اوتَ بابت
معنيٰ
پالوٽ، اڌمو، گهڻائي، جهجهائي.
Pouring, plentiness.
بيتن ۽ وائين ۾
- ڏَڙَھ رِيا ريجَ ٿِئا، ڪِي اوھِيرَنِ اوتَ، ميھا چِڀِڙَ ڦُنگهِيُون، جِتِ ٿِيَنِ سَڀَيئِي ٿوڪَ، ڇاڇَرِ ٿِي ڇَنُنِ ۾، جِتِ مينھِيُون…[ سُر سارنگ - بادل نيڻ ۽ مينھن ]
- اُتَرَ ڏِنِي اوتَ، نَہ مُون سَوَڙِ نَہ گَبِرو، چاريئِي چُنِيءَ پوتَ، ريڙِھِيندي راتِ گَئِي.[ سُر رِپ - اندر، سٻر ۽ نھائين ]
- سَرَتِيُون سُتَڙِيُون، سارِيان پِيرُ پانِھنِجو، جاڳو اَکَڙيُون، لَلاڻِيءَ جي لوءَ ۾، سارِي راتِ سُيون، توبَهَ آھي تَنِ کان، ھَٿان جي…[ سُر رِپ - وايون ]
- ھِيري ھَٿُ وِڌائِين، ھِيري ھَٿُ کَنيائِين، اي مُون يا اللهُ ويھِي ساٽِينِ وِچَ ۾، نَوازِشَ نُورِيءَ جي، آھي تَماچِيءَ تائِين،…[ سُر ڪاموڏ - وايون ]