آگم ڪيو اچن...

درگاھ ڀٽ شاھ تي راڳائي فقير

درگاھ ڀٽ شاھ تي راڳائي فقير



آگو فقير پھوڙ (جنم: 1968ع)

آگو فقير پھوڙ ولد حاجي قادر پھوڙ، 1968ع ڌاري ڀٽ شاھ لڳ، ڳوٺ مانجهلي ۾ ڄائو ھو. راڳ جي سکيا گل محمد پھوڙ کان ورتائين ۽ 2003ع کان درگاھ ڀٽ شاھ تي ڳائڻ جي شروعات ڪيائين. اڄڪلهہ اربع جي رات واريءَ جماعت ۾، فقير قادر بخش خاصخيلي، بھزاد حسين شاھ، مير محمد شاھ ڪاظمي ۽ ٻين سان گڏ ۽ ڇنڇر جي رات واريءَ جماعت ۾، جواڻ فقير ڇڄڙي، مھدي حسن لنجواڻي، مختيار سنديلي ۽ ٻين سان گڏ ڳائيندو آھي. ٻين سرن جي ڀيٽ ۾ پاڻ سر ڪلياڻ بهترين نموني ڳائيندو آھي.

آگو فقير، درگاھ ڀٽ شاھ کان سواءِ، شهدادپور ۾ سهڻيءَ جي قبر ۽ شاھ ڪريم جي مزار تي پڻ پنھنجي فن جو مظاھرو ڪري چڪو آھي. سندس رهائش، ڳوٺ مانجهلي، تعلقي ھالا، ضلعي مٽياريءَ ۾ آھي.

ادلو فقير رنگ (1970ع - 2014ع)

عبدالڪريم رنگ عرف اِدلو فقير ولد علي نواز فقير رنگ جو جنم، 1970ع ڌاري پير محلي، ڀٽ شاھ تي ٿيو. راڳ جي سکيا مرحوم تاجو فقير لنجواڻيءَ کان ورتائين ۽ سيد سجاد شاھ ’لطيفيءَ‘ جي اڳواڻيءَ ھيٺ، 1990ع کان 2014ع تائين خميس واري ڏينھن راڳ واريءَ جماعت ۾، ڪامل فقير ٿھيم، قربان علي کوسي ۽ ٻين سان گڏجي ڳائيندو ھو. ٻين سرن جي ڀيٽ ۾ پاڻ سُر مارئي ڳائڻ ۾ مھارت رکندو ھو. ملڪ جي مختلف حصن ۾ شاھ لطيف جو راڳ ڳائڻ کان علاوہ، شاھ ڪريم بلڙيءَ واري جي درگاھ تي جماعت سان گڏجي راڳ ڳائيندو ھو. ادلو فقير پنھنجي حياتيءَ جا 24 سال درگاھ ڀٽ شاھ تي لطيفي راڳ ڳايو. سندس وفات 44 سالن جي ڄمار ۾ 2014ع ۾ ٿي ۽ کيس يارو فقير جي مقام ۾ دفنايو ويو.

الله بچايو سھتو

فقير الله بچايو، شاھ لطيف جو راڳي ھو. پاڻ درگاھ ڀٽ شاھ تي راڳ ڳائيندو ھو. شروعات ۾ ابراھيم فقير جي اڳواڻيءَ ۾ ڳايائين پر پوءِ ابراھيم فقير خاصخيليءَ جي پوئين دؤر ۾، اربع جي رات واري راڳ جو اڳواڻ ٿيو. سندس اڳواڻيءَ ۾ قاسم فقير خاصخيلي، محمد فقير ڪوري، غلام حيدر سونارو، سکيو فقير لنجواڻي ۽ عُرس فقير ساند ڳائيندا ھئا.(سندس ڄم ۽ وفات بابت ڄاڻ ملي نہ سگهي آھي.)

الله ڏنو نظاماڻي (1950ع – 2016ع)

فقير الله ڏنو نظاماڻي ولد فقير محمد نظاماڻي، 1950ع ڌاري ڳوٺ حيات خان نظاماڻي لڳ ڀٽ شاھ، تعلقي ھالا، ضلعي مٽياريءَ ۾ جنم ورتو. ننڍپڻ کان ئي شاھ لطيف جي راڳ سان لڳاءُ ھئس. پندرهن سالن جي عمر ۾ راڳ ڳائڻ جي شروعات ڪيائين. راڳ جي تربيت سيد غلام شاھ ۽ سيد غلام حيدر شاھ کان ورتائين. وڏڙن مان سندس چاچو خان فقير ۽ نانو الله ڏنو فقير درگاھ تي شاھ لطيف جو راڳ ڳائيندا ھئا.

فقير الله ڏنو، سر معذوري ڳائڻ ۾ ماھر ھو. وفات کان اڳ پاڻ خميس جي رات راڳ واريءَ جماعت ۾، فقير غلام محمد نظاماڻي، فقير قمبر علي جلالاڻي، حاجن فقير نظاماڻي ۽ ٻين سان گڏجي ڳائيندو ھو. کيس مڃتا طور شاھ لطيف ايوارڊ پڻ ملي چڪو ھو. فقير الله ڏني نظاماڻيءَ، پنھنجي حياتيءَ جا 50 سال درگاھ ڀٽ شاھ تي لطيفي راڳ ڳايو ۽ 66 ورهين جي ڄمار ۾، 2016ع ۾ وفات ڪيائين. کيس حسين شاھ ڍير ڌڻي جي مقام لڳ ڀٽ شاھ، تعلقي ھالا، ضلعي مٽياريءَ ۾ دفن ڪيو ويو.

امام بخش خاصخيلي (جنم: 1950ع)

فقير امام بخش خاصخيلي، سدا ملوڪ راڳي، کٻڙ فقير خاصخيليءَ جو پُٽ آھي. سندس جنم، 1950ع ڌاري ڀٽ شاھ تي ٿيو. درگاھ ڀٽ شاھ تي 1980ع ۾، راڳ جي شروعات ڪيائين ۽ سن 2015ع ۾، ڳائڻ ڇڏي ڏنائين. 2015ع کان اڳ، سومر جي رات واري راڳ جي جماعت ۾، فقير حسن تمراڻي، فقير غلام حيدر تمراڻي، فقير رسول بخش تمراڻي ۽ ٻين سان گڏجي ڳائيندو ھو. سندس وڏڙن راڳائي فقيرن مان، کٻڙ فقير ۽ محرم فقير جا نالا ملن ٿا. ٻين سرن جي ڀيٽ ۾ پاڻ سُر مارئي ڳائڻ ۾ مھارت رکي ٿو. درگاھ تي ڳائڻ کان علاوہ، راڳ جي سکيا بہ ڏيندو ھو. سندس شاگرد غلام حسين ھن وقت درگاھ تي راڳ ڳائي ٿو. فقير امام بخش، 2015ع کان اڳ، درگاھ ڀٽ شاھ کان علاوہ، ٻين درگاھن تي وڃي شاھ لطيف جو راڳ ڳائيندو رهيو آھي. سندس مستقل رهائش شيخ محلي ڀٽ شاھ، تعلقي ھالا، ضلعي مٽياريءَ ۾ آھي.

امام بخش فقير ڀنگوار (جنم: 1955ع)

فقير امام بخش ولد واحد بخش ڀنگوار جو جنم 1955ع ڌاري جيڪب آباد ۾ ٿيو. راڳ جي سکيا سيد عطا حسين شاھ کان ورتائين. درگاھ ڀٽ شاھ تي، 2000ع کان راڳ ڳائڻ جي شروعات ڪيائين. سندس وڏڙن مان علڻ فقير ڀنگوار لطيفي راڳ ڳائيندو ھو. علڻ فقير، پير غلام شاھ کان راڳ جي سکيا ورتي ۽ پوءِ جيڪبآباد ۾ راڳ سيکاريندو ھو.

فقير امام بخش، درگاھ ڀٽ شاھ تي اڱاري ڏينھن پھرين پھر (صبح 9 وڳي کان منجهند 2 وڳي تائين) واريءَ جماعت ۾، جڙيل فقير لنجواڻي، سيد ماجد علي شاھ ۽ ٻين سان گڏجي ڳائيندو آھي. ھو سُر مارئي ۽ سُر حسيني ڳائڻ ۾ مھارت رکي ٿو. درگاھ ڀٽ شاھ کان سواءِ سنڌ جي مختلف شھرن ۾ شاھ جو راڳ ڳائي داد وصول ڪري چڪو آھي. اڄڪلهہ سندس رهائش، پير پاڙي، ڀٽ شاھ ۾ آھي.

امير علي فقير لنجواڻي (جنم: 2001ع)

فقير امير علي ولد فقير مير محمد لنجواڻي 2001ع ڌاري ڳوٺ ڪيھر فقير لنجواڻي لڳ ڀٽ شاھ ۾ ڄائو. پاڻ تيرهن سالن جي عمر کان راڳ جي شروعات ڪيائين. راڳ جي سکيا فقير قائم علي لنجواڻيءَ کان ورتائين. گذريل چئن سالن کان درگاھ ڀٽ شاھ تي ڳائي ٿو. درگاھ تي ڇنڇر جي رات واريءَ جماعت ۾، جواڻ فقير ڇڄڙو، مختيار فقير سنديلو، قائم فقير لنجواڻي ۽ ٻين سان گڏ ۽ سومر ڏينھن پھرين پھر (صبح 9 وڳي کان منجهند 2 وڳي تائين) واريءَ جماعت ۾، جمن فقير لنجواڻي، سيد شفقت علي شاھ، فقير غلام عباس رند ۽ ٻين سان گڏجي ڳائيندو آھي. ٻين سُرن جي ڀيٽ ۾ پاڻ سُر سامونڊي ڳائڻ ۾ مھارت رکي ٿو. درگاھ ڀٽ شاھ کان سواءِ شهدادپور، مائي سهڻيءَ جي قبر تي ميلي جي موقعي تي شاھ جو راڳ ڳائيندو آھي. سندس رهائش، پنھنجي اباڻي ڳوٺ ڪيھر فقير لنجواڻي لڳ ڀٽ شاھ ۾ آھي.

امير علي فقير نظاماڻي (جنم: 1999ع)

فقير امير علي ولد فقير الله ڏنو نظاماڻي 1999ع ڌاري، ڳوٺ حيات خان نظاماڻي ۾ ڄائو. 2016ع ۾، فقير بشارت علي لنجواڻيءَ کان راڳ جي سکيا ورتائين ۽ درگاھ ڀٽ شاھ تي ڳائڻ جي شروعات ڪيائين. سندس والد فقير الله ڏنو نظاماڻي پڻ لطيفي راڳ ڳائيندو ھو.

فقير امير علي نظاماڻي، اڄڪلهہ (2018ع) ۾ خميس جي رات واريءَ جماعت ۾، فقير قمبر علي جلالاڻي، حاجن فقير نظاماڻي، فقير غلام محمد نظاماڻي ۽ ٻين سان گڏ ۽ آچر جي ڏينھن پھرين پھر (صبح 9 وڳي کان منجهند 2 وڳي تائين) واريءَ جماعت ۾، قمبر فقير جلالاڻي، فقير سائين بخش نظاماڻي، فقير بشارت علي لنجواڻي ۽ ٻين سان گڏجي ڳائيندو آھي.

فقير امير علي رسالي جي ٻين سُرن جي ڀيٽ ۾ سُرمعذوري سٺي نموني ڳائيندو آھي، درگاھ ڀٽ شاھ کان سواءِ شاھ ڪريم بُلڙيءَ واري جي درگاھ تي پڻ پنھنجي فن جو مظاھرو ڪري چڪو آھي. سندس رهائش، نيو لطيف ڪالوني، ڀٽ شاھ ۾ آھي.

انتظار حسين خاصخيلي (جنم: 1990ع)

فقير انتظار حسين ولد فقير گل محمد خاصخيلي 1990ع ڌاري ڀٽ شاھ جي شيخ پاڙي ۾ ڄائو. لطيفي راڳ سندس وڏڙن کان وراثت ۾ مليل آھي. سندس والد فقير گل محمد خاصخيلي درگاھ ڀٽ شاھ تي اڄڪلهہ نالي وارن راڳين ۾ شمار ٿئي ٿو. سندس ڏاڏو فقير مولابخش خاصخيلي ۽ نانو محرم فقيرخاصخيلي پڻ راڳي ھئا، ۽ سندس پڙ ڏاڏو ابراھيم فقير خاصخيلي درگاھ ڀٽ شاھ تي ٿيندڙ لطيفي راڳ جو اڳواڻ ھو.

فقير انتظار راڳ جي سکيا پنھنجي والد فقير گل محمد کان ورتي ۽ 2015ع کان درگاھ ڀٽ شاھ تي ڳائي ٿو. اڄڪلهہ (2018ع) آچر جي رات واريءَ جماعت ۾، فقير گل محمد خاصخيلي، کٻڙ فقير سومري، انور فقير خاصخيلي ۽ ٻين سان گڏجي ڳائيندو آھي، ٻين سرن جي ڀيٽ ۾ سُر کاھوڙي ڳائڻ ۾ مھارت اٿس، سندس رهائش، ڀٽ شاھ جي شيخ پاڙي ۾ آھي.

انور فقير خاصخيلي (جنم: 1968ع)

فقير انور خاصخيلي ولد ٺارو فقير خاصخيلي ڀٽ شاھ ۾ 1968ع ۾ ڄائو. 20 سالن جي عمر ۾ درگاھ تي راڳ ڳائڻ جي شروعات ڪيائين ۽ راڳ جي سکيا فقير گل محمد خاصخيليءَ کان ورتائين. سندس خاندان جي وڏڙن مان کٻڙ فقير، ابراھيم فقير، يعقوب فقير، محمد فقير، ٺارو فقير، شاھ لطيف جا سٺا راڳائي ليکيا وڃن ٿا. فقير انور، ڇنڇر جي ڏينھن واريءَ جماعت ۾، جُڙيل فقير لنجواڻي، قمبر فقير لنجواڻي، شاھنواز بڙدي ۽ ٻين سان صبح جو 9 وڳي کان شام جو 6 وڳي تائين گڏجي ڳائي ٿو. ھُو رسالي جي سُر مارئي ڳائڻ ۾ مھارت رکي ٿو. ملڪ جي مختلف شھرن، سرڪاري ۽ ثقافتي پروگرامن ۾ شاھ لطيف جو راڳ ڳائي ٿو. کيس مڃتا طور لطيف ايوارڊ پڻ ملي چڪو آھي. سندس مستقل رهائش شيخ محلي، ڀٽ شاھ تعلقي ھالا، ضلعي مٽياريءَ ۾ آھي.

بشارت علي فقير لنجواڻي (جنم: 1978ع)

فقير بشارت علي ولد واحد بخش لنجواڻي 1978ع ڌاري ڀٽ شاھ تي پيدا ٿيو. ھن راڳ جي سکيا پنھنجي ڀاءُ خان محمد کان 1993ع ۾ ورتي ۽ 1998ع کان 2002ع تائين درگاھ ڀٽ شاھ تي ڳائيندو رهيو. ان وچ ۾ يارهن سال ذاتي مصروفيتن سبب درگاھ ڀٽ شاھ تي ڳائڻ ڇڏي ڏنائين.

2013ع کان درگاھ ڀٽ شاھ تي، خميس جي رات واريءَ جماعت ۾، فقير قمبر علي جلالاڻي، حاجن فقير نظاماڻي، فقير غلام محمد نظاماڻي ۽ ٻين سان گڏ ۽ آچر جي ڏينھن، ٻن پھرن جو فقير قمبر علي جلالاڻي، فقير شاھنواز نظاماڻي، فقير منور لنجواڻي ۽ ٻين سان گڏ ڳائيندو اچي. ھُو بروو سنڌي وڏيءَ مھارت سان ڳائيندو آھي. درگاھ ڀٽ شاھ کان سواءِ، اسلام آباد، لاھور، ڪراچي، پاڪستان ٽيليويزن ڪراچي سينٽر، ريڊيو پاڪستان حيدرآباد ۽ پرڏيھ ۾ برازيل ۾ بہ پنھنجي فن جو مظاھرو ڪري چڪو آھي. پاڻ سنڌ يونيورسٽيءَ جي سياسيات جي شعبي ۾ اسسٽنٽ پروفيسر آھي.

ھن وقت (2018ع)، ڳوٺ ڪيھر فقير لنجواڻي لڳ ڀٽ شاھ، تعلقي ھالا، ضلعي مٽياريءَ ۾ رهي ٿو.

پير بخش ٿھيم (جنم: 1960ع)

فقير پير بخش ٿھيم، شاھ لطيف جي مشھور راڳائي فقير الله بخش ٿھيم جو پُٽ آھي. سندس جنم 1960ع ڌاري، ڳوٺ محمود ٿھيم ۾ ٿيو. سندس وڏڙن مان يعقوب فقير ۽ فقير الله بخش ٿھيم شاھ لطيف جا راڳي رهيا آھن.

فقير پير بخش راڳ جي سکيا، ڪامل فقير ٿھيم کان ورتي ۽ ھن وقت آچر ڏينھن جي پوئين پھر واريءَ جماعت ۾، شاھنواز فقير، فقير خان محمد چانڊئي، قربان کوسي ۽ ٻين سان گڏجي ڳائي ٿو. ٻين سرن جي ڀيٽ ۾ ھُو سُر مارئي ڳائڻ ۾ ماھر آھي. پاڻ راڳ جي سلسلي کي اڳتي وڌائڻ لاءِ پنھنجي پُٽ فداحسين کي پڻ راڳ جي سکيا ڏيئي رهيو آھي. کيس مڃتا طور حڪومت سنڌ جي ثقافت کاتي طرفان ھر مھيني وظيفو پڻ ملندو رهي ٿو. پاڻ ڪيترن ئي بزرگن جي درگاھن تي وڃي حاضري ڀري اُتي شاھ لطيف جو راڳ ڳائيندو آھي. ويھن سالن کان وٺي درگاھ ڀٽ شاھ تي سندس ڳائڻ جو سلسلو اڃا تائين وڏي جوش ۽ جذبي سان جاري آھي. پاڻ ڳوٺ محمود ٿھيم، تعلقي ھالا، ضلعي مٽياريءَ ۾ رهي ٿو.

جُڙيل فقير لنجواڻي (1943ع-2018ع)

جُڙيل فقير لنجواڻي، شاھ لطيف جي راڳ جي ڄاڻو جلال فقير لنجواڻيءَ جو پُٽ ھو. سندس جنم 1943ع۾، ڳوٺ ڪيھر لنجواڻيءَ ۾ ٿيو. ھن گهر مان ڪيترائي فقير شاھ لطيف جي راڳ جا سداملوڪ راڳي ٿي گذريا آھن، جن مان جلال فقير، ميرو فقير ۽ ڪيھر فقير اھم آھن. سندن وڏڙن جي ان راڳ ڳائڻ واري ورثي کي پونئير سنڀاليندا پيا اچن.

جڙيل فقير، ننڍپڻ کان ئي شاھ لطيف جي راڳ کان متاثر ھو، جو پنھنجن وڏڙن کي درگاھتي ڳائيندو ٻڌندو ھو. پاڻ اٺن سالن جي ننڍڙيءَ عمر ۾، راڳ ڳائڻ جي شروعات ڪيائين. راڳ جي سکيا، سندس پنھنجي گهر ۾، سندس والد جلال فقير جي نگرانيءَ ھيٺ ٿي ۽ تند جي سکيا سيد غلام شاھ کان ورتائين.

جڙيل فقير، سُر سنڌي بروو ڳائڻ ۾ مھارت رکندو ھو، راڳ جي سلسلي کي اڳتي وڌائڻ لاءِ پاڻ ڪيترائي شاگرد تيار ڪيائين، جيڪي ھن وقت مختلف جماعتن سان گڏجي ڳائين ٿا، جن ۾ جمن شاھ لطيفي، قمبر فقير، ذوالفقار علي شاھ، عطا حسين شاھ ۽ سندس فرزند شامل آھن.

جُڙيل فقير، وفات کان اڳ، ڇنڇر جي ڏينھن واري راڳ جي جماعت جو اڳواڻ ھو. سندس ساٿين ۾ قمبر فقير لنجواڻي، انور فقير خاصخيلي، شاھنواز بڙدي ۽ ٻيا شامل ھئا. سندن ڳائڻ جو وقت صبح جو 9 کان شام 6 وڳي تائين ھو. جُڙيل فقير، درگاھ کان علاوہ، ريڊيو پاڪستان ڪراچي، حيدرآباد ۽ پاڪستان ٽيليويزن تي پڻ شاھ لطيف جو راڳ ڳائيندو رهيو. پاڻ جماعت سان گڏجي، ترڪي، فرانس، بيلجيم ۽ اسپين ۾ شاھ لطيف جو راڳ پيش ڪري چڪو ھو. کيس مڃتا طور حڪومت طرفان ’شاھ لطيف ايوارڊ‘ پڻ مليو. جڙيل فقير 2018ع ۾، سيپٽمبر ۾ وفات ڪئي. سندس لاڏاڻي سان شاھ جي راڳ کي وڏو نقصان ٿيو. ھو تند جو ماھر ڪاريگر ھو. جڙيل فقير جھڙن راڳي فقيرن شاھ جي راڳ ۽ تند ۾ ھڪ انوکو انداز پيدا ڪيو ھو. جڙيل فقير جي وفات کان پوءِ، درگاھ تي سندس تند اڄ بہ ياد ڪئي ويندي آھي. سندس قبر، ڳوٺ ڪيھر فقير لنجواڻي ۾ آھي.

