صاحِبُ جي سنڌي معنيٰ
مالڪ، ڌڻي، محبوب
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Lord, Master, Holy being
صاحِبُ جا بيتن ۾ حوالا
ايڪُ قَصَرُ دَرَ لَکَ، ڪوڙيِين سَھسَ کڙَڪِيُون،
جاڏي ڪَرِيان پَرَکَ، تاڏي صاحِبُ سامُهُون.
[ سُر ڪلياڻ، يڪتائي، 23 ]
جاڏي ڪَرِيان پَرَکَ، تاڏي صاحِبُ سامُهُون.
[ سُر ڪلياڻ، يڪتائي، 23 ]
ويڄَ وِڄائُون ڇَڏِ، دُورِ ڪَري ٻِئا ڊَڀَڙا،
آندِيَئِي جي اَگَهنِ لَئي، سي گورِيُون گورِيُنِ گَڏِ،
صاحِبُ سوئِي سَڏِ، جَو پَرکا لَھيْ ھِنَ پِيڙَ جِي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، ويڄ ۽ دارُون، 10 ]
آندِيَئِي جي اَگَهنِ لَئي، سي گورِيُون گورِيُنِ گَڏِ،
صاحِبُ سوئِي سَڏِ، جَو پَرکا لَھيْ ھِنَ پِيڙَ جِي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، ويڄ ۽ دارُون، 10 ]
عِشقَ تَمامُ بِرھَ تَمامُ، مَين لُٽِي يارَ لوڪو،
راتِيان جاڳَڻُ صاحِبُ سَنڀالڻُ، اِيءُ فَقِيران دا ڪامُ،
سيڄَ سُتي نُون جَپِ نَہ آوي، نيڻين نِنڊَ حَرامُ،
راھَ عَقُلِ دِي مُنجِهہ گَئِي آيا عِشقُ اِمامَ.
[ سُر يمن ڪلياڻ، وايون، 12 ]
راتِيان جاڳَڻُ صاحِبُ سَنڀالڻُ، اِيءُ فَقِيران دا ڪامُ،
سيڄَ سُتي نُون جَپِ نَہ آوي، نيڻين نِنڊَ حَرامُ،
راھَ عَقُلِ دِي مُنجِهہ گَئِي آيا عِشقُ اِمامَ.
[ سُر يمن ڪلياڻ، وايون، 12 ]
ھِڪِي ٻانِهي چِتَ ۾، ٻِي صاحِبُ سَنواري،
دَنگِي اِنَ دَرياھَ ۾، ھَلائي ھاڪاري،
طَرازُون تاري، سُتَڙِ سَڀَيئِي ڪَري.
[ سُر سريراڳ، سيوا ۽ سار، 20 ]
دَنگِي اِنَ دَرياھَ ۾، ھَلائي ھاڪاري،
طَرازُون تاري، سُتَڙِ سَڀَيئِي ڪَري.
[ سُر سريراڳ، سيوا ۽ سار، 20 ]
ھِڪِي ٻانِهي چِتَ ۾، ٻِي سَنواري صاحِبُ،
ڪَڍي اُونِهي ڪُنَ مان، اِيءُ آگي جو عَجَبُ،
اِيءُ سائِينءَ جو سَبَبُ، جِيئَن ٻُڏا ڪَڍي ٻارِ مان.
[ سُر سريراڳ، سيوا ۽ سار، 21 ]
ڪَڍي اُونِهي ڪُنَ مان، اِيءُ آگي جو عَجَبُ،
اِيءُ سائِينءَ جو سَبَبُ، جِيئَن ٻُڏا ڪَڍي ٻارِ مان.
