آوازُ جي سنڌي معنيٰ
شين جي پاڻ ۾ لڳڻ جو پڙلاءَ ، اهڙو پڙلاءَ جو ٻڌڻ ۾ اچي. ڳالهاءَ. آلاپ. تنوار. سَڏُ. هَڪَلَ. پُڪار. ندا. هُل ، گوڙُ. سُوال ، صدا. ڪڙڪو. کڙڪو. چيچاٽُ. ڦھڪو. گُونجَ. غلغلو. (وَڄُ، واڄُ، واز، آواز.)
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
A sound, noise, voice.
آوازُ جا بيتن ۾ حوالا
سِسِيءَ ۾ سُرُ راڳُ، واءَ لَڳَندي وَڄِيو،
مِٽِي گَڏِي مِٽِيءَ کي، ڏِنو رُوحَ جَوابُ،
آدَمَ کي آوازُ، تِھان پوءِ پَيدا ٿِئو.
[ سُر سريراڳ، املهہ وکر، 20 ]
مِٽِي گَڏِي مِٽِيءَ کي، ڏِنو رُوحَ جَوابُ،
آدَمَ کي آوازُ، تِھان پوءِ پَيدا ٿِئو.
[ سُر سريراڳ، املهہ وکر، 20 ]
رِڃُنِ ۾ رَڙِ ٿِي، ڪَرَ سارَنگِيءَ سازُ،
اِيءَ عِشقَ جو آوازُ، ماڻُهو رَکَنِ مُنڌَ تي.
[ سُر معذوري، نڱي بي بوجهہ، 17 ]
اِيءَ عِشقَ جو آوازُ، ماڻُهو رَکَنِ مُنڌَ تي.
[ سُر معذوري، نڱي بي بوجهہ، 17 ]
ڇَھِينءَ راتِ ڇَڪايو، سالِڪَ سوري سازُ،
ڳايائِين ڳَڙَه گِرنارَ ۾، ڪَري آڳَھَ سين آوازُ،
صَلاحَ جو سَيِّدُ چئَي، اَٿُون راجا توسين رازُ،
سُڀاڻي سَرفَرازُ، مِيان ڪَندو مَڱڻين.
[ سُر سورٺ، سائل گهُري سِر، 6 ]
ڳايائِين ڳَڙَه گِرنارَ ۾، ڪَري آڳَھَ سين آوازُ،
صَلاحَ جو سَيِّدُ چئَي، اَٿُون راجا توسين رازُ،
سُڀاڻي سَرفَرازُ، مِيان ڪَندو مَڱڻين.
[ سُر سورٺ، سائل گهُري سِر، 6 ]
سُٽُ اُنِهين جو سَڦِرو، جٖي پَر ۾ پِڃائِينِ،
آوازُ اَرٽَ جو، ساھَ نَہ سُڻائِينِ،
لِڪايو لَطِيفُ چئَي، ڪَنبِئو ڪَتائينِ،
جٖي ماڻِڪَ موٽائِينِ، توءِ مُلِهہ مَھانگو اُنِ جو.
[ سُر ڪاپائتي، چائت ۽ محبت، 22 ]
آوازُ اَرٽَ جو، ساھَ نَہ سُڻائِينِ،
لِڪايو لَطِيفُ چئَي، ڪَنبِئو ڪَتائينِ،
جٖي ماڻِڪَ موٽائِينِ، توءِ مُلِهہ مَھانگو اُنِ جو.
[ سُر ڪاپائتي، چائت ۽ محبت، 22 ]
English Meaning
A sound, noise, voice.