جلال فقير لنجواڻي (1927ع - 1990ع)

جلال فقير ولد جُڙيل فقير ذات جو لنجواڻي ھو. سندس جنم ڳوٺ ڪيھر فقير لنجواڻيءَ ۾ 1927ع ۾ ٿيو. سندس وڏڙن مان ڪيترائي شاھ لطيف جا راڳي ٿي گذريا آھن، جن نہ رڳو شاھ لطيف جو راڳ ڳايو، پر درگاھ تي راڳ جي اڳواڻي پڻ ڪئي. سندس بزرگن مان ڪيھر فقير لنجواڻي، ميرو فقير لنجواڻي ۽ جُڙيل فقير لنجواڻيءَ جا نالا ملن ٿا ۽ ھن وقت درگاھ تي سندس پُٽ، جُڙيل فقير ۽ ڀائٽيو، قربان فقير راڳ جي خانداني روايت کي زندھ رکڻ لاءِ ڳائيندا پيا اچن.

جلال فقير، 17 سالن جي عمر ۾ شاھ لطيف جو راڳ ڳائڻ جي شروعات ڪئي، راڳ ۾ سندس تربيت، سيد غلام شاھ ۽ ميرو فقير لنجواڻيءَ ڪئي. پاڻ پھرين سومر جي رات ۽ پوءِ وفات تائين جمعي جي رات راڳ واريءَ جماعت سان گڏجي ڳائيندو ھو. سُر حسيني ڳائڻ ۾ اھڙو ماھر ھو، جو ڳائيندو ھو تہ ٻڌندڙن کي موهي وجهندو ھو. جلال فقير، شاھ لطيف جي درگاھ جو پھريون راڳائي فقير ھو، جنھن کي مڃتا طور ھر مھيني سنڌ حڪومت طرفان وظيفو ملڻ شروع ٿيو، جنھن کان پوءِ ٻين راڳي فقيرن کي پڻ وظيفو ملڻ لڳو. زندگيءَ جا 46 سال شاھ لطيف جي راڳ کي ارپي، 63 سالن جي عمر ۾، 1990ع ڌاري وفات ڪيائين. کيس پنھنجي اباڻي ڳوٺ، ڪيھر فقير لنجواڻيءَ واري قبرستان ۾ دفنايو ويو.

جمال فقير ميربحر (1935ع - 1980ع)

جمال فقير جو تعلق شاھ لطيف جي راڳائي فقيرن جي گهراڻي سان ھو. سندس والد، ساجن فقير پڻ شاھ لطيف جو سدا ملوڪ راڳي ھو. جمال فقير، 1935ع ۾، ٻگهيا محلي ۾ ڄائو ۽ پندرهن سالن جي عمر ۾ راڳ ڳائڻ جي شروعات ڪيائين. راڳ جي سکيا کيس پنھنجي والد کان ملي. ڇنڇر رات، راڳ واريءَ جماعت ۾، جيوڻ فقير خاصخيلي، مولابخش ۽ قربان فقير سان گڏجي ڳائيندو ھو.

جمال فقير، وڏي رس وارو راڳي ھو ۽ سُر سارنگ ڳائڻ ۾ برک ھو. پاڻ درگاھ کان علاوہ، ريڊيو پاڪستان حيدرآباد ۽ پاڪستان ٽيليويزن ڪراچي تي شاھ لطيف جو راڳ پيش ڪيائين. سندس وفات، 1980ع ڌاري ٿي ۽ کيس شھيد يعقوب فقير جي قبرستان ۾ دفنايو ويو. جمال فقير پنھنجي حياتيءَ جا 30 سال درگاھ تي شاھ لطيف جو راڳ ڳائيندي گذاريا.

جمن فقير لنجواڻي (جنم: 1957ع)

جمن فقير ولد نھال فقير لنجواڻي، 1957ع ڌاري ڳوٺ ڪيھر فقير لنجواڻي لڳ ڀٽ شاھ ۾ ڄائو. سندس وڏڙن مان جلال فقير ۽ ڪيھر فقير لنجواڻي شاھ لطيف جي راڳ جا ناليوارا راڳي فقير ٿي گذريا آھن. پاڻ راڳ جي سکيا قربان فقير لنجواڻيءَ کان ورتائين ۽ ٻاويھ سالن جي عمر کان درگاھ ڀٽ شاھ تي راڳ ڳائڻ جي شروعات ڪيائين. پھرين ڇنڇر جي رات ڳائيندو ھو، پر گذريل ٻارهن سالن کان، ھن وقت (2018ع) تائين سومر ڏينھن پھرين پھر (صبح 9 وڳي کان منجهند 2 وڳي تائين) واريءَ جماعت ۾، سيد شفقت حسين شاھ، فقير امير علي لنجواڻي، فقير غلام عباس رند ۽ ٻين سان گڏجي ڳائيندو آھي.

پاڻ درگاھ ڀٽ شاھ کان سواءِ، پاڪستان ٽيليويزن اسلام آباد ۽ سنڌ جي مختلف شھرن، موري، سکر ۽ گهوٽڪيءَ ۾ شاھ جو راڳ ڳائي، داد وصول ڪري چڪو آھي. سندس رهائش، اباڻي ڳوٺ ڪيھر فقير لنجواڻي لڳ ڀٽ شاھ ۾ آھي.

جواڻ فقير ڇڄڙو (جنم: 1950ع)

جواڻ فقير ولد واحد بخش ڇڄڙو 1950ع ڌاري ڳوٺ گاھي خان ڇڄڙي ۾ ڄائو. سندس بزرگن مان فضل فقير ڇڄڙو رس وارو راڳي ٿي گذريو آھي. جواڻ فقير، راڳ جي سکيا، جُڙيل فقير لنجواڻيءَ کان ورتي ۽ 30 سالن جي عمر ۾ درگاھ تي راڳ ڳائڻ جي شروعات ڪيائين، پھرين درگاھ ڀٽ شاھ تي مختلف راتين ۾ ڳايائين، پر اڄڪلهہ (2018ع) جمعي جي رات واريءَ جماعت ۾، سيد جمن شاھ جي اڳواڻيءَ ۾، فقير قادر بخش خاصخيلي، فقير گل محمد خاصخيلي ۽ ٻين سان گڏجي ڳائي ٿو، انهيءَ کان علاوہ، جواڻ فقير ڇنڇر جي رات واريءَ جماعت جي اڳواڻي ڪندو آھي. سندس جماعت ۾، ڏھ فقير گڏ راڳ ڳائيندا آھن، جن ۾ مهدي حسن لنجواڻي، مختيار سنديلو، قائم فقير لنجواڻي شامل آھن. رسالي جي سُر سامونڊي ڳائڻ ۾ وڏو ماھر آھي.

جواڻ فقير، ملڪ جي مختلف شھرن اسلام آباد، ڪراچي ۽ لاھور وغيرہ ۾، شاھ لطيف جو راڳ ڳائي پاڻ موکيو آھي. کيس درگاھ تي ڳائيندي 37 سال ٿي چڪا آھن. ڳائڻ کان علاوہ، پاڻ راڳ جي سکيا بہ ڏئي ٿو. سندس شاگردن ۾، مختيار سنديلو وڏي رس وارو راڳي آھي. ھو اڱاري واري ڏينھن، پوئين پھر (2 وڳي منجهند کان 6 وڳي شام) راڳ واريءَ جماعت جي اڳواڻي ڪري ٿو. پاڻ اڄڪلهہ (2018ع) پنھنجي اباڻي ڳوٺ، گاھي خان ڇڄڙي لڳ ڀٽ شاھ، تعلقي ھالا، ضلعي مٽياريءَ ۾ رهي ٿو.

جيوڻ فقير خاصخيلي (1925ع-1985ع)

جيوڻ فقير ولد زوار فقير خاصخيليءَ جو جنم، ڀٽ شاھ ۾ 1925ع ڌاري ٿيو. سندس وڏن بزرگن مان ابراھيم فقير خاصخيلي وڏي وس وارو راڳي ٿي گذريو آھي، ۽ کٻڙ فقير 90 سالن جي عمر ۾ بہ اربع جي رات راڳ واريءَ جماعت سان گڏجي ڳائيندو ھو. ھن پنھنجن وڏڙن جي روايت کي اڳتي وڌائيندي، 20 سالن جي عمر ۾، راڳ ڳائڻ جي شروعات ڪئي. کيس سندس پيءُ، راڳ جي سکيا لاءِ پير غلام شاھ جي نگرانيءَ ھيٺ ڇڏيو، جتي پاڻ شاھ لطيف جي راڳ جي مڪمل سکيا ورتائين ۽ علم کي ورهائڻ لاءِ پاڻ ڪيترائي شاگرد تيار ڪيائين، جيڪي راڳ جي مختلف جماعتن سان ڳائين ٿا.

جيوڻ فقير، ڇنڇر جي رات واريءَ جماعت ۾، قربان فقير لنجواڻي، مولابخش فقير ۽ جڙيل فقير سان گڏجي ڳائيندو ھو. سُر مارئي، سُر ديسي، سُر معذوري ڳائڻ ۾ وڏو ماھر ھو. درگاھ ڀٽ شاھ کان علاوہ، درگاھ شاھ ڪريم تي بہ شاھ لطيف جو راڳ ڳائيندو ھو، ۽ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد اسٽيشن تي پڻ شاھ لطيف جو راڳ پيش ڪري چڪو ھو. سندس وفات، 1985ع ڌاري ٿي. کيس ڪوٽڙيءَ جي نٿو شاھ قبرستان ۾ دفنايو ويو. درگاھ تي سندس ڳائڻ جو عرصو چاليھ سال رهيو.

حاجن فقير نظاماڻي (جنم: 1979ع)

شير محمد عرف حاجن فقير نظاماڻي ولد غلام حيدر نظاماڻي، 1979ع ڌاري ڳوٺ حيات خان نظاماڻيءَ ۾ پيدا ٿيو. سندس تعلق شاھ لطيف جي راڳائي فقيرن جي گهراڻي سان آھي. وڏڙن مان سندس والد فقير غلام حيدر درگاھ تي راڳ ڳائيندو ھو. پاڻ راڳ جي سکيا پنھنجي پيءُ کان ورتائين ۽ ڏهن سالن کان وٺي، خميس جي رات راڳ واريءَ جماعت ۾، فقير قمبر علي جلالاڻي، غلام محمد نظاماڻي، ڍول فقير نظاماڻي ۽ ٻين سان گڏجي ڳائي ٿو. سُربلاول ڳائڻ ۾ مھارت رکي ٿو. پاڻ راڳ جي حوالي سان مضمون پڻ لکندو آھي، ۽ دنبوري تي ھڪ تحقيقي مقالو پڻ لکيل اٿس.

حاجن فقير، درگاھ کان علاوہ، ذوالحج ۽ رمضان جي عيدن تي پنھنجي ڳوٺ ۾ راڳ جون محفلون مچائيندو ۽ رسمون ادا ڪرائيندو آھي. ريڊيو ۽ ٽي. وي. تي پڻ شاھ لطيف جو راڳ پيش ڪري چڪو آھي. سندس ڳائڻ جو سلسلو اڃا تائين جاري آھي. سندس مستقل رهائش حيات خان نظاماڻي لڳ ڀٽ شاھ، تعلقي ھالا، ضلعي مٽياريءَ ۾ آھي.

حسين بخش فقير نظاماڻي (جنم: 1957ع)

فقير حسين بخش ولد فقير دلبر خان نظاماڻيءَ جو جنم، 1957ع ڌاري ڳوٺ نظر علي خان نظاماڻي، تعلقي سنجهوري، ضلعي سانگهڙ ۾ ٿيو. حسين بخش فقير، راڳ جي سکيا فقير الله ڏني نظاماڻيءَ کان حاصل ڪئي ۽ 2013ع کان درگاھ ڀٽ شاھ تي ڳائڻ شروع ڪيائين. اڄڪلھ، خميس جي رات واريءَ جماعت ۾، فقير قمبر علي جلالاڻي، حاجن فقير نظاماڻي، فقير سوڀي خاصخيلي ۽ ٻين سان گڏ ڳائيندو آھي. درگاھ ڀٽ شاھ کان سواءِ، شاھ لطيف جي واگهين جي ڀٽ واري تڪيي تي پڻ جمعي جي رات ٿيندڙ راڳ جي جماعت ۾، اڪثر ڳائيندو آھي. سندس رهائش، پنھنجي اباڻي ڳوٺ نظر علي خان نظاماڻي ۾ آھي.

خالق ڏنو فقير لنجواڻي (جنم: 1999ع)

فقير خالق ڏنو ولد جڙيل فقير لنجواڻي، 1999ع ۾، ڳوٺ ڪيھر فقير لنجواڻي لڳ ڀٽ شاھ ۾ ڄائو. سندس وڏڙن مان سندس والد جڙيل فقير ۽ چاچو قمبر فقير لنجواڻي گذريل ڪيترن ئي سالن کان درگاھ ڀٽ شاھ تي ڳائيندا اچن.

خالق ڏني فقير کي، راڳ خانداني ورثي ۾ مليو ۽ اٺن سالن جي عمر ۾ پنھنجي والد کان راڳ جي سکيا وٺڻ جي شروعات ڪيائين. درگاھ ڀٽ شاھ تي، 2015ع کان لطيفي سُر آلاپي ٿو. اڄڪلهہ اڱاري واري ڏينھن پھرين پھر (صبح 9 وڳي کان منجهند 2 وڳي تائين) واريءَ جماعت ۾، جُڙيل فقير لنجواڻي، سيد ماجد علي شاھ، فقير معشوق علي ملوکاڻي ۽ ٻين سان گڏجي ڳائي ٿو.

درگاھ ڀٽ شاھ کان علاوہ، ايف. ايم. ريڊيو اسٽيشن ڀٽ شاھ تي پڻ پنھنجي فن جو مظاھرو ڪندو رهندو آھي. سندس رهائش، پنھنجي اباڻي ڳوٺ، ڪيھر فقير لنجواڻيءَ لڳ ڀٽ شاھ ۾ آھي.

خان محمد فقير چانڊيو (جنم: 1945ع)

فقير خان محمد چانڊيو، شاھ لطيف جي راڳي فقير عرس چانڊيي جو پُٽ آھي. سندس جنم، 1945ع ڌاري ڳوٺ ڪڙيي گهنور ۾ ٿيو. وڏڙن مان سندس پيءُ، شاھ لطيف جو راڳي ھو، جو درگاھ محمد حسن شاھ تجر واري تي شاھ لطيف جو راڳ ڳائيندو ھو. فقير خان محمد 25 سالن جي عمر ۾ راڳ ڳائڻ جي شروعات ڪئي ۽ راڳ جي سکيا، سائين غلام شاھ کان ورتائين. فقير خان محمد چانڊيو اڄڪلهہ (2018ع) جمعي جي ڏينھن پوئين پھر (اڍائي وڳي منجهند کان 6 وڳي شام) واريءَ جماعت جي اڳواڻي ڪندو آھي ۽ سندس ساٿين ۾ منٺار فقير جوڻيجو، صوف فقير خاصخيلي، وريام فقير خاصخيلي ۽ ٻيا شامل آھن. فقير خان محمد، آچر واري ڏينھن، پوئين پھر واريءَ جماعت ۾، فقير شاھنواز نظاماڻي، فقير بشارت علي لنجواڻي، منور فقير لنجواڻي ۽ ٻين سان گڏجي ڳائي ٿو. رسالي جي ٻين سُرن جي ڀيٽ ۾، سُر مارئي ڳائڻ ۾ ماھر آھي. پاڻ دنيا جي مختلف مُلڪن ۾ شاھ لطيف جو راڳ پيش ڪري چڪو آھي، جن ۾ آمريڪا، برطانيا، جرمني، ھالينڊ ۽ فرانس وغيرہ شامل آھن. ان کان علاوہ، ملڪ جي مختلف شھرن ۾ پڻ شاھ لطيف جو راڳ ڳائيندو رهيو آھي، کيس مڃتا طور ’شاھ لطيف ايوارڊ‘ بہ مليو آھي. سندس رهائش، فقير ڪالوني ڀٽ شاھ، تعلقي ھالا، ضلعي مٽياريءَ ۾ آھي.

خان محمد فقير لنجواڻي (1960ع - 2012ع)

فقير خان محمد ولد واحد بخش لنجواڻي، 1960ع ڌاري ڳوٺ ڪيھر فقير لنجواڻي لڳ ڀٽ شاھ ۾ ڄائو. ٽيھن ورهين جي ڄمار ۾ اُستاد قربان فقير لنجواڻيءَ کان راڳ جي سکيا ورتائين ۽ درگاھ ڀٽ شاھ تي، خميس جي ڏينھن سيد سجاد علي شاھ، ڪامل فقير ٿھيم ۽ ٻين سان گڏ ۽ اڱاري واري رات، سيد گدا حسين شاھ، ربو فقير جوڻيجو ۽ لعل محمد خاصخيليءَ سان گڏجي ڳائيندو ھو. ٻين سرن جي ڀيٽ ۾، سُر پورب نھايت ئي مھارت سان ڳائيندو ھو. ڀٽ شاھ کان سواءِ، آمريڪا ۾ بہ پنھنجي فن جو مظاھرو ڪري چڪو ھو، ۽ ريڊيو ۽ ٽي. وي. تي پڻ لطيفي راڳ پيش ڪندو رهندو آھي. فقير خان محمد، ڀٽ شاھ کان ڳوٺ ويندي 2012ع ۾، ڦورن ھٿان قتل ٿيو. سندس آخري آرامگاھ ڳوٺ ڪيھر فقير لنجواڻيءَ جي مقام ۾ آھي.

دائم فقير نظاماڻي (جنم: 1953ع)

فقير دائم ولد لعل محمد نظاماڻي، 1953ع ڌاري ڳوٺ جمال خان نظاماڻيءَ ۾ ڄائو. راڳ جي سکيا فقير جان محمد نظاماڻيءَ کان ورتائين. درگاھ ڀٽ شاھ تي 25 سالن جي ڄمار ۾ ڳائڻ جي شروعات ڪيائين.

اڄڪلهہ اڱاري واري ڏينھن، پوئين پھر (منجهند 2 وڳي کان شام 6 وڳي تائين) واريءَ جماعت ۾، فقير مختيار علي سنديلي، فقير قائم علي لنجواڻي، رحمت فقير لنجواڻي ۽ ٻين سان گڏجي ڳائيندو آھي. درگاھ ڀٽ شاھ تي ڳائيندي کيس 40 سال گذريا آھن. ٻين سُرن جي ڀيٽ ۾ ھُو، سُر ڪوهياري ڳائڻ ۾ مھارت رکي ٿو. سندس رهائش، ڳوٺ جمال خان نظاماڻي، يونين ڪائونسل ڪرم خان نظاماڻي، تعلقي ھالا، ضلعي مٽياريءَ ۾ آھي.

دلاور فقير لنجواڻي (جنم: 2001ع)

فقير دلاور ولد غلام نبي لنجواڻي، 2001ع ۾، ڳوٺ ڪيھر فقير لنجواڻي لڳ ڀٽ شاھ ۾ ڄائو. ٻارنھن سالن جي ننڍي عمر ۾ راڳ جي سکيا وٺڻ جي شروعات ڪيائين. گذريل ٻن سالن کان درگاھ ڀٽ شاھ تي ڳائيندو آھي. سندس وڏڙن مان، دلاور فقير (ڏاڏو) ۽ آڍو فقير (پڙ ڏاڏو) شاھ جا راڳي فقير ھئا. دلاور فقير اڄڪلهہ (2018ع) درگاھ ڀٽ شاھ تي، ڇنڇر جي ڏينھن (صبح 9 وڳي کان شام 6 وڳي تائين) واريءَ جماعت ۾، قمبر فقير لنجواڻي، انور فقير خاصخيلي، جڙيل فقير لنجواڻي ۽ ٻين سان گڏجي ڳائيندو آھي.

دلاور فقير، اسڪول ۾ پڙهڻ دوران ئي ھالا ۾ رٿيل پروگرام ۾ لطيفي راڳ پيش ڪري ’لطيف شناسي ايوارڊ‘ حاصل ڪري چڪو آھي. ان کان سواءِ، ھالا، مٽياري ۽ گهوٽڪيءَ ۾ مختلف پروگرامن ۾ لطيفي راڳ ڳائي داد وصول ڪري چڪو آھي. 2017ع ۾، پاڪستان ٽيليويزن ڪراچي سينٽر ۾ پنھنجيءَ جماعت سان گڏ راڳ ڳائي چڪو آھي. سندس رهائش، پنھنجي اباڻي ڳوٺ، ڪيھر فقير لنجواڻي، لڳ ڀٽ شاھ ۾ آھي.