[ سُر سريراڳ، سيوا ۽ سار، 21 ]
جاڳِي يارا جيڏِيُون پاڻُ پَرَنِجي،
ھَلَندي حَبِيبَ ڏي، ويلو وِچِ نَہ ڪِجي،
مَٿي اُھِسَ اُسِرِي، پَتَنگَ جِيئَن پَئِجيءَ،
اَڳِئان اُونداھِيءَ جو، سَمَرُ ساڻُ ڪِجي،
ڪِيجي قُوتُ قَبَرَ جي، گهوريون آن گُهرِجي،
آگو عَيبَ اَواھِنجا، ڍَڪِئا ڳُجَهہ ٻُجهي،
جيڪِي وَھي وُجُودَ ۾، صاحِبُ ٿو سَمجهي،
آھي مَوتُ مِڙَنِ تي، گوڙِيُون ڪِئو ٿو گَجي،
اَجَلُ اِيندو اوچتو، سَدا ٿو سُڄي،
ڊِڄِي ڊاءِ اللهَ جي، جيڪو ڀَئي ڀَڄي،
اَمُنُ آھي اُنَ کي، مَنجِهہ اللهَ جي اَجهي،
عَرَضُ اَحوالُ اُنِ کي، چَڱِيءَ ڀَتِ چَئجي،
نِيازُ ڪَري نِڪَڻِي، واحِدَ ڏي وَرِجي.
[ سُر سريراڳ، وايون، 6 ]

مِلجان مِلجان مِلجان، سَڄَڻَ سانُون چورِي چورِي،
بادَلُ بَرَسي وِڄُڙِي جا چَمڪي، بُوندَ پَڙِي ٿوڙِي ٿوڙِي،
صاحِبُ دانا بي نِشانا، مَين تو تان گهورِي گهورِي،
ويکَڻُ تيڏا ھَٿِ نَہ آوي، مَين تَيڏَڙِي گهورِي گهورِي.
[ سُر سارنگ، وايون، 6 ]
بادَلُ بَرَسي وِڄُڙِي جا چَمڪي، بُوندَ پَڙِي ٿوڙِي ٿوڙِي،
صاحِبُ دانا بي نِشانا، مَين تو تان گهورِي گهورِي،
ويکَڻُ تيڏا ھَٿِ نَہ آوي، مَين تَيڏَڙِي گهورِي گهورِي.
[ سُر سارنگ، وايون، 6 ]
جيڏِيُون آئُون تان نَہ چَوَندِي لو، ڏُکُ ڏوراپو سيڻَنِ جي صَريِحُ،
سَڱا وَڃَنِ سَرَتِيُون، مِنَٿَ موٽَنِ مانَ،
ڀينَرُ ڀِيڻِي حُجَ جِي، ڪوھِيارِي سين ڪا نَہ،
سو تُون صاحِبُ آھِين، جو نَہ ڀيرائِيين ڀانَ،
سُوالِي سَمَگِئا، داتا ڏيئِي دانَ.
[ سُر آبڙي، وايون، 19 ]
سَڱا وَڃَنِ سَرَتِيُون، مِنَٿَ موٽَنِ مانَ،
ڀينَرُ ڀِيڻِي حُجَ جِي، ڪوھِيارِي سين ڪا نَہ،
سو تُون صاحِبُ آھِين، جو نَہ ڀيرائِيين ڀانَ،
سُوالِي سَمَگِئا، داتا ڏيئِي دانَ.
[ سُر آبڙي، وايون، 19 ]
ٿُڙُ وَٺِي ٿاھَرَ ڪَرِ، ناحَقُ ڏارَ مَ ڏورِ،
لَڳِي لَڙَھَہ لامُنِ جي، ڀورِي مَنَ مَڀورِ،
صاحِبُ سوئِي سورِ، سَڀَنِي جو سَيِّدُ چئَي،
[ سُر معذوري، سُڻڻ، ٻُڌڻ ۽ مڃڻ، 16 ]
لَڳِي لَڙَھَہ لامُنِ جي، ڀورِي مَنَ مَڀورِ،
صاحِبُ سوئِي سورِ، سَڀَنِي جو سَيِّدُ چئَي،
[ سُر معذوري، سُڻڻ، ٻُڌڻ ۽ مڃڻ، 16 ]
جوڳِي جَڳُ ڇَڏي، پُرئا پُورَڀَ پَنڌَ ڏي،
لاھُوتِي لَطِيفُ چئَي، ھَلِئا لالَ لَڏي،
واللهُ يَدعُوا اِلَيٰ دارالسَلامِ ، صاحِبُ سَڀَنِ سَڏي،
ھئَي ھئَي ھِنَ ھَڏي، ھَمَه کي حَيرانُ ڪِئَو.
[ سُر رامڪلي، جوڳي، سامي ۽ ڪن ڪپڻ، 27 ]