آوازُ بابت
معنيٰ
شين جي پاڻ ۾ لڳڻ جو پڙلاءَ ، اهڙو پڙلاءَ جو ٻڌڻ ۾ اچي. ڳالهاءَ. آلاپ. تنوار. سَڏُ. هَڪَلَ. پُڪار. ندا. هُل ، گوڙُ. سُوال ، صدا. ڪڙڪو. کڙڪو. چيچاٽُ. ڦھڪو. گُونجَ. غلغلو. (وَڄُ، واڄُ، واز، آواز.)
A sound, noise, voice.
بيتن ۽ وائين ۾
- سِسِيءَ ۾ سُرُ راڳُ، واءَ لَڳَندي وَڄِيو، مِٽِي گَڏِي مِٽِيءَ کي، ڏِنو رُوحَ جَوابُ، آدَمَ کي آوازُ، تِھان پوءِ پَيدا…[ سُر سريراڳ - املهہ وکر ]
- رِڃُنِ ۾ رَڙِ ٿِي، ڪَرَ سارَنگِيءَ سازُ، اِيءَ عِشقَ جو آوازُ، ماڻُهو رَکَنِ مُنڌَ تي.[ سُر معذوري - نڱي بي بوجهہ ]
- ڇَھِينءَ راتِ ڇَڪايو، سالِڪَ سوري سازُ، ڳاَيائِين ڳَڙَه گِرنارَ ۾، ڪَري آڳَھَ سين آوازُ، صَلاحَ جو سَيِّدُ چئَي، اَٿُون راجا…[ سُر سورٺ - سائل گهُري سِر ]
- سُٽُ اُنِهين جو سَفِرو، جٖي پَر ۾ پِڃائِينِ، آوازُ اَرٽَ جو، ساھَ نَہ سُڻائِينِ، لِڪايو لَطِيفُ چئَي، ڪَنبِئو ڪَتائينِ، جٖي…[ سُر ڪاپائتي - چائت ۽ محبت ]