ڍول فقير نظاماڻي (جنم: 1970ع)

ڍول فقير ولد سائين بخش نظاماڻيءَ جو جنم، 1970ع ڌاري ڳوٺ حيات خان نظاماڻيءَ ۾ ٿيو. راڳ جي سکيا، نادر فقير لنجواڻيءَ کان ورتائين. 1985ع کان درگاھ تي راڳ ڳائڻ جي شروعات ڪيائين. اڄڪلهہ (2018ع)، ڇنڇر جي رات واريءَ جماعت ۾، فقير قمبر علي جلالاڻي، حاجن فقير نظاماڻي، فقير غلام محمد نظاماڻي ۽ ٻين سان گڏجي ڳائيندو آھي.

ڍول فقير، گذريل 32 سالن کان درگاھ تي ڳائي ٿو ۽ رسالي جي سُر مومل راڻي ۽ مارئيءَ کي مھارت سان ڳائيندو آھي. ھن وقت ڳوٺ حيات خان نظاماڻيءَ لڳ ڀٽ شاھ، تعلقي ھالا، ضلعي مٽياريءَ ۾ رهي ٿو.

راڻو فقير جوڻيجو (جنم: 1958ع)

راڻو فقير جوڻيجو ولد الله ورايو جوڻيجو، ڳوٺ وسي مراد شاھ ۾ 1958ع ڌاري پيدا ٿيو. سندس وڏن بزرگن مان، ميون اسماعيل جوڻيجو (بڪيرا شريف جو ويٺل) شاھ لطيف جو راڳي ھو. گل محمد پھوڙ جي شاگرديءَ ھيٺ، شاھ لطيف جي راڳ جي سکيا ورتائين. راڻي فقير، 20 سالن جي عمر ۾، 1978ع ۾ راڳ ڳائڻ جي شروعات ڪئي ۽ 2015ع کان درگاھ تي راڳ نہ ٿو ڳائي. 2015ع کان اڳ، آچر واريءَ رات راڳ واريءَ جماعت ۾، رحيم ڏني فقير، ڪامل فقير، ھوت فقير، اسماعيل فقير سان گڏجي ڳائيندو ھو. ٽِيپَ واري سُرن ۾ ڏاڍي رچاءَ ۽ ٽڪاءُ سان ڳائيندو آھي. يعني مٿين سُرن ۾ ايڏو تہ رچي ڳائيندو آھي، جو ٻڌندڙن تي ھڪ پُراسرار ڪيفيت طاري ڪري ڇڏي ٿو. اڄڪلهہ (2018ع)، درگاھ تي ڪونہ ٿو ڳائي پر گل محمد خاصخيليءَ سان گڏ، مختلف پروگرامن ۾ وڃي ڳائيندو آھي. راڻو فقير، ملڪ جي مختلف شھرن کان سواءِ، جرمني، آسٽريا، آسٽريليا، فرانس، انگلئنڊ ۾ پڻ شاھ لطيف جو راڳ ڳائي داد حاصل ڪري چڪو آھي. ان کان علاوہ، پاڻ ڀٽ شاھ F.M. اسٽيشن ۽ پاڪستان ٽيليويزن ڪراچي ۾ ڪيترائي ڀيرا ڳائي چڪو آھي. ھن وقت فقير ڪالوني ڀٽ شاھ، تعلقي ھالا، ضلعي مٽياريءَ ۾ رهي ٿو.

رحمت فقير لنجواڻي (جنم: 1996ع)

فقير رحم ولد نواب لنجواڻي 1996ع ڌاري ڳوٺ ڪيھر فقير لنجواڻي لڳ ڀٽ شاھ ۾ ڄائو. سندس وڏڙن مان غلام رسول فقير، عزت فقير ۽ خان محمد فقير درگاھ تي راڳ ڳائيندا ھئا. رحمت فقير 2010ع ۾، جڙيل فقير کان راڳ جي سکيا وٺڻ شروع ڪئي ۽ 2012ع ۾، درگاھ ڀٽ شاھ تي راڳ ڳائڻ شروع ڪيائين.

پاڻ اڄڪلهہ درگاھ تي اڱاري جي ڏينھن، پوئين پھر (منجهند 2 وڳي کان شام 6 وڳي تائين) واريءَ جماعت ۾، فقير مختيار سنديلي، فقير قائم علي لنجواڻي ۽ ٻين سان گڏ، ۽ آچر جي ڏينھن پھرين پھر (صبح 9 وڳي کان منجهند 2 وڳي تائين) واريءَ جماعت ۾، فقير بشارت علي لنجواڻي، فقير قمبر جلالاڻي ۽ ٻين سان گڏجي ڳائيندو آھي.

درگاھ ڀٽ شاھ کان علاوہ، ڪراچي، مورو ۽ شهدادپور ۾ راڳ ڳائي داد وصول ڪري چڪو آھي. سندس رهائش، پنھنجي اباڻي ڳوٺ، ڪيھر فقير لنجواڻي، لڳ ڀٽ شاھ ۾ آھي.

رحيم ڏنو جوڻيجو (جنم: 1974ع)

فقير رحيم ڏنو جوڻيجو ولد الله ورايو جوڻيجو ڳوٺ وسي مراد شاھ ۾، 1974ع ۾ ڄائو. پاڻ راڳ جي شروعات 1995ع کان ڪيائين ۽ راڳ جي سکيا گل محمد پھوڙ کان ورتائين. سندس گهراڻي مان ڀائر، راڻو فقير، ربو فقير بہ شاھ لطيف جو راڳ ڳائين ٿا.

فقير رحيم ڏنو جوڻيجو اڄڪلهہ (2018ع) ۾ ٽن جماعتن ۾ ڳائي ٿو، ھڪ جمعي رات، سيد جمن شاھ، فقير قادر بخش خاصخيلي، فقير گل محمد خاصخيلي ۽ ٻين سان گڏجي ڳائي ٿو، ٻي آچر جي رات واريءَ جماعت ۾، فقير گل محمد خاصخيلي، کٻڙ فقير سومري، انور فقير خاصخيلي ۽ ٻين سان گڏجي ڳائي ٿو. ٽين اربع ڏينھن (صبح 9 وڳي کان شام 6 وڳي تائين) واريءَ جماعت ۾، فقير گل محمد پھوڙ، منٺار فقير جوڻيجي، وريام فقير خاصخيلي ۽ ٻين سان گڏجي ڳائي ٿو. ٻين سرن جي ڀيٽ ۾، سُر مارئي ڳائڻ ۾ مھارت رکي ٿو. پاڻ ھن وقت تائين ملڪ جي مختلف شھرن کان سواءِ پرڏيھ ۾ فرانس، اسپين، جرمني، آسٽريا، ھالينڊ، انگلينڊ، آسٽريليا، آمريڪا ۽ انڊيا ۾ شاھ لطيف جو راڳ ڳائي چڪو آھي. سندس مستقل رهائش ڳوٺ وسي مراد شاھ، تعلقي ھالا، ضلعي مٽياريءَ ۾ آھي.

رسول بخش تمراڻي (جنم: 1960ع)

فقير رسول بخش ولد احمد فقير تمراڻيءَ جو جنم، 1960ع ڌاري ڳوٺ لائق ڏني تمراڻيءَ ۾ ٿيو. راڳ جو شوق کيس ننڍپڻ کان ھو، ڇو جو سندس خاندان مان ڪيترائي وڏڙا شاھ لطيف جا راڳي رهيا آھن. جن ۾ لائق ڏنو فقير، ميھار فقير ۽ الله بچايو فقير شامل آھن. مٿس وڏن جي صحبت جو اثر پيو ۽ پاڻ بہ ھٿ ۾ دنبورو کڻي لطيفي لات تنوارڻ لڳو. اھڙيءَ ريت پاڻ پندرهن سالن جي عمر کان درگاھ تي راڳ ڳائڻ لڳو. راڳ جي سکيا پنھنجي والد احمد فقير کان ورتائين. درگاھ تي، 40 سال (1975ع کان 2015ع) تائين ڳايائين.

فقير رسول بخش 2015ع کان اڳ، سومر جي رات راڳ واريءَ جماعت جي اڳواڻ، فقير مير حسن تمراڻيءَ جي اڳواڻيءَ ھيٺ، سائين بخش ٿھيم، غلام حيدر تمراڻي، رسول بخش تمراڻي ۽ جواڻ فقير ڇڄڙي سان گڏجي ڳائيندو ھو. 2015ع کان پوءِ، اوطاق تي ھر جمعي جي رات تي ڳائي ٿو. کيس راڳ جي چڱي ڄاڻ آھي، پاڻ سُر بلاول ڳائڻ جو سٺو ماھر آھي. اڄڪلهہ (2018ع) پنھنجي اباڻي ڳوٺ لائق ڏني فقير، لڳ ڀٽ شاھ، تعلقي ھالا، ضلعي مٽياري ۾ رهائش پذير آھي.

رسول ڏنو جوڻيجو عرف منٺار فقير (جنم: 1964ع)

فقير رسول ڏنو جوڻيجو عرف منٺار فقير ولد محمد سليمان جوڻيجو، ڳوٺ وسي مراد شاھ ۾، 1964ع ڌاري جنم ورتو. پاڻ، 15 سالن جي عمر کان شاھ لطيف جي راڳ ڳائڻ جي شروعات ڪيائين، ۽ راڳ جي سکيا، گُل محمد پَھوڙ کان ورتائين. سندس بزرگن مان، اسماعيل فقير جوڻيجو، شاھ لطيف جي راڳ جو وڏو ڄاڻو راڳي ٿي گذريو آھي. منٺار فقير درگاھ ڀٽ شاھ تي ٽن جماعتن، ھڪ سومر ڏينھن پوئين پھر (2 وڳي کان شام 6 وڳي)، ٻيو اربع ڏينھن (صبح 9 وڳي کان شام 6 وڳي)، ٽيون جمعي ڏينھن پوئين پھر (منجهند اڍائي وڳي کان شام 6 وڳي تائين) ڳائيندو آھي.

منٺار فقير، 38 سالن کان نہ رڳو درگاھ تي شاھ لطيف جو راڳ ڳائي ٿو، پر راڳ جو جيڪو علم پنھنجي استاد کان سکيائين، سو ٻين ۾ ورهائي ٿو. شاھ لطيف جي راڳ کي عام ۾ پکيڙڻ لاءِ، پنھنجو اھم ڪردار ادا ڪري رهيو آھي. سندس شاگردن ۾، سيد ممتاز علي شاھ ۽ سندس پٽ، فقير عنايت علي جوڻيجو، اڄڪلهہ (2018ع) درگاھ ڀٽ شاھ تي راڳ ڳائيندا آھن. انهن کان علاوہ، ڪيترائي ٻيا شاگرد ۽ شاگردياڻيون پيدا ڪيون اٿس، جن ۾ محترمہ پي لنگ ھانگ (Pei-Ling Haung) جيڪا ھارورڊ يونيورسٽي (Harvard University) ۾ پي. ايڇ. ڊي جي شاگردياڻي آھي، ۽ ٻي فاطمہ بتول ولد مسعود لوہار، جيڪا اصل بدين جي آھي، پر اڄڪلهہ (2018ع) حيدرآباد ۾ رہندي آھي، ۽ مہراڻ انجينيئرنگ يونيورسٽي ڄام شورو ۾ پي. ايڇ. ڊي جي شاگردياڻي آھي.

انہن سان گڏوگڏ منٺار فقير پنھنجن ٻن نياڻين غلام سڪينہ ۽ صابرہ کي پڻ راڳ جي سکيا ڏني آھي، جيڪي گذريل ٽن سالن کان، مختلف پروگرامن ۾، لطيفي راڳ ڳائينديون آھن. انہن شاگردياڻين کان علاوہ، منٺار فقير جو ھڪ ٻيو شاگرد وويڪ ويراني (Vivek Verani) آھي، جنھن جو تعلق ھندستان سان آھي، جيڪو اُتر ٽيڪساس (North Texas) جي يونيورسٽيءَ ۾، ثقافتي موسيقي (Ethnomusicology) جو اسسٽنٽ پروفيسر آھي. وويڪ صرف، ٻہ ڏينھن ۽ ٻہ راتيون ڀٽ شاھ تي تربيت ورتي. ان کان پوءِ، منٺار فقير کيس واٽس ائپ (انٽرنيٽ) ذريعي سکيا ڏيندو آھي. اھڙو ھڪ ٻيو شاگرد جنھن سان منٺار فقير جي آمهون سامهون ملاقات پڻ ناھي ٿي، پر واٽس اپ (انٽرنيٽ) ذريعي راڳ جي سکيا وٺي رہيو آھي. سندس نالو برائن بانڊ (Brian Band) آھي. ھو نيويارڪ يونيورسٽيءَ ۾، موسيقيءَ تي پي. ايڇ. ڊي ڪري رہيو آھي.

منٺار فقير پرڏيھ ۾، لنڊن، آسٽريا ۽ سعودي عرب ۾ شاھ لطيف جو راڳ ڳائي مڃتا ماڻي چڪو آھي ۽ ان کان علاوہ، اسلامآباد، ريڊيو ۽ ٽي. وي. تي پڻ مختلف وقتن ۾ شاھ لطيف جو راڳ پيش ڪري چڪو آھي.

منٺار فقير، لطيفي راڳ ڳائڻ کان علاوہ، دنبورا ٺاھڻ ۾ پڻ وڏي مھارت رکي ٿو. دنبوري ٺاھڻ جي تربيت، شروع ۾، مرحوم خان محمد لنجواڻي ۽ پوءِ سيد گدا حسين شاھ کان ورتائين. ھيل تائين (2018ع تائين). 300 کان وڌيڪ دنبورا ٺاھيا اٿس، جن جون دنيا جي مختلف ملڪن ۾ لطيفي راڳ تي تندون تنواريون وڃن ٿيون. پاڻ ان ھنر کي اڳتي وڌائڻ لاءِ پنھنجي ٽن پٽن کي دنبوري ٺاھڻ جي سکيا پڻ ڏيندو رہندو آھي. پاڻ فقير ڪالوني، ڀٽ شاھ، تعلقي ھالا، ضلعي مٽياريءَ ۾ رہي ٿو. (نوٽ: منٺار فقير کان ورتل انٽرويو جي آڌار تي)

رفاقت فقير لنجواڻي (جنم: 2002ع)

فقير رفاقت علي ولد لياقت علي لنجواڻي، 2002ع ڌاري ڳوٺ ڪيھر فقير لنجواڻي، لڳ ڀٽ شاھ ۾ ڄائو. راڳ جي سکيا پنھنجي والد لياقت فقير لنجواڻيءَ کان ورتائين. ننڍپڻ کان راڳ جو شوق ھئس، گذريل چئن سالن کان راڳ جي سکيا وٺي ٿو ۽ گذريل ڇھن مہينن کان درگاھ ڀٽ شاھ تي ڳائي ٿو. اڄڪلهہ (2018ع)، سومر جي ڏينھن، پھرين پھر (صبح 9 وڳي کان منجهند 2 وڳي تائين) واريءَ جماعت ۾، جمن فقير لنجواڻي، فقير غلام عباس رند، فقير گل شير لنجواڻي ۽ ٻين سان گڏجي ڳائيندو آھي.

رفاقت فقير، ننڍپڻ کان اسڪول جي سطح تي مختلف پروگرامن ۾ شاھ جو راڳ ڳائي داد وصول ڪري چڪو آھي، 2017ع ۾، شاھ جو باغ ۾ تعليم کاتي پاران ٿيل پروگرام ۾، لطيف شناسيءَ جو سرٽيفيڪيٽ حاصل ڪيو اٿس. پاڻ، سنڌ جي مختلف شھرن ھالا، جيمس آباد، ٽنڊي الهيار ۽ سَن ۾ شاھ جو راڳ ڳائي چڪو آھي. سندس رہائش، پنھنجي ئي اباڻي ڳوٺ، ڪيھر فقير لنجواڻي، لڳ ڀٽ شاھ ۾ آھي.

رمز علي فقير خاصخيلي (جنم: 1983ع)

فقير رمز علي ولد فقير امام بخش خاصخيلي، 1983ع ڌاري، ڀٽ شاھ جي شيخ پاڙي ۾ ڄائو. وڏڙن مان سندس والد فقير امام بخش، چاچو محرم فقير ۽ ڏاڏو کٻڙ فقير درگاھ ڀٽ شاھ جا ناليوارا راڳي ٿي گذريا آھن. پاڻ کٻڙ فقير خاصخيليءَ کان راڳ جي سکيا ورتائين ۽ گذريل اٺن سالن کان درگاھ ڀٽ شاھ تي راڳ ڳائي ٿو.

اڄڪلهہ ڇنڇر جي رات واريءَ جماعت ۾، جواڻ فقير ڇڄڙي، مہدي حسن لنجواڻي، مختيار سنديلي ۽ ٻين سان گڏجي ڳائيندو آھي. پاڻ درگاھ ڀٽ شاھ کان سواءِ، درگاھ شاھ ڪريم تي ميلي جي موقعي تي پنھنجيءَ جماعت سان گڏ ڳائيندو آھي. ان کان علاوہ، سکر ۽ خيرپور ۾ پڻ شاھ جو راڳ ڳائي داد وصول ڪري چڪو آھي. پاڻ ھن وقت شيخ پاڙي، ڀٽ شاھ ۾ رہي ٿو.

سائين بخش ٿھيم (جنم: 1960ع)

سائين بخش ٿھيم ولد مبين فقير ٿھيم، 1960ع ڌاري، ڳوٺ محمود ٿھيم ۾ جنم ورتو. ڳائڻ جو شوق کيس ننڍپڻ کان ھو. ڇو جو سندس چاچو دريا خان، ان وقت درگاھ تي شاھ لطيف جو راڳ ڳائيندو ھو. پاڻ، 15 سالن جي عمر کان، شاھ لطيف جو راڳ ڳائڻ جي شروعات ڪيائين. راڳ جي سکيا، تمراڻي فقير گهراڻي جي راڳي، مير حسن فقير کان ورتائين. درگاھ تي ڳائيندي کيس 43 سال ٿيا آھن ۽ اڄڪلهہ (2018ع)، سومر جي رات راڳ واريءَ جماعت ۾، ڪامل فقير ٿھيم، فقير قادر ڏنو ٿھيم ۽ فقير قربان کوسي سان گڏجي ڳائي ٿو. ٻين سُرن جي ڀيٽ ۾ ھُو، سُر سامونڊي نہ رڳو وڏي جوش ۽ جذبي سان ڳائي ٿو، پر سُر سامونڊي ڳائڻ ۾ ماھر پڻ ليکيو وڃي ٿو.

فقير سائين بخش درگاھ کان علاوہ، پرڏيھ ۾ پڻ شاھ لطيف جو راڳ ڳائي داد حاصل ڪري چڪو آھي. انہن ملڪن ۾ فرانس ۽ اسپين شامل آھن. درگاھ تي اڃا تائين لڳاتار دنبوري جون تندون تنواري ڳائي ٿو. سندس رہائش، پنھنجي ئي اباڻي ڳوٺ، محمود ٿھيم، لڳ ڀٽ شاھ، تعلقي ھالا، ضلعي مٽياريءَ ۾ آھي.

سائين بخش نظاماڻي (جنم: 1956ع)

فقير سائين بخش نظاماڻي ولد خان محمد نظاماڻيءَ جو تعلق شاھ لطيف جي راڳاين جي نظاماڻي فقيرن جي گهراڻي سان آھي. سندس جنم، 1956ع ڌاري، ڳوٺ عارب خان، لڳ ڀٽ شاھ ۾ ٿيو. پاڻ راڳ جي سکيا پنھنجي والد خان محمد نظاماڻي کان ورتائين ۽ 1997ع کان درگاھ ڀٽ شاھ تي لطيفي راڳ ڳائيندو اچي.

فقير سائين بخش جي گهراڻي ۾، شاھ لطيف جا ڪيترائي راڳي ھئا، ۽ آھن، جن ۾ سندس والد، خان محمد نظاماڻي، سندس ڀاءُ جان محمد نظاماڻي ۽ سندس سؤٽ اللہ ڏنو نظاماڻي شامل آھن.

پاڻ اڄڪلهہ (2018ع) آچر جي ڏينھن، نائين وڳي کان ٻي وڳي منجهند واريءَ جماعت ۾، قمبر فقير جلالاڻي، قربان فقير کوسي، فقير بشارت علي لنجواڻي ۽ شفيع محمد ڪنڀار سان گڏجي ڳائي ٿو.

