آرِيچا بابت
معنيٰ
آريءَ ڄام جا پُٽَ، آريءَ جو اولاد. (پنهوءَ جا ڀائر. آري پنهوءَ جي پيءُ جو نالو)
Sons of Aaree. Brothers of Punhoo (Aaree, name of Punhoo's father.)
بيتن ۽ وائين ۾
- وارَو وَرُ وَٺِي وِئا، آرِيچا اَظِلامَ، آندائُون آرِيءَ جا، پُنهونءَ ڏي پَيغامَ، پَھَ ڪِئائُون پاڻَ ۾، مُونھان مَخفِي مامَ، سَنڀُوڙا…[ سُر ديسي - دانھُون ڪُوڪُون ]
- لَڳُمِ نِينھُن نِيَڻِ سين، آئُون ڪِ نَہ ڄاڻان اِيئَن، مُون ھِنيين سين ھِيئَنِ، اَئِين آرِيچا اُسَهو.[ سُر ديسي - دانھُون ڪُوڪُون ]
- آرِيچا اُٺَنِ جِي، ڪَنِمِ جي ڪاھِي، وارِي جا واٽُنِ جِي، جهاڳِيان سَڀَائِي، چَونِمِ تَہ آئِي، پورھِيَتِ ڄامَ پُنهونءَ جِي.[ سُر ديسي - دانھُون ڪُوڪُون ]
- آتَڻُ اورانگهي وِئا، پارِي ڇَڏي پوءِ، آرِيچا اُٺَنِ تي، ھِيءَ تان جَڏِي جوءِ، ڪِي ھَلِي ڪِي ھَٿَ کَڻِي، ڪِي رِڙھي…[ سُر حسيني - لَڙُ مَ لاڙائُو، جِيءُ ۽ آتڻ ]