وڏيءَ اوطاق، ڀٽ شاھ تي لطيفي راڳ ۽ راڳائي فقير
وڏيءَ اوطاق تي لطيفي راڳ:
ڀٽ شاھ تي درگاھ شاھ لطيف کان ڏکڻ-اولھ پاسي ٿوري مفاصلي تي وڏي اوطاق واقع آھي. اھا اوطاق، شاھ لطيف پاڻ فقيرن جي حوالي ڪئي ھئي، جيڪا اڳ ۾ شاھ لطيف جي حويلي ھئي، پر پوءِ شاھ لطيف پنھنجي رهائش لاءِ، جامع مسجد جي اتر پاسي ھڪ ٻي حويلي جوڙائي (جيڪا اڃا تائين موجود آھي) ۽ پراڻي حويلي فقيرن جي حوالي ڪري ڇڏي، جتي فقير رهندا ھئا، ۽ دنبورا وغيرہ رکندا ھئا. (وڌيڪ ڏسو ’ڀٽ شاھ جو تعارف‘)
وڏيءَ اوطاق تي راڳ جي شروعات، 2015ع کان ٿي، ڇاڪاڻ تہ تمراڻي فقيرن ۽ شاھ لطيف جي گادي نشين جي وچ ۾ تڪرار ٿيڻ ڪري، تمراڻي فقيرن، درگاھ ڀٽ شاھ تي راڳ ڳائڻ بند ڪري ڇڏيو ۽ وڏيءَ اوطاق تي ھر، جمعي رات، راڳ جي ڳائڻ جي شروعات ڪيائون. وڏيءَ اوطاق تي، عدالت ۾ قانوني ڪيس ھجڻ ڪري، سنڌ ھاءِ ڪورٽ وڏيءَ اوطاق کي سيل ڪري ڇڏيو ھو. تمراڻي فقير، وڏيءَ اوطاق جي آڳر ۾ (واقع ٿلھي) تي ويھي راڳ ڳائيندا ھئا، پر بعد ۾ عدالت طرفان وڏيءَ اوطاق جو قبضو تمراڻي فقيرن کي ڏنو ويو آھي، ۽ تمراڻي فقير ھر جمعي رات وڏيءَ اوطاق اندر لطيفي راڳ ڳائيندا آھن.
وڏيءَ اوطاق تي لطيفي راڳائي فقير:
تمراڻي فقيرن ۽ درگاھ جي گادي نشين، سيد وقار حسين شاھ لطيفيءَ جي وچ ۾ وڏيءَ اوطاق کي ڪنھن وڏي جهيڙي کان بچائڻ لاءِ، عدالتي حڪم تي سيل ڪيو ويو. ڪيس ھلڻ کان پوءِ اھا تمراڻي فقيرن حوالي ڪئي وئي. تمراڻي فقيرن، وڏيءَ اوطاق تي، شاھ جو راڳ ڳائڻ جي ھڪ نئين روايت وڌي. ان راڳ ۾ ھيٺيان فقير جمعرات تي سومهڻي کان وٺي صبح جو فجر تائين، شاھ جو راڳ ڳائيندا آھن:
علي ڏنو فقير تمراڻي، مير حسن تمراڻي، غلام حيدر تمراڻي، غلام عباس تمراڻي، رسول بخش تمراڻي، يار محمد تمراڻي، ڪريم ڏنو تمراڻي، طالب حسين تمراڻي، محرم فقير تمراڻي، غلام محمد تمراڻي، غلام عباس رند.
نوٽ: جيئن تہ مٿي ڄاڻايل فقير، 2015ع تائين درگاھ شاھ لطيف تي راڳ ڳائيندا ھئا، فقيرن جي پيرائتي احوال لاءِ ڏسو ’درگاھ ڀٽ شاھ تي راڳائي فقير‘