فقير سائين بخش، گذريل 20 سالن کان درگاھ ڀٽ شاھ تي راڳ ڳائيندو اچي ۽ گڏوگڏ سنڌ جي ٻين شھرن، جہڙوڪ: سانگہڙ، ٻانڌي ۽ شهدادپور ۾ مختلف پروگرامن ۾ شاھ جو راڳ ڳائيندو رہيو آھي. ان کان علاوہ، 2004ع تائين شاھ ڪريم بلڙيءَ واري جي ميلي دوران، پنجين ذوالقعد واري ڏينھن پڻ ڳائيندو ھو. سندس رہائش، ڳوٺ عارب خان، شڪار گاھہ، لڳ ڀٽ شاھ، تعلقي ھالا، ضلعي مٽياريءَ ۾ آھي.

سجاد علي چنا (جنم: 1968ع)

فقير سجاد علي ولد پير بخش چنو 1968ع ڌاري کهڙا، تعلقي گمبٽ، ضلعي خيرپور (ميرس) ۾ ڄائو. راڳ جي سکيا استاد قمبر فقير جلالاڻي ۽ سيد گدا حسين شاھ کان ورتائين. گذريل ستن سالن کان، درگاھ ڀٽ شاھ تي ڳائي ٿو. لطيفي راڳ سان سندس دلي لڳاءُ آھي. پاڻ، سنڌي شعبي ۾، اسسٽنٽ پروفيسر جي عھدي تي، ڊگري ڪاليج حيدرآباد ۾ پڙہائيندو آھي. پنھنجي نوڪريءَ سان گڏوگڏ، لطيفي راڳ جي حاضري پڻ مستقل ڀريندو رہندو آھي.

پاڻ اڄڪلهہ (2018ع)، اڱاري واريءَ رات واريءَ جماعت ۾، قمبر فقير لنجواڻي، انور فقير خاصخيلي، صوف فقير ۽ ٻين سان گڏجي ڳائيندو آھي. درگاھ ڀٽ شاھ کان سواءِ، علم علي شاھ بزرگ جي ميلي جي موقعي تي، ڪراچيءَ ۾ لطيفي راڳ ڳائيندو آھي. 2017ع ۾ بيچ لگزري ھوٽل ڪراچيءَ ۾ ٿيل صوفي ڪانفرنس پڻ پرفارم ڪري داد وصول ڪري چڪو آھي. اڄڪلهہ سندس رہائش، سچل ڳوٺ ڪراچيءَ ۾ آھي.

سُکيو فقير لنجواڻي (1933ع-2008ع)

سکيو فقير ولد بچايو فقير لنجواڻي، 1933ع ڌاري، ڳوٺ ڪيھر فقير لنجواڻيءَ ۾ ڄائو. سندس والد بہ راڳي ھو ۽ سندس گهراڻي مان شاھ لطيف جا ڪيترائي راڳائي فقير ٿي گذريا آھن ۽ جيڪي حال حيات آھن سي اڃا درگاھ تي ڳائين ٿا. سندس وڏن بزرگن مان، ڪيھر فقير، ميرو فقير، جلال فقير ۽ ٻيا شامل آھن.

سکئي فقير پنھنجي والد کان راڳ جي سکيا ورتي ۽ 25 سالن جي ڄمار ۾، راڳ ڳائڻ جي شروعات ڪيائين. ڇنڇر جي رات راڳ واريءَ جماعت ۾، قربان فقير لنجواڻي، جڙيل فقير لنجواڻي، فقير مولا بخش ۽ جيوڻ فقير سان گڏجي ڳائيندو ھو.

سکيو فقير، راڳ جي حوالي سان وقت ۽ ڏينھن جو ايڏو تہ پابند ھو، جو ھڪ ڀيري، 104 ڊگري بخار ۾ اچي راڳ تي ويٺو. ڳائڻ دوران بيہوش ٿي ويو، کيس ڪنہن ڊاڪٽر کي ڏيکاريو ويو، جنھن ٻڌايو تہ ھيتري بخار ۾ ماڻہو مري بہ سگهي ٿو. پوءِ کيس ھوش ۾ آندو ويو. ٿوريءَ دير کان پوءِ وري جماعت سان گڏجي ڳائڻ لاءِ ويٺو ۽ صبح تائين ڳائيندو رہيو.

سُکئي فقير جو شمار، شاھ لطيف جي انہن راڳائي فقيرن ۾ ٿيندو آھي، جن ريڊيو تي ۽ ٽي. وي. جي شروعاتي دؤر ۾، اُتي وڃي، شاھ لطيف جو راڳ ڳايو. رسالي جي ٻين سُرن جي ڀيٽ ۾، ھُو سُر کنڀات وڏي جوش، جذبي ۽ مھارت سان ڳائيندو ھو. ڳائڻ کان علاوہ، درگاھ تي راڳ بہ سيکاريندو ھو. سکئي فقير، پنھنجي حياتيءَ جا 50 سال درگاھ تي شاھ لطيف جو راڳ ڳائيندي گذاريا. 75 سالن جي عمر ۾، سال 2008ع ۾، دم ڌڻيءَ حوالي ڪيائين. کيس سندس اباڻي ڳوٺ، ڪيھر فقير لنجواڻيءَ لڳ ڀٽ شاھ، تعلقي ھالا، ضلعي مٽياريءَ واري مقام ۾ دفنايو ويو.

سوڀو فقير خاصخيلي (جنم: 1960ع)

فقير سوڀو ولد جان محمد خاصخيلي 1960ع ڌاري ڳوٺ رڪن ٻرڙا، تعلقي سنجهوري، ضلعي سانگهڙ ۾ ڄائو. راڳ جي سکيا فقير اللہ ڏني نظاماڻيءَ کان ورتائين. 1994ع کان درگاھ ڀٽ شاھ تي ڳائي ٿو. اڄڪلهہ (2018ع) خميس جي رات واريءَ جماعت ۾، فقير قمبر علي جلالاڻي، حاجن فقير نظاماڻي، فقير غلام محمد نظاماڻي ۽ ٻين سان گڏجي ڳائيندو آھي. سُر ديسي ڳائڻ ۾ مھارت رکي ٿو.

سوڀو فقير درگاھ ڀٽ شاھ کان سواءِ، درگاھ شاھڪريم تي ھر سال ميلي جي موقعي تي پنھنيءَ جماعت سان گڏ راڳ ڳائيندو آھي. سندس رہائش، ڳوٺ رڪن ٻرڙا، تعلقي سنجهوري، ضلعي سانگهڙ ۾ آھي.

سيد بہزاد علي شاھ (جنم: 1975ع)

سيد بہزاد علي شاھ، شاھ لطيف جي مشھور راڳي، مرحوم سيد غلام شاھ جو پوٽو ۽ نور محمد شاھ جو پُٽ آھي. سندس جنم، 1975ع ڌاري، ٽنڊي محمد خان ۾ ٿيو. راڳ جو اتساھ کيس پنھنجن وڏڙن کان مليو، پر پاڻ جڏہن 2005ع ۾، راڳ جي ڳائڻ جي شروعات ڪيائين، تہ سندس وڏڙا ھن دنيا مان لاڏاڻو ڪري چڪا ھئا، ان ڪري سندس راڳ جي تربيت سيد جمن شاھ ڪئي. سُر سورٺ ۽ مارئيءَ کي ڳائڻ ۾ ڪماليت اٿس. اڄڪلهہ (2018ع) فقير قادر بخش خاصخيلي، مير محمد شاھ، ناظم لنجواڻي ۽ ٻين سان گڏجي، ھر اربع جي رات جو شاھ لطيف جو راڳ ڳائيندو آھي.

سيد بہزاد علي شاھ، درگاھ ڀٽ شاھ کان علاوہ، خانگي ٽي. وي. چينلن تي، شاھ لطيف جو راڳ پيش ڪري چڪو آھي. ھن وقت سندس رہائش، پير پاڙي ڀٽ شاھ، تعلقي ھالا، ضلعي مٽياريءَ ۾ آھي.

سيد حاڪم علي شاھ (جنم: 1955ع)

سيد حاڪم علي شاھ ولد سيد مراد علي شاھ، 1955ع ڌاري ڀٽ شاھ ۾ ڄائو، سندس وڏڙن بزرگن مان سيدامير شاھ، شاھ لطيف جو مشھور راڳي ٿي گذريو آھي. پاڻ راڳ جي شروعات 45 سالن جي عمر ۾ ڪيائين ۽ سيد جمن شاھ کان سکيا ورتائين. سيد حاڪم شاھ، 2000ع کان درگاھ ڀٽ شاھ تي راڳ ڳائڻ جي شروعات ڪئي. راڻو ۽ ھندي بروو وڏي مھارت سان ڳائيندو آھي. گذريل ٻن سالن کان درگاھ ڀٽ شاھ تي پاڻ اربع رات، راڳ واريءَ جماعت ۾، فقير قادر بخش ۽ فقير خير محمد سان گڏجي ڳائيندو آھي. سندس رہائش، لطيف ڪالوني، ڀٽ شاھ، تعلقي ھالا، ضلعي مٽياريءَ ۾ آھي.

سيد ذوالفقار علي شاھ (جنم: 1960ع)

سيد ذوالفقار علي شاھ ولد سيد نور محمد شاھ عرف نورل سائين، 1960ع ڌاري، پير پاڙي ڀٽ شاھ ۾ ڄائو. 1982ع ۾، راڳ جي سکيا ورتائين. ٽي سال ڳائڻ بعد 1986ع ۾، ڳائڻ ڇڏي ڏنائين ۽ پوءِ وري 2004ع کان 2017ع تائين درگاھ ڀٽ شاھ تي اڱاري جي ڏينھن پھرين پھر (صبح 9 وڳي کان منجهند 2 وڳي تائين) واريءَ جماعت ۾، جڙيل فقير لنجواڻي، سيد ماجد علي شاھ، فقير خالق ڏنو لنجواڻي ۽ ٻين سان گڏجي ڳائيندو ھو، پر اڄڪلهہ (2018ع) طبيعت ۾ چاڪائي نہ ھجڻ ڪري ڳائي نٿو سگهي. سندس وڏڙن مان سندس والد، ڏاڏو ۽ پڙڏاڏو شاھ جا وڏا راڳي ھئا. سندس چاچو، عطا حسين شاھ ۽ سؤٽ جمن شاھ پڻ درگاھ تي ڳائيندا آھي. سيد ذوالفقار علي شاھ، درگاھ ڀٽ شاھ کان سواءِ، درگاھ شاھ ڪريم جي ميلي تي بہ ڳائيندو ھو. کيس مڃتا طور 2012ع ۾، ’لطيف ايوارڊ‘ پڻ مليل آھي. سندس رہائش، پير پاڙي ڀٽ شاھ ۾ آھي.

سيد سجاد حسين شاھ (جنم: 1975ع)

سيد سجاد حسين شاھ ولد سيد غلام مہدي شاھ لطيفي 1975ع ڌاري ڀٽ شاھ ۾ ڄائو. سندس وڏڙن مان ڪيترائي شاھ لطيف جا راڳائي فقير ٿي گذريا آھن. جن ۾ پير غلام شاھ، سيد ميرل شاھ ۽ سيد نور محمد شاھ کان سواءِ سندس ڪٽنب مان اڃا بہ ڪيترا درگاھ تي راڳ ڳائين ٿا. پاڻ راڳ جي سکيا، خان محمد لنجواڻي ۽ سيد جمن شاھ کان ورتائين، ۽ 2000ع کان درگاھ ڀٽ شاھ تي راڳ ڳائڻ جي شروعات ڪيائين. اڄڪلهہ (2018ع) سومر جي رات واريءَ جماعت ۾، ڪامل فقير ٿھيم، قربان کوسي، سائين بخش ٿھيم ۽ ٻين سان گڏجي ڳائيندو آھي. سندس جماعت ۾، فقير قادر ڏنو ٿھيم، قربان کوسو ۽ سائين بخش ٿھيم گڏ ڳائيندا آھن. پاڻ ملڪ جي مختلف شھرن، جھڙوڪ: لاھور، راولپنڊي، اسلام آباد، ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ ٿيندڙ پروگرامن ۾ شرڪت ڪري، شاھ لطيف جو راڳ ڳائي چڪو آھي. سندس رہائش، پير پاڙي، ڀٽ شاھ، تعلقي ھالا ضلعي مٽياريءَ ۾ آھي.

سيد شفقت حسين شاھ (جنم: 1998ع)

سيد شفقت حسين شاھ ولد سيد محسن رضا شاھ، 1998ع ۾، ڀٽ شاھ ۾ ڄائو. 2007ع ۾، فقير قادر بخش خاصخيليءَ کان راڳ جي سکيا وٺڻ لڳو ۽ 2010ع ۾، درگاھ ڀٽ شاھ تي ڳائڻ جي شروعات ڪيائين.

اڄڪلهہ (2018ع) درگاھ ڀٽ شاھ تي اربع جي رات واريءَ جماعت ۾، فقير قادر بخش خاصخيلي، بہزاد حسين شاھ ۽ ٻين سان گڏ ۽ سومر ڏينھن پوئين پھر ۾، فقير جمن لنجواڻي، فقير علي ڏنو لغاري ۽ ٻين سان گڏ راڳ ڳائيندو آھي. پاڻ، پاڪستان جي مختلف شھرن، جہڙوڪ: ڪراچي، اسلام آباد، لاھور، ۽ پنڊيءَ ۾ پنھنجي فن جو مظاھرو ڪري چڪو آھي. کيس رفيع پير ٿئيٽر لاھور پاران تعريفي سرٽيفيڪيٽ پڻ ڏنو ويو. سيد شفقت حسين شاھ، ڀٽ شاھ جي پير پاڙي جو رہاڪو آھي.

سيد عطا حسين شاھ (جنم: 1961ع)

سيد عطا حسين شاھ ولد مرحوم سيد غلام شاھ، 1961ع ڌاري ڀٽ شاھ ۾ ڄائو. شاھ لطيف جو راڳ کيس ورثي ۾ مليو، جو سندس وڏڙن مان سندس پيءُ سيد غلام شاھ، ڀائرن ۾ سيد نور محمد شاھ ۽ سيد مير محمد شاھ پڻ شاھ لطيف جا راڳي فقير ھئا. راڳ جي سکيا، چڀڙ فقير ۽ فقير گل محمد خاصخيليءَ کان ورتائين. پاڻ اربع جي رات واريءَ جماعت ۾، فقير قادر بخش خاصخيلي، سيد ميرل شاھ، بہزاد علي شاھ ۽ ٻين سان گڏجي راڳ ڳائيندو ھو. طبيعت ناساز ھجڻ ڪري گذريل چئن سالن کان درگاھ ڀٽ شاھ تي نہ ٿو ڳائي. پاڻ اڄڪلهہ (2018ع) پير پاڙي، ڀٽ شاھ، تعلقي ھالا، ضلعي مٽياريءَ ۾ رہي ٿو.

سيد گدا حسين شاھ (جنم: 1971ع)

شھزادہ علي ياور شاھ عرف سيد گدا حسين شاھ ولد سيد علي بخش شاھ ’ناز لطيفي‘، 1971ع ڌاري ڀٽ شاھ ۾ جنم ورتو. سندس وڏڙن مان ڪيترائي بزرگ شاھ لطيف جا سدا ملوڪ راڳي ٿي گذريا آھن، جن ۾ سيد غلام شاھ، سيد بچل شاھ ۽ سيد علي بخش شاھ (وڏو) جا نالا اھم آھن. گدا حسين شاھ، 2000ع ۾ راڳ ڳائڻ جي شروعات ڪئي ۽ راڳ جي سکيا سيدجمن شاھ کان ورتائين.

گدا حسين شاھ اڱاري جي رات راڳ واريءَ جماعت ۾، قمبر فقير لنجواڻي، لال محمد عرف صوف فقير ۽ ٻين سان گڏجي ڳائي ٿو. ان کان علاوہ، جمعي جي ڏينھن پوئين پھر (اڍائي وڳي منجهند کان 6 وڳي شام) واريءَ جماعت ۾، فقير خان محمدچانڊئي، منٺار فقير جوڻيجي، فقير وريام خاصخيلي ۽ ٻين سان گڏجي ڳائي ٿو. ڪيترن ئي ٽي. وي. چينلز تي نہ فقط شاھ لطيف جو راڳ ڳائي چڪو آھي، پر مختلف وقتن ۾ شاھ لطيف جي راڳ بابت انٽرويو پڻ ڏنا اٿس. کيس مڃتا طور 2015ع ۾، ’لطيف ايوارڊ‘ پڻ مليو آھي.

گدا حسين شاھ، درگاھ ڀٽ شاھ تي راڳ ڳائڻ کان علاوہ، پنھنجي خانگي اسڪول (لطيفي ماڊل پبلڪ اسڪول، ڀٽ شاھ) ۾، شاگردن کي راڳ جي سکيا پڻ ڏيندو آھي. سندس چوڻ موجب اڄڪلهہ (2018ع)، ويہارو کن ٻار جيڪي اٺين، نائين ۽ ڏہين درجي ۾ پڙہن ٿا، اھي لطيفي راڳ ڳائڻ ڄاڻن ٿا ۽ کين شاھ جي رسالي جا ڪيترائي بيت ۽ وايون پڻ ياد آھن.

گدا حسين شاھ، ڳائڻ کان علاوہ، دنبوري ٺاھڻ جو بہ ماھر آھي ۽ درگاھ تي فقيرن لاءِ دنبورا ٺاھيندو آھي. پاڻ دنبوري ٺاھڻ جي سکيا مرحوم خان محمد لنجواڻيءَ کان ورتائين ۽ ان ھنر ۾ بہ شاگرد تيار ڪيا اٿس، جن ۾ گل محمد جج ۽ منٺار فقير جوڻيجي جا نالا ذڪر جوڳا آھن. سندس رہائش، پير پاڙي ڀٽ شاھ، تعلقي ھالا، ضلعي مٽياريءَ ۾ آھي.

سيد ماجد علي شاھ (جنم: 1990ع)

سيد ماجد علي شاھ ولد سيد يار محمد شاھ، 1990ع ڌاري ڀٽ شاھ ۾ پيدا ٿيو. جڙيل فقير لنجواڻيءَ کان راڳ جي سکيا ورتائين. 2002ع کان درگاھ تي راڳ جي شروعات ڪيائين. اڄڪلهہ (2018ع) درگاھ ڀٽ شاھ تي اڱاري جي ڏينھن، پھرين پھر (صبح 9 وڳي کان 2 وڳي تائين) واريءَ جماعت ۾، جڙيل فقير لنجواڻي، فقير لنجواڻي ۽ ٻين سان گڏ ڳائيندو آھي. کيس راڳ راڻو ڳائڻ ۾ مھارت حاصل آھي.

سيد ماجد علي شاھ جو نانو، سيد حسين شاھ بہ درگاھ ڀٽ شاھ جو راڳائي ھو. سندس رہائش، پير پاڙي، ڀٽ شاھ، تعلقي ھالا، ضلعي مٽياريءَ ۾ آھي.

سيد ممتاز علي شاھ (جنم: 1966ع)

سيد ممتاز علي شاھ ولد سيد ڌڻي بخش شاھ 1966ع ڌاري ڳوٺ وسي مراد شاھ، لڳ ڀٽ شاھ ۾ ڄائو ھو. سندس وڏڙن مان سندس چاچو، سيد علي نواز شاھ راڳائي فقير ھو. پاڻ ٻاويھن سالن جي عمر ۾ راڳ جي شروعات ڪيائين ۽ راڳ جي سکيا، منٺار فقير (رسول ڏنو جوڻيجو) کان ورتائين.

سيد ممتاز علي شاھ، درگاھ ڀٽ شاھ تي مختلف راتين ۽ ڏينھن وارين جماعتن سان ڳائيندو رہيو آھي، پر اڄڪلهہ سومر ڏينھن پوئين پھر (منجهند 2 وڳي کان شام 6 وڳي تائين) واريءَ جماعت ۾، خان محمد چانڊئي، منٺار فقير، فقير قادر ڏنو ٿھيم ۽ ٻين سان گڏجي ڳائيندو آھي، پاڻ سُر راڻوڳائڻ ۾ مھارت رکي ٿو. سندس چوڻ موجب کيس چار ھزار جي لڳ ڀڳ شاھ لطيف جا بيت ۽ شاھ لطيف جون سڀ وايون پڻ ياد آھن.

درگاھ ڀٽ شاھ کان سواءِ، درگاھ شاھ ڪريم بلڙيءَ واري جي ميلي جي موقعي تي پڻ ڳائيندو آھي، ۽ سنڌ جي مختلف شھرن ۾ لطيفي راڳ ڳائي داد حاصل ڪري چڪو آھي. سندس رہائش، ڳوٺ وسي مراد شاھ، لڳ ڀٽ شاھ ۾ آھي.

