابت
معنيٰ
ڪَڪَرَ، بَادَلَ، ميگهہ، وِڏَرَ، جهُڙَ.
Cloud.
بيتن ۽ وائين ۾
- اَبُرَ ۾ اُھاءُ ٿِئو، گامَ گُهرَندي گَنجَ، پَسِي پَرِ پِريان جِي، ٿِئا رَقيبان رَنجَ، شالَ وَسَندو سَنجَهہ، مَٿي عاشِقَ اوھِيرا…[ سُر سارنگ - آگمجڻ ]
- ماڻُهو مِرگهَہ مينھِيُون، سارَنگَ کي سارِينِ، آرُون اَبُرَ آسِري، تاڙا تَنوارِينِ، سِپُون جي سَمنڊَ ۾، نَيئن سِجِ نِھارِينِ، پَلُرُ پِيارينِ،…[ سُر سارنگ - بادل نيڻ ۽ مينھن ]
- اَکِئان ميگهُہ مَلارُ، صُورَتَ تيڏِيءَ سَڀَ جَڳُ موھِيا، سَجِدو فِيلَ فِي الحالِ ڪِئو، پَسِي مُطِلِبَ نُورُ نِراَڙَ، ڄاپَڻَ وَقتِ وَرِيامَ…[ سُر سارنگ - وايون ]
- جانۡ ڪو سَتِنِ سِيلُ، تانۡ ڪِينَ وِهَندِيَسِ ڪوٽَ ۾، سِپَ سَمُنڊين سَپَجي، نَدِيءَ پِيي نَہ نِيرُ، جِيئَن اُوءِ اَبُرَ آسِري،…[ سُر مارئي - مارئي ملير جي ستي سيل ]
- آهِينِ اَبُرَ آسِري، جَرَ ۾ سِپُون جِيئَن، ڪُونجُون سارِينِ روھَ کي، مُون تَنَ اَندَرِ تِيئَن، هُتِ وَعدا وَڃَڻَ جا، هِتي…[ سُر مارئي - مارئي ملير جي ستي سيل ]
- سِپَ سَمُنڊين سَپَجي، اَبُرَ آساروسِ، ٻاڙو پِيي نَہ ٻِپُڙِي، مِٺو مُنھِن لَڳوسِ، ماڻِڪُ تي مِڙِيوس، جِيئَن تَنگُ ڪَڍِيائِين تارِ ۾.[ سُر مارئي - مارئي ملير جي ستي سيل ]
- سِکو سَڀَ سَرَتِيُون، سِپُنِ مُلا سِيلُ، ٻِئو مَٽائي نِيلُ، اُڀِيُون اَبُرَ آسِري.[ سُر مارئي - مارئي ملير جي ستي سيل ]