آرِيچا جي سنڌي معنيٰ
آريءَ ڄام جا پُٽَ، آريءَ جو اولاد. (پنهوءَ جا ڀائر. آري پنهوءَ جي پيءُ جو نالو)
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Sons of Aaree. Brothers of Punhoo (Aaree, name of Punhoo's father.)
آرِيچا جا بيتن ۾ حوالا
وارَو وَرُ وَٺِي وِئا، آرِيچا اَظِلامَ،
آندائُون آرِيءَ جا، پُنهونءَ ڏي پَيغامَ،
پَھَ ڪِئائُون پاڻَ ۾، مُونھان مَخفِي مامَ،
سَنڀُوڙا ساٿُ کَڻِي، ويساھي وَرِيامَ،
ڪاڪِيُون راتِ قِيامَ، جيڏِيُون جَتَ ڪَري وِئا.
[ سُر ديسي، دانھُون ڪُوڪُون، 1 ]
آندائُون آرِيءَ جا، پُنهونءَ ڏي پَيغامَ،
پَھَ ڪِئائُون پاڻَ ۾، مُونھان مَخفِي مامَ،
سَنڀُوڙا ساٿُ کَڻِي، ويساھي وَرِيامَ،
ڪاڪِيُون راتِ قِيامَ، جيڏِيُون جَتَ ڪَري وِئا.
[ سُر ديسي، دانھُون ڪُوڪُون، 1 ]
لَڳُمِ نِينھُن نِيَڻِ سين، آئُون ڪِ نَہ ڄاڻان اِيئَن،
مُون ھِنيين سين ھِيئَنِ، اَئِين آرِيچا اُسَهو.
[ سُر ديسي، دانھُون ڪُوڪُون، 14 ]
مُون ھِنيين سين ھِيئَنِ، اَئِين آرِيچا اُسَهو.
[ سُر ديسي، دانھُون ڪُوڪُون، 14 ]
آرِيچا اُٺَنِ جِي، ڪَنِمِ جي ڪاھِي،
وارِي جا واٽُنِ جِي، جهاڳِيان سَڀَائِي،
چَونِمِ تَہ آئِي، پورھِيَتِ ڄامَ پُنهونءَ جِي.
[ سُر ديسي، دانھُون ڪُوڪُون، 15 ]
وارِي جا واٽُنِ جِي، جهاڳِيان سَڀَائِي،
چَونِمِ تَہ آئِي، پورھِيَتِ ڄامَ پُنهونءَ جِي.
[ سُر ديسي، دانھُون ڪُوڪُون، 15 ]
آتَڻُ اورانگهي وِئا، پارِي ڇَڏي پوءِ،
آرِيچا اُٺَنِ تي، ھِيءَ تان جَڏِي جوءِ،
ڪِي ھَلِي ڪِي ھَٿَ کَڻِي، ڪِي رِڙھي ڪِي روءِ،
اَوِھِين ڇَڏي وَڃو ڇَپَرين، ڏُکِي ڪِھَڙي ڏوھِ،
ڪو پُرِي پِرِينءَ چوءِ، تَہ مُٺِيءَ ماتَمُ آيو.
[ سُر حسيني، لَڙُ مَ لاڙائُو، جِيءُ ۽ آتڻ، 23 ]