سيد ميرل شاھ ’ثاني‘ (جنم: 1985ع)

سيد ميرل شاھ (ثاني)، شاھ لطيف جي راڳي فقير، سيد جمن شاھ جو پُٽ ۽ سيد غلام شاھ جو پڙپوٽو آھي. سندس جنم 1985ع ڌاري ڀٽ شاھ ۾ ٿيو. مٿس ڏاڏي جو نالو (ميرل شاھ) رکيو ويو، جيڪو پڻ شاھ لطيف جي راڳ جو وڏو ڄاڻو ھو. ميرل شاھ جو تعلق، شاھ لطيف جي راڳائي فقيرن جي گهراڻي سان آھي. ان ڪري پاڻ بہ ننڍڙيءَ عمر کان ئي شاھ لطيف جي راڳ ۽ سُرن کان واقف ٿيو، ان ماحول کيس راڳ ڳائڻ لاءِ اُتساھ پيدا ڪيو. راڳ جي شوق کي ڏسي سندس والد کيس فقير قادر بخش خاصخيليءَ جي شاگرديءَ ۾ ڏنو، جنھن کيس سکيا ڏني ۽ اربع جي رات واري راڳ جي جماعت ۾، شامل ڪيو.

ميرل شاھ، درگاھ ڀٽ شاھ تي راڳ ڳائڻ جي شروعات 2005ع ۾ ڪئي. اڄڪلهہ (2018ع) ۾، اربع جي رات واريءَ راڳ جي جماعت ۾، فقير قادر بخش خاصخيلي، بہزاد علي شاھ، نظام فقير کوسي ۽ ٻين سان گڏجي ڳائيندو آھي. سُر سهڻي ۽ سُر ديسي ڳائڻ ۾ کيس مھارت حاصل آھي. پاڻ ھالئنڊ، آسٽريا، جرمني، آسٽريليا کان علاوہ، ريڊيو ۽ ٽي. وي. تي شاھ لطيف جو راڳ پيش ڪري چڪو آھي. سندس رہائش، پير پاڙي ڀٽ شاھ، تعلقي ھالا، ضلعي مٽياريءَ ۾ آھي.

شاھ نواز فقير بڙدي (جنم: 1972ع)

فقير شاھنواز ولد مصري فقير بڙدي، 1972ع ڌاري پير پاڙي، ڀٽ شاھ ۾ ڄائو. 2005ع ۾، سيد جمن شاھ کان راڳ جي سکيا وٺڻ شروع ڪيائين ۽ 2007ع کان درگاھ ڀٽ شاھ تي ڳائي ٿو. سندس والد، مصري فقير بڙدي، درگاھ ڀٽ شاھ تي جامع مسجد جو مؤذن ھو، ۽ ٽيہن سالن تائين جامع مسجد ۾ ٻانگ ڏيندو ھو.

فقير شاھنواز اڄڪلهہ درگاھ ڀٽ شاھ تي ڇنڇر ڏينھن (صبح 9 وڳي کان شام 6 وڳي تائين) واريءَ جماعت ۾، قمبر فقير لنجواڻي، انور فقير خاصخيلي، جڙيل فقير لنجواڻي ۽ ٻين سان گڏجي ڳائيندو آھي. سندس رہائش، پير پاڙي، ڀٽ شاھ ۾ آھي.

شاھ نواز فقير نظاماڻي (جنم: 1972ع)

فقير شاھ نواز ولد محمد ابراھيم نظاماڻيءَ جو جنم ڳوٺ علي محمد نظاماڻيءَ ۾، 1970ع ڌاري ٿيو. کيس ننڍپڻ کان وٺي، شاھ لطيف جي راڳ سان لڳاءُ ھو. پاڻ 10 سالن جي عمر ۾ راڳ ڳائڻ جي شروعات ڪيائين. راڳ جي سکيا، فقير جان محمد نظاماڻيءَ کان ورتائين ۽ اڄڪلهہ (2018ع) آچر ڏينھن جي پوئين پھر (2 وڳي منجهند کان شام 6 وڳي) واريءَ جماعت جو اڳواڻ پڻ آھي ۽ فقير خان محمد چانڊئي، وريام فقير خاصخيلي ۽ ٻين سان گڏجي ڳائي ٿو. پاڻ ڳائڻ کان علاوہ، درگاھ تي راڳ جي سکيا پڻ ڏئي ٿو سندس شاگردن ۾ ارباب ڀٽي ۽ غلام قادر جا نالا اھم آھن.

فقير شاھنواز، ريڊيو ۽ ٽي. وي. تي شاھ لطيف جو راڳ ڳائڻ کان علاوہ، ڀٽ شاھ ۽ ڀرپاسي وارن ڳوٺن ۾ بہ راڳ جي دعوت ملڻ تي وڃي راڳ ڳائي حاضري ڀريندو آھي. پاڻ اڄڪلهہ (2018ع)، ڳوٺ علي محمد نظاماڻي، تعلقي ھالا، ضلعي مٽياريءَ ۾ رہي ٿو.

شفيع محمد ڪنڀار (جنم: 1976ع)

فقير شفيع محمد ولد علي محمد ڪنڀار، 1976ع ڌاري، ڳوٺ محمد علي آڀن، يونين ڪائونسل ڪرم خان نظاماڻي ۾ ڄائو. پاڻ راڳ جي سکيا اللہ ڏني فقير نظاماڻيءَ کان ورتائين ۽ 2000ع کان درگاھ ڀٽ شاھ تي راڳ ڳائي ٿو. فقير شفيع محمد کي شاھ لطيف جي راڳ جي چڱي ڄاڻ آھي. پاڻ درگاھ ڀٽ شاھ تي خميس واريءَ رات جي جماعت ۾، نظاماڻي فقيرن سان ۽ آچر ڏينھن پھرين پھر (صبح 9 وڳي کان منجهند 2 وڳي تائين) قمبر فقير جلالاڻي، قربان فقير کوسي، فقير سائين بخش نظاماڻي، فقير بشارت علي لنجواڻي ۽ ٻين سان گڏجي لطيفي راڳ ڳائيندو آھي. ٻين سُرن جي ڀيٽ ۾ سُر سورٺ ۽ سُر راڻو ڳائڻ ۾ مھارت رکي ٿو. فقير شفيع محمد، گذريل 18 سالن کان درگاھ ڀٽ شاھ تي لطيفي راڳ ڳائي ٿو. سندس رہائش، ڳوٺ محمد علي آڀن، يونين ڪائونسل ڪرم خان نظاماڻي، تعلقي ھالا، ضلعي مٽياريءَ ۾ آھي.

شھمير فقير خاصخيلي (جنم: 1996ع)

شھمير فقير ولد ميڙائو خان خاصخيلي، 1996ع ڌاري پير پاڙي ڀٽ شاھ ۾ ڄائو. راڳ جي سکيا، لالڻ فقير عرف صوف فقير خاصخيليءَ کان ورتائين. گذريل چئن سالن کان درگاھ ڀٽ شاھ تي ڳائي ٿو. شھمير فقير اڄڪلهہ (2018ع)، اڱاري رات واريءَ جماعت ۾، قمبر فقير لنجواڻي، صوف فقير خاصخيلي، انور فقير خاصخيلي ۽ ٻين سان گڏجي ڳائيندو آھي. پاڻ درگاھ ڀٽ شاھ کان سواءِ، درگاھ شاھ ڪريم تي ھر سال ميلي جي موقعي تي پنھنجيءَ جماعت سان گڏجي ڳائيندو آھي. شھمير فقير، گہوٽڪي ۽ پني عاقل ۾ مختلف پروگرامن ۾ شاھ جو راڳ ڳائي داد وصول ڪري چڪو آھي. سندس رہائش، پير پاڙي ڀٽ شاھ ۾ آھي.

شھمير فقير سنگراسي (جنم: 1983ع)

فقير شھمير علي ولد نواب خان سنگراسي 1983ع ڌاري ڳوٺ حاجي دائود سنگراسي، لڳ ڀٽ شاھ ۾ ڄائو. 27 سالن جي ڄمار ۾ فقير قادر بخش خاصخيليءَ کان راڳ جي سکيا ورتائين. 2011ع کان درگاھ ڀٽ شاھ تي ڳائيندو اچي ٿو. اڄڪلهہ (2018ع) درگاھ ڀٽ شاھ تي اربع جي رات واريءَ جماعت ۾، فقير قادر بخش خاصخيلي، بہزاد حسين شاھ ۽ ٻين سان گڏ راڳ ڳائيندو آھي. ڀٽ شاھ جو ھي راڳي، درگاھ ڀٽ شاھ کان سواءِ، مٽياري ۽ حيدرآباد ۾ پڻ پنھنجي فن جو مظاھرو ڪري چڪو آھي. ان سان گڏ گذريل ڇھن سالن کان شاھ ڪريم جي ميلي جي پھرينءَ ڌمال تي پڻ ڳائي ٿو. سندس رہائش، پير پاڙي ڀٽ شاھ ۾ آھي.

صدر الدين لنجواڻي (جنم: 1980ع)

فقير صدر الدين ولد غلام علي لنجواڻيءَ جو جنم ڳوٺ ڪيھر فقير لنجواڻيءَ ۾ 1980ع ڌاري ٿيو. ھن گهراڻي جي بزرگن مان شاھ لطيف جا ڪيترائي راڳائي فقير رہيا آھن، جن ۾ ڪيھر فقير، ميرو فقير ۽ قربان فقير شامل آھن. پاڻ پنھنجن وڏڙن جي ورثي کي سنڀالڻ خاطر ۽ شاھ لطيف جي راڳ واري سلسلي کي اڳتي وڌائڻ لاءِ 2004ع ۾، ڳائڻ جي شروعات ڪيائين. راڳ جي سکيا، نادر فقير لنجواڻيءَ کان ورتائين.

صدرالدين لنجواڻي، گذريل 14 سالن کان وٺي، درگاھ تي ڳائي ٿو. پاڻ ڇنڇر جي رات، راڳ واريءَ جماعت ۾، جواڻ فقير ڇڄڙي، مختيار سنديلي، مہدي حسن لنجواڻي ۽ ٻين سان گڏجي ڳائي ٿو. سندس رہائش، پنھنجي اباڻي ڳوٺ، ڪيھر فقير لنجواڻي لڳ ڀٽ شاھ، تعلقي ھالا، ضلعي مٽياريءَ ۾ آھي.

صوف فقير خاصخيلي (جنم: 1972ع)

صوف فقير عرف لالڻ فقير ولد محرم خان خاصخيلي، 1972ع ڌاري پير پاڙي، ڀٽ شاھ ۾ ڄائو. راڳ جي سکيا سيد جمن شاھ کان ورتائين. 1995ع کان درگاھ ڀٽ شاھ تي راڳ ڳائي ٿو. سُرراڻو ڳائڻ ۾ کيس مھارت آھي. صوف فقير اڄڪلهہ (2018ع) درگاھ ڀٽ شاھ تي ٽن جماعتن سان گڏجي ڳائي ٿو. اڱاري جي رات واريءَ جماعت ۾، قمبر فقير لنجواڻي، شھمير خاصخيلي ۽ ٻين سان گڏجي، اربع جي ڏينھن (صبح 9 وڳي کان شام 6 وڳي تائين) واريءَ جماعت ۾، فقير گل محمد پھوڙ، فقير رحيم ڏنو جوڻيجي ۽ ٻين سان گڏ ۽ جمعي جي ڏينھن پوئين پھر (منجهند اڍائي وڳي کان شام 6 وڳي تائين) واريءَ جماعت ۾، فقير خان محمد چانڊئي، منٺار فقير جوڻيجي ۽ ٻين سان گڏجي ڳائيندو آھي. پاڻ درگاھ ڀٽ شاھ تي راڳ ڳائڻ سان گڏوگڏ سکيا پڻ ڏيندو آھي، سندس شاگردن ۾، شھمير فقير پڻ درگاھ ڀٽ شاھ تي ڳائيندو آھي.

صوف فقير، درگاھ ڀٽ شاھ کان سواءِ، درگاھ شاھ ڪريم تي ھر سال ميلي جي موقعي تي، پنھنجيءَ جماعت سان گڏ ڳائيندو آھي. پاڪستان ٽيليويزن تي ڪيترائي پروگرام ڪري چڪو آھي. ان کان علاوہ، پاڻ ايوان صدر اسلام آباد، ڪراچي ۽ لاھور ۾ لطيفي راڳ ڳائي داد وصول ڪري چڪو آھي. اڄڪلهہ سندس رہائش، پير پاڙي، ڀٽ شاھ ۾ آھي.

طالب حسين فقير تمراڻي (جنم: 1978ع)

فقير طالب حسين ولد فقير علي حسن عرف علي ڏنو تمراڻي، 1978ع ڌاري ڳوٺ لائق ڏني تمراڻيءَ ۾ ڄائو. سندس تعلق شاھ لطيف جي راڳي فقيرن جي گهراڻي سان ھجڻ ڪري پاڻ بہ لطيفي راڳ شوق ۽ چاھ سان سکڻ لڳو. سندس وڏڙن مان سندس والد علي ڏنو فقير تمراڻي ۽ ڏاڏو لائق ڏنو فقير درگاھ ڀٽ شاھ تي نالي وارا راڳي ٿي گذريا آھن. پاڻ راڳ جي سکيا فقير رسول بخش تمراڻيءَ کان ورتائين. سال 2000ع کان 2015ع تائين 15 سال درگاھ ڀٽ شاھ تي ڳائيندو رہيو. شروعاتي 2 سال سومر جي رات ۽ پوءِ 13 سال جمعي واريءَ رات ڳائيندو رہيو. 2015ع کان پوءِ وڏي اوطاق تي ھر جمعي جي رات ڳائيندو آھي. ٻين سرن جي ڀيٽ ۾ پاڻ سُر ڪيڏارو وڏي مھارت سان ڳائيندو آھي.

درگاھ ڀٽ شاھ کان سواءِ ھر سال درگاھ شاھ ڪريم تي ميلي جي موقعي تي، 2015ع تائين پنھنجيءَ جماعت سان گڏجي ڳائيندو ھو. سندس رہائش، پنھنجي اباڻي ڳوٺ فقير لائق ڏنو تمراڻي لڳ ڀٽ شاھ ۾ آھي.

عبدالرزاق فقير لنجواڻي (جنم: 1996ع)

فقير عبدالرزاق ولد دريا خان لنجواڻي 1996ع ڌاري ڳوٺ ڪيھر فقير لنجواڻيءَ ۾ ڄائو. 2010ع ۾، فقير قائم علي لنجواڻيءَ کان راڳ جي سکيا وٺڻ جي شروعات ڪيائين ۽ 2012ع کان درگاھ ڀٽ شاھ تي راڳ ڳائي ٿو. وڏڙن مان سندس ڏاڏو دلاور فقير، شاھ جو راڳي ٿي گذريو آھي. فقير عبدالرزاق ھن وقت (2018ع) درگاھ ڀٽ شاھ تي ڇنڇر جي رات واريءَ جماعت ۾، جواڻ فقير ڇڄڙي، مہدي حسن لنجواڻي، آگي فقير پھوڙ ۽ ٻين سان گڏ ۽ اڱاري جي ڏينھن پوئين پھر (منجهند 2 وڳي کان شام 6 وڳي تائين) واريءَ جماعت ۾، مختيار علي سنديلي، ناظم علي لنجواڻي، دائم فقير نظاماڻي ۽ ٻين سان گڏجي ڳائيندو آھي. درگاھ ڀٽ شاھ کان سواءِ، مورو ۽ شهدادپور ۾ راڳ ڳائي چڪو آھي. سندس رہائش، پنھنجي اباڻي ڳوٺ، ڪيھر فقير لنجواڻي، لڳ ڀٽ شاھ ۾ آھي.

علي حسن فقير عرف علي ڏنو فقير تمراڻي (جنم: 1952ع)

فقير علي حسن تمراڻي ولد فقير لائق ڏنو تمراڻي، 1952ع ڌاري، ڳوٺ لائق ڏنو تمراڻي، لڳ ڀٽ شاھ ۾ ڄائو. سندس گهراڻو لطيفي راڳ سان لاڳاپيل آھي. پاڻ، تمر فقير جي گاديءَ جو موجودہ گادي نشين پڻ آھي. وڏڙن جي روايت کي قائم رکندي پاڻ ڏہن سالن جي عمر ۾ راڳ جي سکيا وٺڻ جي شروعات ڪئي ۽ سترہن سالن جي ڄمار کان درگاھ ڀٽ شاھ تي راڳ ڳائڻ جي شروعات ڪيائين. پاڻ راڳ جي سکيا فقير مير محمد لنجواڻي ۽ مِيرَي فقير کان ورتائين. درگاھ ڀٽ شاھ تي، 1969ع کان 2015ع تائين لطيفي راڳ ڳائيندو رہيو ۽ ان عرصي دوران پير غلام شاھ، نورل سائين، اللہ بچائي فقير، موسي فقير، مِيرَي فقير، سيد جمن شاھ ۽ ٻين ڪيترن ئي راڳين سان مختلف راتين جي جماعتن ۾، ڳائيندو رہيو. علي حسن فقير، درگاھ ڀٽ شاھ تي لڳاتار 46 سال راڳ ڳايو پر گذريل ٽن سالن کان يعني 2015ع کان پوءِ وڏيءَ اوطاق ۾، ھر جمعي جي رات تي پنھنجيءَ جماعت سان گڏجي ڳائيندو آھي. سندس رہائش، پنھنجي اباڻي ڳوٺ، لائق ڏني تمراڻيءَ، لڳ ڀٽ شاھ ۾ آھي.

عمران علي نظاماڻي (جنم: 1989ع)

فقير عمران علي ولد فقير اللہ ڏنو نظاماڻي، 1989ع ڌاري ڳوٺ حيات خان نظاماڻي، لڳ ڀٽ شاھ ۾ ڄائو. 2014ع ۾، پنھنجي والد فقير اللہ ڏني نظاماڻيءَ کان راڳ جي سکيا وٺڻ جي شروعات ڪيائين ۽ 2016ع کان درگاھ ڀٽ شاھ تي ڳائي ٿو. سندس وڏڙن مان سندس والد فقير اللہ ڏنو نظاماڻي ۽ چاچو فقير اللہ ڏتو نظاماڻي شاھ جا راڳي فقير ھئا.

فقير عمران علي، درگاھ ڀٽ شاھ تي خميس جي رات واريءَ جماعت ۾، فقير قمبر جلالاڻي، حاجن فقير نظاماڻي، فقير غلام محمد نظاماڻي ۽ ٻين سان گڏجي ڳائي ٿو ۽ آچر ڏينھن پھرين پھر (صبح 9 وڳي کان منجهند 2 وڳي تائين) واريءَ جماعت ۾، فقير قمبر علي جلالاڻي، فقير سائين بخش نظاماڻي، قربان فقير کوسي ۽ ٻين سان گڏجي ڳائيندو آھي. فقير عمران علي، درگاھ ڀٽ شاھ کان سواءِ گذريل ٻن سالن کان درگاھ شاھ ڪريم تي ميلي جي موقعي تي پنھنجيءَ جماعت سان گڏ ڳائيندو آھي. ھن وقت سندس رہائش، نيو لطيف ڪالوني، ڀٽ شاھ ۾ آھي.

عنايت فقير جوڻيجو (جنم: 2002ع)

فقير عنايت علي ولد رسول ڏنو عرف منٺار فقير جوڻيجو، 2002ع ڌاري فقير ڪالوني، ڀٽ شاھ ۾ ڄائو. سندس وڏڙن مان والد منٺار فقير ۽ چاچا راڻو فقير ۽ رحيم فقير، درگاھ ڀٽ شاھ جا نالي وارا راڳي فقير آھن. عنايت فقير راڳ جي سکيا ننڍي عمر کان ئي پنھنجي والد، منٺار فقير کان ورتي ۽ ڏہن سالن جي عمر ۾ درگاھ ڀٽ شاھ تي ڳائڻ جي شروعات ڪيائين. اڄڪلهہ (2018ع) جمعي جي ڏينھن پوئين پھر (منجهند اڍائي وڳي کان شام 6 وڳي تائين) واريءَ جماعت ۾، فقير خان محمد چانڊئي، منٺار فقير جوڻيجي، صوف فقير خاصخيلي ۽ ٻين سان گڏجي ڳائيندو آھي، ۽ سومر جي ڏينھن پوئين پھر (منجهند 2 وڳي کان شام 6 وڳي تائين) واريءَ جماعت ۾، منٺار فقير، فقير قادر ڏني ٿھيم، سيد ممتاز علي شاھ ۽ ٻين سان گڏجي ڳائيندو آھي.

عنايت فقير، درگاھ ڀٽ شاھ کان سواءِ پاڪستان ٽيليويزن ڪراچيءَ جي پروگرامن ۾ ۽ ريڊيو ڀٽ شاھ (F.M) تي پڻ ڳائي داد وصول ڪري چڪو آھي. ننڍي ھوندي کان اسڪول جي سطح تي ٿيندڙ پروگرامن ۾، ڀٽ شاھ ۽ ھالا اندر، ليپ ٽاپ ۽ سرٽيفيڪيٽ ماڻي چڪو آھي، ان کان سواءِ، ڪراچيءَ ۾ مختلف پروگرامن ۽ خيبرپختون خوا ۾ غلام اسحاق خان يونيورسٽيءَ ۾ پڻ پنھنجيءَ جماعت سان گڏ پرفارم ڪري چڪو آھي. سندس رہائش، فقير ڪالوني ڀٽ شاھ ۾ آھي.

