آڳَڙِيَنِ بابت
معنيٰ
لوھارن، (آڳ يعني باھ تي ڪم ڪندڙن)
Blacksmiths, men who are working on fire.
بيتن ۽ وائين ۾
- مَنجهان مَچَ مَچُ ٿِئا، چَڙِهئو چَڪاسِينِ چاھَ، اِيءَ پَرِ آڳَڙِيَنِ جِي، ٻِي ڇَڏِيائُون واھَ، سيڻَنِ جِي صَلاحَ، سِرَ ڏِنائُون سَٽِ…[ سُر يمن ڪلياڻ - باھ ۽ ساڙو ]
- ڌَنءُ ڌَنءُ ڌَمَڻِوارَ، اَڄُ پُڻ آڳَڙِيَنِ جِي، ٻاري مَچُ مَجازَ جو، اوتِيائُون اَڱارَ، ڌُوڌا ٿِيءُ مَ ڌارَ، جِمَ ڪَچو رُڪُ…[ سُر يمن ڪلياڻ - باھ ۽ ساڙو ]
- لوھُ ٻَري ڪَٽُ ڪَڙھي، ڌُوڌا جِتِ ڌَڳَنِ، مُتِرِڪَنِ مُنھَن ڪَڍِئا، سانڌاڻِيون ڪَنبَنِ، اَڄُ پُڻ آڳَڙِيَنِ، ميڙو آھي مَچَ تي.[ سُر يمن ڪلياڻ - باھ ۽ ساڙو ]
- پَچائي پَھاڻُ، جَنِ رَساڻِئو رُڪَ کي، تَنِي سَندو ڄاڻُ، آھي آڳَڙِيَنِ کي.[ سُر يمن ڪلياڻ - باھ ۽ ساڙو ]