غلام اڪبر ميربحر (جنم: 1991ع)

فقير غلام اڪبر ولد خدا بخش ميربحر، 1991ع ڌاري ڀٽ شاھ جي ٻگهيا پاڙي ۾ ڄائو. راڳ جي سکيا کٻڙ فقير سومري کان ورتائين. 2005ع کان، درگاھ ڀٽ شاھ تي ڳائي ٿو. اڄڪلهہ (2018ع) جمعي جي ڏينھن پھرين پھر (صبح 9 وڳي کان منجهند 1 وڳي تائين) واريءَ جماعت ۾، کٻڙ فقير سومري، رحيم ڏني جوڻيجي ۽ ٻين سان گڏجي ڳائيندو آھي. فقير غلام اڪبر، درگاھ ڀٽ شاھ کان سواءِ، درگاھ شاھ ڪريم تي ھر سال ميلي جي موقعي تي پنھنجيءَ جماعت سان گڏجي ڳائيندو آھي. پاڪستان ٽيليويزن ۽ ريڊيو پاڪستان تي پڻ ڪيترائي ڀيرا پنھنجي فن جو مظاھرو ڪري چڪو آھي. ان کان علاوہ، اسلام آباد، لاھور، ڪراچي ۽ ملڪ کان ٻاھر ھندستان ۾ پڻ لطيفي راڳ ڳائي داد وصول ڪري چڪو آھي. سندس رہائش، ٻگهيا پاڙي، ڀٽ شاھ ۾ آھي.

غلام حسين وساڻ (1965ع - 2014ع)

فقير غلام حسين ولد گل محمد وساڻ 1965ع ڌاري ڀٽ شاھ ۾ پيدا ٿيو. وڏڙن مان سندس ڏاڏو تاجو فقير، وڏي رس وارو راڳي ٿي گذريو آھي. پاڻ، تمراڻي فقيرن جي گهراڻي جو شاگرد ھو ۽ شاھ لطيف جي راڳ جي سکيا مير حسن فقير کان ورتائين ۽ 1990ع کان ڇنڇر جي رات راڳ واريءَ جماعت ۾، نادر فقير لنجواڻيءَ جي اڳواڻيءَ ھيٺ پنھنجي ساٿي راڳين يعقوب ڀٽي، محبت علي، جيوڻ فقير، مولابخش فقير، قربان فقير سان گڏجي ڳائيندو ھو. فقير غلام حسين، سُر مارئي ڳائڻ ۾ ماھر ھو. پاڻ درگاھ کان علاوہ، ي. وي. تي شاھ لطيف جو راڳ ڳائيندو ھو. 2014ع ۾، وفات ڪيائين، کيس يعقوب شھيد جي مُقام ۾ دفنايو ويو.

غلام حيدر فقير تمراڻي (جنم: 1971ع)

فقير غلام حيدر تمراڻي ولد اللہ ڏنو تمراڻي ڳوٺ لائق ڏنو فقير، لڳ ڀٽ شاھ تعلقي ھالا، ضلعي مٽياريءَ ۾ 1971ع ڌاري پيدا ٿيو. سندس خاندان ۾ ڪيترائي بزرگ شاھ لطيف جا راڳي رہيا آھن، جن ۾ اللہ بچايو فقير، ميھار فقير ۽ لائق ڏني فقير جا نالا اچن ٿا. پاڻ بہ راڳ جي خانداني روايت کي زندہ رکڻ لاءِ، 1995ع ڌاري دنبورو کنيائين ۽ ڳائڻ جي شروعات ڪيائين. راڳ جي سکيا فقير مير حسن تمراڻيءَ کان ورتائين. پاڻ سُر ڪيڏارو ڳائڻ ۾ ماھر آھي. 2014ع تائين درگاھ تي، سومر جي رات راڳ واريءَ جماعت ۾، فقير يار محمد، جواڻ فقير ڇڄڙي، سائين بخش ۽ رسول بخش سان گڏجي ڳائيندو ھو. 2015ع کان پوءِ ڀٽ شاھ تي ڪونہ ٿو ڳائي، پر ھر جمعي جي رات وڏيءَ اوطاق تي پنھنجي ساٿي راڳين ۾ فقير علي حسن تمراڻي، فقير ڪريم ڏني تمراڻي، فقير غلام عباس تمراڻي ۽ ٻين سان گڏجي ڳائيندو آھي. پاڻ پنھنجي اباڻي ڳوٺ، لائق ڏنو تمراڻي ۾ رہي ٿو.

غلام حيدر نظاماڻي (1922ع-2002ع)

فقير غلام حيدر ولد حاجي شير محمد نظاماڻي، شاھ لطيف جو سدا ملوڪ راڳي ٿي گذريو آھي. سندس جنم، 1922ع ڌاري ڳوٺ حيات خان نظاماڻي، لڳ ڀٽ شاھ ۾ ٿيو. پاڻ 15 سالن جي عمر ۾ شاھ لطيف جو راڳ ڳائڻ شروع ڪيائين. راڳ جي سکيا پنھنجي گهراڻي مان، خان فقير کان ورتائين. 20 سالن تائين پنھنجي ڳوٺ ۾ لطيفي راڳ ڳائيندو ھو. پاڻ 35 سالن جي عمر ۾، درگاھ ڀٽ شاھ تي راڳ ڳائڻ جي شروعات ڪيائين.

فقير غلام حيدر، خميس جي رات راڳ واريءَ جماعت ۾، جانو فقير، حاجي سانوڻ، مصري جلالاڻي ۽ فضل فقير سان گڏجي ڳائيندو ھو. رسالي جي ٻين سُرن جي ڀيٽ ۾ سُر ديسي وڏيءَ مھارت سان ڳائيندو ھو. فقير غلام حيدر پنھنجي گهراڻي ۾ شاھ لطيف جي راڳ واري روايت کي زندہ رکڻ لاءِ، پنھنجي پُٽ، حاجن فقير کي راڳ جي سکيا ڏني ۽ ان سلسلي ۾ ٻيا بہ ڪيترائي شاگرد تيار ڪيائين، جيڪي مختلف جماعتن ۾، شاھ لطيف جو راڳ ڳائين ٿا. فقير غلام حيدر، 50 سال درگاھ تي شاھ لطيف جو راڳ ڳايو ۽ 2002ع ڌاري دم ڌڻيءَ حوالي ڪيائين. کيس شاھ لطيف جي حُجري واري قبرستان ۾ دفنايو ويو.

غلام رسول لنجواڻي (1952ع-2006ع)

فقير غلام رسول ولد غلام محمد لنجواڻيءَ جو جنم، ڳوٺ ڪيھر لنجواڻيءَ ۾ 1952ع ڌاري ٿيو. 18 سالن جي عمر ۾ راڳ ڳائڻ جي شروعات ڪيائين. راڳ جي سکيا پنھنجن بزرگن مان ميري فقير لنجواڻيءَ کان ورتائين. ان کان علاوہ، جلال فقير ۽ ڪيھر فقير بہ سندس خاندان مان شاھ جا وڏا راڳي ٿي گذريا آھن. فقير غلام رسول، سومر جي رات واريءَ جماعت ۾، قربان فقير ۽ جڙيل فقير سان گڏجي ڳائيندو ھو. سُر مارئي ڳائڻ ۾ ماھر ھو. جڏہن شاھ لطيف جي راڳ جي جماعت پھريون ڀيرو ملڪ کان ٻاھر، شاھ لطيف جو راڳ ڳائڻ لاءِ وئي ھئي تہ پاڻ ان جماعت سان شامل ھو. فقير غلام رسول، چاليھ سال درگاھ ڀٽ شاھ تي ڳائي 2006ع ۾، دم ڌڻيءَ حوالي ڪيو. کيس ڳوٺ ڪيھر فقير لنجواڻيءَ واري قبرستان ۾ دفنايو ويو.

غلام عباس تمراڻي (جنم: 1970ع)

فقير غلام عباس تمراڻيءَ جو تعلق شاھ لطيف جي راڳاين جي تمراڻي فقيرن جي گهراڻي سان آھي. سندس جنم، 1970ع ڌاري، ڳوٺ لائق ڏني فقير ۾ ٿيو. پاڻ 25 سالن جي عمر ۾ 1995ع کان راڳ ڳائڻ جي شروعات ڪيائين. راڳ جي سکيا مير حسن تمراڻيءَ کان ورتائين.

فقير غلام عباس جي گهراڻي مان ڪيترائي شاھ لطيف جا راڳي ٿي گذريا آھن، جن ۾ لائق ڏني فقير، فقير ميھار، فقير محمد، فقير اللہ بچايي جا نالا اھم آھن. کيس سُر مارئي ڳائڻ ۾ مھارت اٿس. پاڻ (2014ع) تائين سومر جي رات راڳ واريءَ جماعت ۾، فقير يار محمد، جواڻ فقير ڇڄڙي، فقير سائين بخش، غلام حيدر تمراڻي ۽ رسول بخش تمراڻيءَ سان گڏجي ڳائيندو ھو. 2015ع ۾، درگاھ تي راڳ بند ڪيائين. فقير غلام عباس 20 سال درگاھ تي راڳ ڳايو. ھن وقت پاڻ پنھنجي اباڻي ڳوٺ، فقير لائق ڏني، لڳ ڀٽ شاھ، تعلقي ھالا، ضلعي مٽياريءَ ۾ رہي ٿو.

غلام عباس فقير رند (جنم: 1977ع)

فقير غلام عباس ولد مصري فقير رند، 1977ع ڌاري ڳوٺ حاجي ڀائي خان وساڻ ۾ ڄائو. راڳ سان شوق ۽ چاھ کيس خاندان مان مليو. سندس والد، مصري فقير رند شاھ جو راڳي ھو. فقير غلام عباس 16 سالن جي عمر کان درگاھ ڀٽ شاھ تي راڳ ڳائڻ جي شروعات ڪئي. گذريل 25 سالن کان درگاھ تي ڳائي ٿو.

پھرين، سومر جي رات واريءَ جماعت سان گڏجي ڳائيندو ھو ۽ اڄڪلهہ (2018ع)، سومر جي ڏينھن پھرين پھر (صبح 9 وڳي کان منجهند 2 وڳي تائين) واريءَ جماعت ۾، فقير جمن لنجواڻي، سيد شفقت علي شاھ، فقير امير علي لنجواڻي ۽ ٻين سان گڏجي ڳائيندو آھي. ٻين سرن جي ڀيٽ ۾ پاڻ، سُر سهڻي ڳائڻ ۾ مھارت رکي ٿو. سندس رہائش، ڳوٺ حاجي ڀائي خان وساڻ، يونين ڪائونسل ڪنڀ داڙو، تعلقي ٽنڊي آدم، ضلعي سانگهڙ ۾ آھي.

غلام قادر فقير نظاماڻي (جنم: 1980ع)

فقير غلام قادر ولد خدا بخش نظاماڻي 1980ع ۾، ڀٽ شاھ لڳ ڳوٺ علي محمد نظاماڻي ۾ جنم ورتو. ھن، 2008ع کان 2010ع تائين استاد اللہ ڏني نظاماڻي وٽ راڳ جي سکيا ورتي. گذريل اٺن سالن کان لڳاتار درگاھ ڀٽ شاھ تي ڳائيندو اچي. فقير غلام قادر، درگاھ ڀٽ شاھ تي خميس جي رات واريءَ جماعت ۾، فقير قمبر علي جلالاڻي، فقير غلام محمد نظاماڻي، فقير سوڀي خاصخيلي ۽ ٻين سان گڏ ڳائيندو اچي. درگاھ ڀٽ شاھ کان سواءِ، ھن پاڪستان جي گاديءَ واري ھنڌ، اسلام آباد ۾ بہ پنھنجي فن جو مظاھرو ڪيو آھي. اڄڪلهہ سندس رہائش، ڀٽ شاھ لڳ ڳوٺ علي محمد نظاماڻي ۾ آھي.

غلام محمد فقير تمراڻي (جنم: 1962ع)

فقير غلام محمد تمراڻي ولد اللہ بچايو تمراڻيءَ جو جنم، 1962ع ڌاري ڳوٺ لائق ڏني تمراڻيءَ ۾ ٿيو. راڳ جي سکيا رسول بخش تمراڻيءَ کان ورتائين ۽ 22 سالن جي ڄمار ۾، راڳ ڳائڻ جي شروعات ڪيائين. سندس وڏڙن مان سندس چاچو لائق ڏنو فقير ۽ والد اللہ بچايو تمراڻي نالي وارا راڳي فقير ھئا. پاڻ سُر رامڪلي وڏي مھارت سان ڳائيندو آھي.

2015ع کان، درگاھ ڀٽ شاھ تي ڪونہ ٿو ڳائي. باقي 2015ع کان وڏيءَ اوطاق تي، ھر جمعي جي رات ڳائيندو آھي. فقير غلام محمد، درگاھ ڀٽ شاھ تي 31 سالن تائين مختلف جماعتن، اڱاري جي رات پوءِ سومر جي رات ۽ جمعي جي رات پڻ ڳائيندو رہيو ۽ انہن سالن ۾ درگاھ ڀٽ شاھ کان سواءِ، ھر سال درگاھ شاھ ڪريم تي ميلي جي موقعي تي پنھنجيءَ جماعت سان گڏ ڳائيندو ھو.

غلام محمد فقير نظاماڻي (جنم: 1970ع)

فقير غلام محمد نظاماڻي ولد محمد موسيٰ نظاماڻي، ڳوٺ حيات خان نظاماڻيءَ ۾ 1970ع ڌاري پيدا ٿيو. پنھنجي وڏڙن کان متاثر ٿي، 16 سالن جي عمر ۾، راڳ ڳائڻ جي شروعات ڪيائين. سندس بزرگن مان، اللہ ڏنو فقير ۽ غلام حيدر نظاماڻي درگاھ ڀٽ شاھ تي راڳ ڳائيندا ھئا.

فقير غلام محمد، راڳ جي سکيا فقير اللہ ڏني نظاماڻيءَ کان ورتي. فقير قمبر علي جلالاڻي، حاجن فقير نظاماڻي، ڍول فقير نظاماڻي ۽ ٻين سان گڏجي خميس جي رات، راڳ واريءَ جماعت ۾، ڳائي ٿو. سُر آبري ڳائڻ ۾ ماھر آھي. پاڻ ھر سال، ھر عيد جي موقعي تي پنھنجي ڳوٺ ۾ شاھ لطيف جي راڳ جي محفل مچائيندو آھي. ۽ ڪيترن ئي راڳائي فقيرن کي گهرائي، شاھ لطيف جو راڳ ڪرائيندو آھي. جنھن ۾ ڀرپاسي جي ڳوٺن مان ڪيترائي ماڻہو پڻ ايندا آھن ۽ راڳ ٻڌن ٿا. سندس رہائش، ڳوٺ حيات خان نظاماڻي لڳ ڀٽ شاھ، تعلقي ھالا، ضلعي مٽياريءَ ۾ آھي.

فيروز علي فقير لنجواڻي (جنم: 1978ع)

فقير فيروز علي ولد غلام رضا لنجواڻي، 1978ع ڌاري، ڳوٺ ڪيھر فقير لنجواڻيءَ ۾ ڄائو. راڳ جي سکيا فقير قائم علي لنجواڻيءَ کان ورتائين. پاڻ، 2009ع کان درگاھ ڀٽ شاھ تي شاھ جو راڳ ڳائي ٿو. سندس خاندان مان شاھ جا راڳي ميرو فقير لنجواڻي، قربان علي لنجواڻي ۽ نادر علي لنجواڻيءَ جا نالا ملن ٿا.

اڄڪلھ، ڇنڇر جي رات واريءَ جماعت ۾، جواڻ فقير ڇڄڙي، مختيار سنديلي، فقير قائم علي لنجواڻي ۽ ٻين سان گڏجي درگاھ ڀٽ شاھ تي ڳائي ٿو. پاڻ سُر ڪلياڻ ڳائڻ ۾ مھارت رکي ٿو. سندس رہائش، پنھنجي اباڻي ڳوٺ ڪيھر فقير لنجواڻي لڳ ڀٽ شاھ ۾ آھي.

قادر ڏنو فقير ٿھيم (جنم: 1955ع)

فقير قادر ڏنو ٿھيم ولد غلام محمد ٿھيم ڳوٺ محمود ٿھيم ۾، 1955ع ڌاري ڄائو. بزرگن مان سندس مامي صالح فقير جو نالو شاھ لطيف جي راڳين ۾ ملي ٿو. پاڻ 23 سالن جي عمر ۾، شاھ لطيف جو راڳ ڳائڻ شروع ڪيائين. راڳ جي سکيا يعقوب فقير ٿھيم ۽ کٻڙ فقير خاصخيليءَ کان ورتائين. اڄڪلهہ (2018ع)، سومر جي رات واريءَ جماعت ۾، ڪامل فقير ٿھيم، فقير قربان کوسي ۽ ٻين سان گڏجي ڳائي ٿو ۽ سومر جي ڏينھن پوئين پھر (منجهند 2 وڳي کان شام 6 وڳي) خان محمد چانڊئي، منٺار فقير، فقير قادر ڏنو ٿھيم ۽ ٻين سان گڏجي ڳائيندو آھي. سُر مارئي وڏي مھارت سان ڳائيندو آھي. درگاھ کان علاوہ، پاڪستان ٽيليويزن تي شاھ لطيف جو راڳ پيش ڪري چڪو آھي. فقير قادر ڏنو 40 سالن کان لڳاتار وڏي جوش ۽ جذبي سان درگاھ تي راڳ ڳائي ٿو. ھن وقت پاڻ پنھنجي اباڻي ڳوٺ، محمود ٿھيم، لڳ ڀٽ شاھ، تعلقي ھالا، ضلعي مٽياريءَ ۾ رہي ٿو.

قادربخش فقير خاصخيلي (جنم: 1958ع)

فقير قادر بخش ولد ڪارو فقير خاصخيلي، ڀٽ شاھ ۾ 1958ع ڌاري ڄائو. سندس خاندان جي وڏڙن مان، شھيد يعقوب فقير، شاھ لطيف جو ناميارو راڳي ٿي گذريو آھي. پاڻ بہ ساڳي واٽ ورتائين. 15 سالن جي ننڍيءَ عمر ۾ راڳ ڳائڻ جي شروعات ڪيائين. سندس راڳ جي تربيت جُڙيل فقير لنجواڻيءَ جي نگرانيءَ ھيٺ ٿي. اڄڪلهہ (2018ع) اربع جي رات راڳ واريءَ جماعت ۾، سيد ميرل شاھ، بہزاد علي شاھ، نظام فقير کوسي ۽ ٻين سان گڏجي ڳائيندو آھي. ان کان علاوہ، جمعي جي رات واريءَ جماعت ۾، سيد جمن شاھ، فقير گل محمد خاصخيلي، جواڻ فقير ڇڄڙي ۽ ٻين سان گڏجي ڳائيندو آھي.

پاڻ نہ رڳو 45 سالن کان وٺي شاھ لطيف جي راڳيءَ جي حيثيت ۾ شاھ لطيف جو راڳ ڳائي ٿو، پر ھڪ استاد بڻجي، راڳ جي سکيا بہ ڏئي ٿو. ميرل شاھ، گلڻ فقير خاصخيلي، سيد شفقت شاھ، نظام فقير کوسو ۽ ٻيا ڪيترائي سندس شاگرد آھن. فقير قادر بخش نہ رڳو ملڪي سطح تي ٽي. وي. ۽ مختلف ثقافتي پروگرامن ۾ شاھ لطيف جو راڳ پيش ڪري چڪو آھي، پر دنيا جي مختلف ملڪن جہڙوڪ: جرمني، آسٽريا ۽ ھندستان ۾ بہ شاھ لطيف جو راڳ ڳائي مڃتا ماڻي اٿس. پاڻ پير پاڙي ڀٽ شاھ، تعلقي ھالا، ضلعي مٽياريءَ ۾ رہي ٿو.

قائم علي فقير لنجواڻي (جنم: 1994ع)

فقير قائم علي ولد قلندر بخش لنجواڻي، 1994ع ڌاري ڳوٺ ڪيھر فقير لنجواڻيءَ ۾ ڄائو. 2006ع ۾، جُڙيل فقير لنجواڻيءَ کان راڳ جي سکيا وٺڻ جي شروعات ڪيائين ۽ درگاھ ڀٽ شاھ تي، 2008ع کان ڳائي ٿو. سندس وڏڙن مان سندس ڏاڏو، محبت فقير لنجواڻي سريلو راڳي ھو، ۽ درگاھ تي جمعي جي رات جي جماعت سان گڏ ڳائيندو ھو، ۽ سندس مامو، لياقت فقير پڻ اڱاري جي رات واريءَ جماعت سان گڏجي ڳائيندو ھو.

فقير قائم علي، ھن وقت (2018ع)، درگاھ ڀٽ شاھ تي اڱاري جي ڏينھن، پوئين پھر (منجهند 2 وڳي کان شام 6 وڳي تائين) واريءَ جماعت ۾، فقير مختيار علي سنديلي، ناظم علي لنجواڻي ۽ ٻين سان گڏ ۽ ڇنڇر جي رات واريءَ جماعت ۾، جواڻ فقير ڇڄڙي، فقير رمز علي خاصخيلي ۽ ٻين سان گڏجي ڳائيندو آھي. پاڻ سُر سامونڊي ۽ سُر سهڻي ڳائڻ ۾ مھارت رکي ٿو. راڳ ڳائڻ سان گڏوگڏ، راڳ جي سکيا پڻ ڏيندو آھي، سندس ڪيترائي شاگرد آھن، جن مان عبدالرزاق لنجواڻي ۽ فقير امير علي لنجواڻي درگاھ ڀٽ شاھ تي ڳائيندا آھن.

فقير قائم علي، درگاھ ڀٽ شاھ کان سواءِ، اسلام آباد، ڪراچي، سکر، نوشهروفيروز، ڏہرڪي، شهدادپور وغيرہ وڃي لطيفي راڳ ڳائي داد وصول ڪري چڪو آھي. سندس رہائش، پنھنجي اباڻي ڳوٺ ڪيھر فقير لنجواڻي لڳ ڀٽ شاھ ۾ آھي.

قربان علي کوسو (جنم: 1975ع)

فقير قربان علي ولد محمد اسماعيل کوسي جو جنم، 1975ع ۾، ڀٽ شاھ ۾ ٿيو. 1995ع کان راڳ ڳائڻ جي شروعات ڪيائين. راڳ جي سکيا، جواڻ فقير ڇڄڙي کان، ورتائين. قربان فقير، اڄڪلهہ (2018ع)، درگاھ ڀٽ شاھ تي راڳ جي ٽن جماعتن ۾، ڳائيندو آھي. پھرين سومر جي رات واريءَ جماعت ۾، سجاد حسين شاھ، ڪامل فقير ٿھيم ۽ ٻين سان گڏ، ٻي خميس جي ڏينھن واريءَ جماعت ۾، ڪامل فقير ٿھيم، ناظم فقير لنجواڻي ۽ ٻين سان گڏ، ٽئين آچر جي ڏينھن پھرين پھر (صبح 9 وڳي کان منجهند 2 وڳي تائين) واريءَ جماعت ۾، قمبر فقير جلالاڻي، فقير سائين بخش نظاماڻي ۽ ٻين سان گڏجي ڳائيندو آھي. پاڻ سُر مارئي ڳائڻ ۾ مھارت رکي ٿو. درگاھ ڀٽ شاھ کان علاوہ، درگاھ شاھ ڪريم بلڙيءَ واري ۽ ٻين مختلف پروگرامن ۾ شريڪ ٿي شاھ لطيف جو راڳ ڳائي ٿو. پرڏيھ ۾، ترڪيءَ ۾ لطيفي راڳ ڳائي، داد حاصل ڪري چڪو آھي. سندس رہائش، شيخ پاڙو ڀٽ شاھ، تعلقي ھالا، ضلعي مٽياريءَ ۾ آھي.

قربان علي آزاد فقير (1938ع-2004ع)

فقير قربان علي ولد فقير مير محمد لنجواڻي، 1938ع ڌاري ڳوٺ ڪيھر فقير لنجواڻي، تعلقي ھالا، ضلعي مٽياري ۾ ڄائو. سندس وڏڙن مان ڪيھر فقير لنجواڻي، اللہ بچايو لنجواڻي ۽ مير محمد لنجواڻي نالي وارا راڳي ٿي گذريا آھن. قربان فقير راڳ جي سکيا، پنھنجي والد مير محمد لنجواڻي کان ورتي ۽ 15 سالن جي ڄمار ۾، درگاھ ڀٽ شاھ ۾ ڳائڻ جي شروعات ڪيائين. قربان فقير، درگاھ ڀٽ شاھ تي ڇنڇر جي رات ڳائيندو ھو. سندس ساٿي راڳين ۾، جڙيل فقير لنجواڻي، قمبر فقير لنجواڻي، جواڻ فقير ڇڄڙو ۽ ٻيا شامل ھئا. رسالي جي ٻين سرن جي ڀيٽ ۾، ھو سُر راڻو ۽ سُر ڪلياڻ، وڏي مھارت سان ڳائيندو ھو. قربان فقير، درگاھ ڀٽ شاھ کان سواءِ، جرمني، فرانس، آمريڪا، ترڪي ۽ آسٽريليا ۾ پڻ پنھنجي فن جو مظاھرو ڪري چڪو ھو. کيس مڃتا طور لطيفي ايوارڊ سان پڻ نوازيو ويو. قربان فقير پنھنجي زندگي جا 66 سال لطيفي راڳ کي ارپي، 2004ع ڌاري وفات ڪيائين. کيس اباڻي ڳوٺ، ڪيھر فقير لنجواڻي واري قبرستان ۾ دفنايو ويو.

قمبر فقير جلالاڻي (جنم: 1963ع)

فقير قمبر علي ولد رب ڏنو جلالاڻي، 1963ع ڌاري، ڳوٺ نور محمد جلالاڻي لڳ ڀٽ شاھ ۾ ڄائو. راڳ جي سکيا فقير اللہ ڏني نظاماڻيءَ کان ورتائين. 1988ع کان درگاھ ڀٽ شاھ تي راڳ ڳائڻ جي شروعات ڪيائين. سندس وڏڙن مان سندس ڏاڏو، جلال فقير جلالاڻي ۽ فقير خير محمد جلالاڻي (ڏاڏي جو ڀاءُ) شاھ جا راڳي فقير ھئا. اڄڪلهہ (2018ع)، درگاھ ڀٽ شاھ تي خميس جي رات واريءَ جماعت ۾، حاجن فقير نظاماڻي، فقير غلام محمد نظاماڻي ۽ ٻين سان گڏجي ۽ آچر جي ڏينھن پھرين پھر (صبح 9 وڳي کان منجهند 2 وڳي تائين) واريءَ جماعت ۾، فقير سائين بخش نظاماڻي، قربان فقير کوسي ۽ ٻين سان گڏجي ڳائيندو آھي. ٻين سرن جي ڀيٽ ۾ پاڻ سسئي جا سڀئي سُر ڳائڻ ۾ مھارت رکي ٿو. پاڪستان ٽيليويزن ڪراچي سينٽر تي پروگرامن ۾ پنھنجي فن جو مظاھرو ڪري چڪو آھي. ان کان سواءِ، سکر ۽ ڪراچيءَ ۾ مختلف پروگرامن ۾ لطيفي راڳ ڳائي داد وصول ڪري چڪو آھي. سندس رہائش، ڳوٺ نور محمد جلالاڻي لڳ ڀٽ شاھ، تعلقي ھالا، ضلعي مٽياريءَ ۾ آھي.

قمبر فقير لنجواڻي (جنم: 1949ع)

قمبر فقير ولد جلال فقير لنجواڻي، 1949ع ڌاري ڳوٺ ڪيھر فقير لنجواڻيءَ ۾ پيدا ٿيو. لنجواڻين مان ڪيترائي فقير شاھ لطيف جا راڳي ٿي گذريا آھن. انہن ۾ قمبر فقير لنجواڻيءَ جو گهر بہ آھي. خاندان جي وڏڙن مان سندس والد ۽ ميري فقير کان سواءِ، سندس ڀاءُ، جُڙيل فقير بہ شاھ لطيف جا راڳي آھن.

قمبر فقير کي شاھ لطيف جو راڳ ورثي ۾ مليو ۽ 1971ع ۾، راڳ جي شروعات ڪيائين، سندس راڳ جي تربيت، سندس پيءُ، جلال فقير جي نگرانيءَ ھيٺ ٿي. پاڻ اڱاري جي رات راڳ واريءَ جماعت ۾، پنھنجي ساٿين انور فقير، منور فقير لنجواڻي، صوف فقير ۽ ٻين سان گڏجي ڳائي ٿو. ان کان علاوہ، ڇنڇر جي ڏينھن (صبح 9 وڳي کان شام 6 وڳي تائين) واريءَ جماعت ۾، جڙيل فقير لنجواڻي، شاھنواز بڙدي ۽ ٻين سان گڏجي ڳائي ٿو. پاڻ درگاھ تي ڳائڻ سان گڏوگڏ راڳ جي سکيا پڻ ڏيندو آھي. سندس شاگردن ۾ ڪيترائي درگاھ تي ڳائيندا آھن.

قمبر فقير، 47 سالن کان لڳاتار درگاھ تي شاھ لطيف جو راڳ ڳائي ٿو. ريڊيو، ٽي. وي. کان علاوہ، فرانس، بيلجيم، اٽلي، جرمني، سعودي عرب ۾ پڻ شاھ لطيف جو راڳ پيش ڪري چڪو آھي. اڄڪلهہ (2018ع) پاڻ شيخ محلي ڀٽ شاھ ۾ رہي ٿو.

ڪامل فقير ٿھيم (جنم: 1950ع)

ڪامل فقير ولد آچر فقير ٿھيم، 1950ع ڌاري ڳوٺ محمود ٿھيم ۾ پيدا ٿيو. سندس وڏڙن جي شاھ لطيف جي راڳ سان وابستگي ھئڻ ڪري، کيس بہ ڳائڻ جو شوق پيدا ٿيو، اُن وقت سندس بزرگن ۾ اللہ بچايو فقير، شاھ لطيف جو سداملوڪ راڳائي فقير ھو. پاڻ ٽيہن سالن جي عمر کان، راڳ ڳائڻ جي شروعات ڪيائين ۽ راڳ جي سکيا، خاصخيلي گهراڻي جي راڳي محرم فقير خاصخيليءَ کان ورتائين. پاڻ سُر ڏہر ڳائڻ ۾ ماھر آھي. اڄڪلهہ (2018ع)، خميس جي ڏينھن واري راڳ جي جماعت ۾، سيد سجاد علي شاھ، قربان علي کوسي ۽ ٻين سان صبح جو نائين وڳي کان شام جو ڇھين وڳي تائين گڏجي، ڳائي ٿو. ان کان علاوہ، سومر جي رات واريءَ راڳ جي جماعت ۾، فقير قادر ڏني ٿھيم، فقير سائين بخش ٿھيم ۽ ٻين سان گڏجي ڳائي ٿو. کيس درگاھ تي ڳائيندي، 38 سال ٿيا آھن. پاڻ درگاھ کان علاوہ، ٻاھرين ملڪن: فرانس ۽ اسپين ۾ شاھ لطيف جو راڳ پيش ڪري چڪو آھي. پاڻ پنھنجي اباڻي ڳوٺ محمود ٿھيم لڳ ڀٽ شاھ، تعلقي ھالا، ضلعي مٽياريءَ ۾ رہي ٿو.

ڪريم ڏنو تمراڻي (جنم: 1915ع)

فقير ڪريم ڏنو تمراڻي ولد فقير اللہ بچايو تمراڻي، 1975ع ڌاري، ڳوٺ لائق ڏنو تمراڻي، لڳ ڀٽ شاھ ۾ ڄائو. 2014ع ۾، درگاھ ڀٽ شاھ تي ڳائڻ جي شروعات ڪيائين. راڳ جي سکيا فقير رسول بخش تمراڻيءَ کان ورتائين. 2015ع تائين درگاھ ڀٽ شاھ تي سومر جي رات واريءَ جماعت ۾، فقير مير حسن تمراڻي، فقير رسول بخش تمراڻي، فقير غلام حيدر تمراڻي ۽ ٻين سان گڏجي ڳائيندو ھو. 2015ع کان پوءِ وڏيءَ اوطاق تي، ھر جمعي جي رات، پنھنجيءَ جماعت ۾، فقير علي ڏني تمراڻي، فقير رسول بخش تمراڻي، فقير طالب حسين تمراڻي ۽ ٻين سان گڏجي ڳائيندو آھي. سندس رہائش، پنھنجي اباڻي ڳوٺ لائق ڏنو تمراڻي، لڳ ڀٽ شاھ ۾ آھي.

کٻڙ فقير خاصخيلي (وفات 2018ع)

کٻڙ فقير خاصخيلي ولد پيرون فقير خاصخيلي، ويہين صديءَ جي ٻئي ڏہاڪي ۾ ڀٽ شاھ ۾ ڄائو. سندس خاندان جي وڏڙن ۾ ابراھيم فقير خاصخيلي ۽ يعقوب فقير خاصخيلي پڻ شاھ لطيف جو راڳ ڳائيندا ھئا. پاڻ بہ ان روايت کي زندہ رکڻ لاءِ پنجويھن سالن جي عمر ۾ دنبورو ھٿ ۾ کڻي تندون تنوارڻ لڳو ۽ راڳ جي سکيا، شاھ لطيف جي نامياري راڳي، ابراھيم فقير کان ورتائين، جيڪو اُن وقت اربع جي رات واري راڳ جو اڳواڻ ھو. پاڻ بہ اُن رات واريءَ جماعت ۾، شامل ٿي ڳائڻ لڳو. سندس ساٿين ۾ تاجو فقير، حاجي مجيد، ڍوليو فقير ۽ جيوڻ فقير راڳي شامل ھئا. کٻڙ فقير شاھ لطيف جي راڳ جي سکيا تہ مڪمل ورتي، پر سندس ڳائڻ ۾ توجھ جو مرڪز سُر سامونڊي ھو ۽ وڏي ڪماليت سان سُر سامونڊي ڳائي ٻڌندڙن تي سُر ۾ سمايل ڪيفيت طاري ڪري ڇڏيندو ھو. راڳداريءَ واري سلسلي کي جاري رکڻ لاءِ پنھنجي پُٽ، امام بخش خاصخيليءَ کي پڻ شاھ لطيف جي راڳ جي سکيا ڏنائين. ان کان علاوہ، گلڻ فقير بہ سندس ئي شاگردن ۾ شمار ٿئي ٿو.

کيس مڃتا طور، 2010ع ۾، ’شاھ لطيف ايوارڊ‘ پڻ ڏنو ويو. پاڻ 2010 کان ڳائڻ ڇڏي ڏنائين. کٻڙ فقير، لڳ ڀڳ 100 سالن جي عمر ۾ 2018ع ۾ وفات ڪئي، کيس يارو فقير واري مقام ۾ دفنايو ويو آھي.

کٻڙ فقير سومرو (جنم: 1960ع)

کٻڙ فقير ولد ابو طالب سومرو، 1960ع ڌاري ڳوٺ ماڻڪ واھ ضلعي ٽنڊي محمد خان ۾ پيدا ٿيو. سندس خاندان ۾ شاھ لطيف جا ڪيترائي راڳائي فقير ٿي گذريا آھن، جن درگاھ شاھ ڪريم بلڙيءَ واري تي شاھ لطيف جي راڳ جون محفلون مچايون. سندس وڏڙن مان حاجي اللہ ڏني، ابراھيم فقير، حسين فقير ۽ طيب فقير شاھ لطيف جا راڳي ھئا.

کٻڙ فقير، راڳ جي سکيا، حاجي اللہ ڏني کان ورتي ۽ 18 سالن جي عمر ۾ درگاھ شاھ ڪريم تي راڳ ڳائڻ جي شروعات ڪيائين، گذريل ويھن سالن کان درگاھ ڀٽ شاھ تي جمعي جي ڏينھن جي پھرين پَھر ۾، رحيم ڏني جوڻيجي، وريام فقير خاصخيلي، غلام اڪبر ملاح ۽ ٻين سان گڏجي راڳ ڳائي ٿو. ان کان علاوہ، آچر جي رات واريءَ جماعت ۾، فقير گل محمد خاصخيلي، انور فقير خاصخيلي، فقير انتظار علي خاصخيلي ۽ ٻين سان گڏجي ڳائي ٿو. پاڻ سُر سورٺ ڳائڻ ۾ مھارت رکي ٿو. کٻڙ فقير، درگاھ تي راڳ سيکارڻ کان علاوہ، ڀٽ شاھ تي قائم ڪيل شاھ لطيف جي راڳ واري اسڪول ۾ پڻ دنبوري جي تند سيکارڻ جي اُستاد طور ڪم ڪري ٿو. پاڻ تند وڄائڻ جو ماھر آھي.

کٻڙ فقير درگاھ کان علاوہ، ملڪ جي مختلف حصن ۾ شاھ لطيف جو راڳ پيش ڪري چڪو آھي ۽ پرڏيھ ۾ ڪيترائي ڀيرا وڃي، جماعت سان گڏجي راڳ ڳائيندو رہيو آھي. پاڻ ھن وقت تائين جرمني، ھالئنڊ، تُرڪي، آسٽريليا، آسٽريا ۽ ھندستان ۾ شاھ لطيف جو راڳ پيش ڪري چڪو آھي. سندس مستقل رہائش فقير ڪالوني ڀٽ شاھ، تعلقي ھالا، ضلعي مٽياريءَ ۾ آھي.

گل شير فقير لنجواڻي (جنم: 1967ع)

فقير گل شير ولد نہال فقير لنجواڻي، 1967ع ڌاري ڳوٺ ڪيھر فقير لنجواڻي، لڳ ڀٽ شاھ ۾ ڄائو. سندس وڏڙن مان جلال فقير ۽ ڪيھر فقير لنجواڻي، شاھ لطيف جي راڳ جا ناليوارا راڳي فقير ٿي گذريا آھن. گل شير فقير، راڳ جي سکيا، پنھنجي ڏاڏي جڙيل فقير کان ورتي ۽ گذريل ارڙہن سالن کان، درگاھ ڀٽ شاھ تي ڳائي ٿو. پاڻ اڄڪلهہ (2018ع)، سومر جي ڏينھن پھرين پھر (صبح 9 وڳي کان منجهند 2 وڳي تائين) واريءَ جماعت ۾، جمن فقير لنجواڻي، سيد شفقت حسين شاھ، فقير امير علي لنجواڻي ۽ ٻين سان گڏجي ڳائيندو آھي.پاڻ درگاھ ڀٽ شاھ کان سواءِ، درگاھ شاھ ڪريم تي ھر سال ميلي جي موقعي تي، پنھنجيءَ جماعت سان گڏجي ڳائيندو آھي. سندس رہائش، پنھنجي اباڻي ڳوٺ، ڪيھر فقير لنجواڻي، لڳ ڀٽ شاھ ۾ آھي.

گل محمد پھوڙ (جنم: 1952ع)

فقير گل محمد پھوڙ ولد بلاول پھوڙ، 1952ع ڌاري ڀٽ شاھ لڳ، ڳوٺ وسي مراد شاھ ۾ ڄائو. راڳ جي سکيا اللہ ڏني فقير نظاماڻي کان ورتائين. پاڻ 12 سالن جي عمر ۾، 1964ع کان لطيفي راڳ ڳائڻ جي شروعات ڪيائين. اڄڪلهہ درگاھ ڀٽ شاھ تي اربع جي ڏينھن (صبح 9 وڳي کان شام 6 وڳي تائين) واريءَ جماعت ۾، فقير رحيم ڏني جوڻيجي، وريام فقير خاصخيلي، منٺار فقير جوڻيجي ۽ ٻين سان گڏجي ڳائيندو آھي. فقير گل محمد، سُر رامڪلي ۽ سُر حسيني ڳائڻ ۾ مھارت رکي ٿو. درگاھ ڀٽ شاھ تي ڳائيندي، کيس 54 سال گذريا آھن، انہيءَ دوران ڪيترائي شاگرد تيار ڪيا اٿس، جن مان فقير رحيم ڏنو جوڻيجي، منٺار فقير جوڻيجي، راڻو فقير جوڻيجو ۽ سندس ننڍو پٽ، فقير نسيم عباس پھوڙ، درگاھ ڀٽ شاھ تي اڄڪلهہ ڳائيندا آھن.

پاڻ درگاھ ڀٽ شاھ کان سواءِ ھر سال، درگاھ بلڙي شاھ ڪريم جي ميلي جي موقعي تي پڻ ڳائيندو آھي، ۽ ڪجهہ عرصو سائي سومار تي پڻ ڳائيندو ھو. فقير گل محمد پھوڙ، ٻاھرين ملڪن ۾ پيرس (فرانس)، جرمني ۽ اٽليءَ ۾ پڻ لطيفي راڳ ڳائي پاڻ مڃرائي چڪو آھي. سندس رہائش، ڳوٺ وسي مراد شاھ، لڳ ڀٽ شاھ ۾ آھي.

گل محمد خاصخيلي (جنم: 1963ع)

فقير گل محمد خاصخيلي، شاھ لطيف جي راڳي فقير، مولابخش خاصخيليءَ جو پُٽ آھي. سندس جنم، 1963ع ۾، ڀٽ شاھ ۾ ٿيو. ھن گهراڻي مان ڪيترائي، شاھ لطيف جا راڳائي فقير ٿي گذريا آھن. سندس وڏڙن مان مولابخش فقير، ابراھيم فقير(ڏاڏو)، کٻڙ فقير وڏي رس وارا راڳي ٿي گذريا آھن.فقير گل محمد، 1982ع ۾، ڳائڻ جي شروعات ڪئي. راڳ جي سکيا، کٻڙ فقير خاصخيليءَ کان ورتائين. اڄڪلهہ (2018ع) آچر جي رات راڳ واريءَ جماعت ۾، کٻڙ فقير سومري، فقير رحيم ڏني جوڻيجي ۽ ٻين سان گڏجي ڳائي ٿو. ان سان گڏوگڏ، جمعي جي رات واريءَ جماعت ۾، سيد جمن شاھ ۽ فقير قادر بخش خاصخيلي ۽ ٻين سان گڏجي ڳائيندو آھي. ٻين سرن جي ڀيٽ ۾ ھو سُر يمن ڪلياڻ، ڳائڻ ۾ وڏي مھارت رکي ٿو. پاڻ درگاھ تي ڳائڻ کان علاوہ، راڳ جي سکيا بہ ڏئي ٿو. سندس شاگردن ۾، انور فقير خاصخيلي ۽ رحيم فقير جوڻيجو درگاھ تي راڳ ڳائين ٿا.

فقير گل محمد، درگاھ ڀٽ شاھ کان علاوہ، دنيا جي مختلف ملڪن جھڙوڪ: آمريڪا، فرانس، انگلئنڊ، آسٽريا، آسٽريليا، جرمني ۽ ھندوستان ۾ مختلف پروگرامن ۾ شاھ لطيف جو راڳ پيش ڪري چڪو آھي. ان کان علاوہ، ايف. ايم. (F.M) ڀٽ شاھ، ريڊيو پاڪستان ۽ پاڪستان ٽيليويزن تي پڻ راڳ ڳائي چڪو آھي. کيس مڃتا طور ’شاھ لطيف ايوارڊ‘ پڻ مليو آھي. ھن وقت شيخ محلي ڀٽ شاھ، تعلقي ھالا، ضلعي مٽياريءَ ۾ مستقل رہي ٿو.

گلڻ فقير خاصخيلي (جنم: 1976ع)

گل محمد فقير عرف گلڻ فقير خاصخيلي ولد غلام محمد خاصخيلي، 1976ع ڌاري، پير پاڙي ڀٽ شاھ ۾ ڄائو. راڳ جي سکيا، فقير قادر بخش خاصخيليءَ کان ورتائين. 1995ع کان درگاھ ڀٽ شاھ تي راڳ جي مختلف جماعتن سان ڳائيندو اچي. اڄڪلهہ اربع جي رات واريءَ جماعت ۾، فقير قادر بخش خاصخيلي، بہزاد حسين شاھ، نظام فقير کوسي ۽ ٻين سان گڏجي ڳائيندو آھي. راڳ جي ڄاڻ رکي ٿو. پاڻ سُر سامونڊي ۽ سُر سهڻي، مھارت سان ڳائيندو آھي. گلڻ فقير، درگاھ ڀٽ شاھ تي گذريل 22 سالن کان لطيفي راڳ ڳائي ٿو، ان سان گڏوگڏ گذريل ڇھن سالن کان درگاھ شاھ ڪريم بلڙيءَ واري تي پڻ ميلي جي موقعي تي ڳائيندو آھي. پاڻ پير پاڙي، ڀٽ شاھ ۾ رہي ٿو.

مجيد فقير ملاح (1920ع - 1990ع)

مجيد فقير ولد صادق فقير ملاح، 1920ع ڌاري ڀٽ شاھ ۾ پيدا ٿيو. کيس ننڍپڻ کان ئي ڳائڻ جو شوق ھو، سندس خاندان مان چِڀڙ فقير ۽ ساجن فقير بہ درگاھ تي شاھ لطيف جو راڳ ڳائيندا ھئا. جيئن تہ مٿس وڏڙن جو گھرو اثر ٿيو، ان ڪري پاڻ بہ دنبورو کڻي شاھ لطيف جي راڳي فقيرن جي سٿ ۾ شامل ٿيو ۽ ويھن سالن جي ڄمار ۾ ئي شاھ لطيف جو راڳ ڳائڻ لڳو. راڳ جي سکيا، جڙيل فقير ۽ سيد غلام شاھ کان ورتائين. سُر سارنگ ڳائڻ ۾ تہ برک راڳي ليکيو ويندو ھو. پاڻ، آچر جي رات واريءَ راڳ جي جماعت سان گڏجي ڳائيندو ھو. سندس ساٿي فقيرن ۾، جيوڻ فقير ۽ مصري فقير جلالاڻي شامل ھئا. مجيد فقير، 50 سال لڳاتار درگاھ تي شاھ لطيف جو راڳ ڳايو. سندس وفات، 70 سالن جي عمر ۾، 1990ع ۾ ٿي، کيس شھيد يعقوب فقير جي مُقام ۾ دفنايو ويو.

محرم فقير تمراڻي (جنم: 1954ع)

محرم فقير ولد احمد فقير تمراڻي، 1954ع ڌاري وڏيءَ اوطاق، ڀٽ شاھ ۾ پيدا ٿيو. سندس چوڻ موجب 1954ع ۾، جڏہن ٻوڏ آئي ھئي تڏہن اسان جا وڏڙا پنھنجي ڳوٺ کان لڏي اچي ڀٽ شاھ تي ويٺا، اسان جي گهر جا ڀاتي اچي، وڏيءَ اوطاق ۾ رہيا، جتي منہنجي پيدائش ٿي. 25 سالن جي ڄمار ۾ راڳ جي سکيا ورتائين. سندس وڏڙن مان سندس والد، احمد فقير ۽ چاچو اللہ بچايو ۽ لائق ڏنو پڻ درگاھ ڀٽ شاھ تي راڳ ڳائيندا ھئا.

ٻين سرن جي ڀيٽ ۾ پاڻ، سُر راڻو وڏيءَ مھارت سان ڳائيندو آھي. 2015ع تائين درگاھ ڀٽ شاھ تي سومر ۽ اڱاري واريءَ رات جو ڳائيندو رہيو پر گذريل ٽن سالن کان، وڏيءَ اوطاق تي ھر جمعي جي رات ڳائي ٿو. درگاھ ڀٽ شاھ کان سواءِ، درگاھ شاھ ڪريم تي 2015ع تائين ميلي جي موقعي تي پڻ ڳائيندو رہيو آھي. پاڻ درگاھ ڀٽ شاھ تي 1979ع کان 2015ع تائين يعني 36 سال لڳاتار ڳائيندو رہيو. سندس رہائش، پنھنجي اباڻي ڳوٺ فقير لائق ڏنو تمراڻي، لڳ ڀٽ شاھ ۾ آھي.

محمد عالم ڏيرو

فقير محمد عالم ڏيرو ولد رب ڏنو ڏيرو، اصل سئي قندر ڳوٺ جو ھو. فقير محمد عالم بابت ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ لکي ٿو: ”شاھ صاحب جو سڀ کان ويجهو ۽ پيارو ساٿي، سندس پنھنجو سڳو ماسات، رب رکيي فقير جو پٽ، محمدعالم ڏيرو ھو، جيڪو پوءِ خاص فقير ۽ خليفو ٿيو. شاھ صاحب کيس ڀٽ تي سماع ۽ ذڪر جو اڳواڻ مقرر ڪيو ۽ کيس ’محمدعالم سچو عالم‘ ڪري سڏيو. پر عام طرح ھو، ’خليفومحمد ذاڪر‘ سڏجڻ لڳو. شاھ صاحب جي وفات کان پوءِ، فقراء جي سڄي نظام کي سنڀاليائين ۽ وڏي خدمت ڪيائين. وفات بہ ڀٽ تي ڪيائين.“

(بلوچ، 2009ع، ص: 8 ۽ 9)

فقير محمد عالم جي راڳ ۽ سماع بابت ڊاڪٽر بلوچ صاحب وڌيڪ لکي ٿو: ”انہيءَ ساڳئي نموني سان، ڀٽ تي پڻ سماع ۽ ذڪر شروع ٿيو، جنھن جو اڳواڻ شاھ صاحب جو ماسات ۽ وڏو خليفو محمد عالم ڏيرو مقرر ٿيو. خليفو محمد عالم، سماع لاءِ مچ ٻاريندو ھو، جنھن جي اُتر طرف خليفو پاڻ ۽ سندس ساٿي، ۽ سامهون ڏکڻ طرف، تمر فقير ۽ سندس ساٿي بيہندا ھئا. ان بعد، شاھ صاحب ايندو ھو. پھريائين ’ہو الو‘ جون ٽي تسبيحون ٿينديون ھيون. ان کان پوءِ خليفي محمد عالم جي ٽوليءَ جو فقير، بلاول يا ڌناسريءَ جي سُرن مان بيت ڏيندو ھو، ۽ پھرين سٽ آلاپڻ بعد خليفو محمد عالم ”اَلقارِعَة مَا القارعَة“ (قرآن شريف جي سورة جا الفاظ) جي ضرب ھڻندو ھو. ان بعد پير پير ۾ ڏيئي، ڦرندا ھئا. اھڙيءَ طرح جو سَوا ڦيري ۾، سڄي سماع ختم ٿئي.“

(بلوچ، 2009ع، ص: 27)

فقير محمد عالم ڏيرو، انہن راڳي فقيرن مان ھو جيڪي شاھ لطيف جي حياتيءَ ۾ ئي ڀٽ شاھ تي لطيفي راڳ جي محفل مچائيندا ھئا، ۽ شاھ ڪريم جي درگاھ تي ٿيندڙ سماع وانگر سماع ڪندا ھئا. پاڻ، ڀٽ شاھ تي وفات ڪيائين ۽ مکيہ مُقام ۾ شاھ لطيف جي روضي کان ڏکڻ طرف، تمر فقير جي قبر کان اوڀر طرف دفن ٿيل آھي.

محمد وريام فقير خاصخيلي (جنم: 1976ع)

فقير محمد وريام ولد ڇٽو فقير خاصخيلي، 1976ع ڌاري ڀٽ شاھ ۾ پيدا ٿيو. سندس تعلق شاھ لطيف جي راڳائي فقيرن جي گهراڻي سان آھي. سندس وڏڙن مان ڪيترائي شاھ لطيف جا راڳي ۽ راڳ جا اڳواڻ ٿي گذريا آھن، جن ۾ ابراھيم فقير، فقير مولابخش ۽ محرم فقير جا نالا اھم آھن. پاڻ، سيد جمن شاھ لطيفيءَ کان راڳ جي سکيا ورتائين.

وريام فقير، اڄڪلهہ (2018ع)، درگاھ ڀٽ شاھ تي چئن جماعتن سان گڏ ڳائي ٿو. پھرين جمعي جي ڏينھن پھرين پھر (صبح 9 وڳي کان منجهند 2 وڳي تائين) واريءَ جماعت ۾، کٻڙ فقير سومري، رحيم ڏني جوڻيجي ۽ ٻين سان گڏ، ٻي جمعي جي ڏينھن پوئين پھر (منجهند اڍائي وڳي کان شام 6 وڳي تائين) واريءَ جماعت ۾، فقير خان محمد چانڊئي، منٺار فقير ۽ ٻين سان گڏ، ٽئين آچر جي ڏينھن، پوئين پھر (منجهند 2 وڳي کان شام 6 وڳي تائين) واريءَ جماعت ۾، فقير شاھنواز نظاماڻي، بشارت علي لنجواڻي ۽ ٻين سان گڏ، چوٿين اربع جي ڏينھن (صبح 9 وڳي کان شام 6 وڳي تائين) واريءَ جماعت ۾، فقير گل محمد پھوڙ، فقير رحيم ڏني جوڻيجي ۽ ٻين سان گڏجي ڳائيندو آھي. پاڻ سُر حسيني ڳائڻ ۾ مھارت رکي ٿو.

ملڪ جي مختلف شھرن جھڙوڪ: لاھور ۽ ڪراچيءَ کان سواءِ مختلف سرڪاري پروگرامن ۾ شاھ لطيف جو راڳ پيش ڪري چڪو آھي ۽ ان کان علاوہ، ڪيترين ئي اوليائن جي درگاھن جي حاضري ڀري، اُتي شاھ لطيف جو راڳ ڳائيندو رہيو آھي. پاڻ شاھ ڪريم جي درگاھ تي پڻ پنھنجيءَ جماعت سان گڏجي شاھ لطيف جو راڳ ڳائي چڪو آھي، اھو سلسلو ھلندڙ آھي. ھن وقت، پير پاڙي اسٽيشن روڊ ڀٽ شاھ ۾ رہي ٿو.

محمد يعقوب خاصخيلي (جنم: 1960ع)

محمد يعقوب ولد قاسم فقير خاصخيلي ڀٽ شاھ ۾، 1960ع ڌاري ڄائو. سندس خاندان مان ڪيترائي بزرگ، شاھ لطيف جي راڳ جا مشھور راڳي ٿي گذريا آھن، جن ۾ ابراھيم فقير خاصخيلي ۽ محرم فقير خاصخيليءَ جا نالا ذڪر جوڳا آھن. يعقوب فقير، 1980ع کان راڳ ڳائڻ جي شروعات ڪئي، ۽ راڳ جي سکيا، سندس والد، قاسم فقير جي نگرانيءَ ھيٺ ٿي. پاڻ، سُر سهڻي ڳائڻ ۾ وڏي مھارت رکي ٿو. پاڻ 2010ع کان اربع جي رات سيد حاڪم علي شاھ، فقير خير محمد، فقير گل محمد سان گڏجي راڳ ڳائيندو ھو، ان کان پوءِ آچر جي رات بہ ڳايائين. طبيعت ناساز ھجڻ ڪري، گذريل ٽن سالن کان درگاھ تي مسلسل ڪونہ ٿو ڳائي، پر ڪڏہن ڪڏہن آچر جي رات وڃي ڳائيندو آھي. يعقوب فقير ھن وقت، شيخ پاڙي ڀٽ شاھ ۾ رہندڙ آھي.

مختيار علي سنديلو (جنم: 1976ع)

مختيار علي سنديلو ولد رحمت علي سنديلو، 1976ع ڌاري ڳوٺ قبو سعيد خان، قمبر شھدادڪوٽ ۾ ڄائو. ننڍپڻ کان ئي راڳ جي لونءَ لڳل ھئس. 14 سالن جي عمر ۾، درگاھ ڀٽ شاھ تي ڳائڻ جي شروعات ڪيائين. راڳ جي سکيا، جواڻ فقير ڇڄڙي کان ورتائين. فقير مختيار علي، سُر يمن ڪلياڻ ۽ آبريءَ کي ٻين سُرن جي ڀيٽ ۾، وڏيءَ مھارت سان ڳائيندو آھي. اڄڪلهہ (2018ع) درگاھ تي اڱاري جي ڏينھن پوئين پھر (منجهند 2 وڳي کان شام 6 وڳي تائين) واريءَ جماعت ۾، فقير قائم علي لنجواڻي، رحمت فقير لنجواڻي ۽ ٻين سان گڏجي ڳائي ٿو، ان کان سواءِ ڇنڇر جي رات واريءَ جماعت ۾، جواڻ فقير ڇڄڙي، مہدي حسن لنجواڻي ۽ ٻين سان گڏجي ڳائيندو آھي. فقير مختيار سنديلو، درگاھ ڀٽ شاھ کان سواءِ، درگاھ شاھ ڪريم تي ھر سال ميلي جي موقعي تي پنھنجيءَ جماعت سان گڏجي ڳائيندو آھي، ۽ ھر مہيني سائي جمعي جي رات تي سهڻيءَ جي مزار (شھدادپور) تي پڻ ڳائيندو آھي. سندس رہائش، پير پاڙي ڀٽ شاھ، تعلقي ھالا، ضلعي مٽياريءَ ۾ آھي.

مختيار فقير لنجواڻي (جنم: 1985ع)

مختيار فقير ولد فقير خان محمد لنجواڻي، 1985ع ڌاري ڳوٺ ڪيھر فقير لنجواڻيءَ ۾ ڄائو. وڏڙن مان سندس والد فقير خان محمد لنجواڻي، شاھ جي راڳ جو راڳي فقير ھو. سندس چاچو، بشارت فقير لنجواڻي ۽ ڀاءُ منور فقير لنجواڻي، درگاھ ڀٽ شاھ جا ناليوارا راڳي فقير آھن.

مختيار فقير، راڳ جي سکيا، جمن فقير لنجواڻيءَ کان ورتي ۽ گذريل ڏہن سالن کان، درگاھ ڀٽ شاھ تي ڳائي ٿو. اڄڪلهہ (2018ع)، سومر جي ڏينھن پھرين پھر (صبح 9 وڳي کان منجهند 2 وڳي تائين) واريءَ جماعت ۾، جمن فقير لنجواڻي، سيد شفقت علي شاھ، فقير امير علي لنجواڻي ۽ ٻين سان گڏجي ڳائيندو آھي. پاڻ درگاھ ڀٽ شاھ کان سواءِ، درگاھ شاھ ڪريم تي ھر سال ميلي جي موقعي تي پنھنجيءَ جماعت سان گڏ ڳائيندو آھي. سندس رہائش، پنھنجي اباڻي ڳوٺ، ڪيھر فقير لنجواڻي، لڳ ڀٽ شاھ ۾ آھي.

مدد علي فقير ميرجت (جنم: 1994ع)

فقير مدد علي ولد مير محمد ميرجت، 1994ع ڌاري ڀٽ شاھ ۾ ڄائو. ڏہن سالن جي ڄمار کان فقير قادر بخش خاصخيليءَ کان راڳ جي سکيا وٺڻ شروع ڪيائين ۽ 2009ع ۾، درگاھ ڀٽ شاھ تي ڳائڻ جي باقاعدہ شروعات ڪيائين. وڏڙن مان سندس ڏاڏي جو سوٽ وريام فقير درگاھ ڀٽ شاھ تي ڳائيندو ھو. مدد فقير سُر ڪلياڻ مھارت سان ڳائيندو آھي. فقير مدد علي درگاھ ڀٽ شاھ تي اربع جي رات واريءَ جماعت ۾، فقير قادر بخش خاصخيلي، بہزاد حسين شاھ ۽ ٻين سان گڏ ڳائيندو آھي. ڀٽ شاھ کان سواءِ، ھر سال درگاھ شاھ ڪريم جي ميلي جي موقعي تي پڻ ڳائيندو آھي. سندس رہائش، ٻُگهيا پاڙي ڀٽ شاھ ۾ آھي.

معشوق علي فقير ملوکاڻي (جنم: 1987ع)

فقير معشوق علي ولد محمد حسن ملوکاڻي، 1987ع ڌاري ٽنڊي آدم ۾ ڄائو. سيدذوالفقارحسين شاھ کان راڳ جي سکياورتائين ۽ 2002ع کان درگاھ ڀٽ شاھ تي راڳ جي شروعات ڪيائين. سندس وڏڙن مان، پيرو فقير ملوکاڻي پڻ شاھ لطيف جو راڳائي فقير ٿي گذريو آھي. فقير معشوق علي، درگاھ ڀٽ شاھ تي، سومر جي ڏينھن، پوئين پھر (2 وڳي کان شام 6 وڳي) واريءَ جماعت ۾، رسول ڏني جوڻيجي، فقير قادر ڏني ٿھيم ۽ ٻين سان گڏ، اڱاري جي ڏينھن پھرين پھر (صبح 9 وڳي کان 2 وڳي تائين) واريءَ جماعت ۾، جڙيل فقير لنجواڻي، سيد ماجد علي شاھ، فقير لنجواڻي ۽ ٻين سان گڏ ۽ جمعي جي ڏينھن پھرين پھر (صبح 9 وڳي کان 1 وڳي تائين) واريءَ جماعت ۾، کٻڙ فقير سومري، رحيم ڏني جوڻيجي ۽ ٻين سان گڏ ڳائيندو آھي.

پاڻ، شفقت علي شاھ نالي ھڪ نوجوان کي، راڳ جي سکيا ڏيئي ڀڙ ڪيائين. درگاھ ڀٽ شاھ کان سواءِ، پاڪستان ٽيليويزن ڪراچي سينٽر ۽ جيڪب آباد ۾ پنھنجي فن جو مظاھرو ڪري چڪو آھي. ان کان سواءِ، ھر سال درگاھ شاھ ڪريم تي ميلي جي موقعي تي ڳائيندو آھي. 1999ع کان سندس مستقل رہائش، پير پاڙي ڀٽ شاھ ۾ آھي.

منور علي فقير لنجواڻي (جنم: 1992ع)

فقير منور علي لنجواڻيءَ جو تعلق شاھ لطيف جي راڳائي فقيرن جي گهراڻي سان آھي. ھن گهراڻي مان شاھ لطيف جا ڪيترائي راڳي ٿيا، جن ۾ جلال فقير، ميرو فقير، خان محمد فقير ۽ قربان فقير جانالا شامل آھن. منور فقير ولد خان محمد فقير جو جنم، 1992ع ڌاري ڳوٺ ڪيھر فقير لنجواڻيءَ ۾ ٿيو. سندس پيءُ، راڳ جي خانداني روايت کي زندہ رکڻ لاءِ ھيءُ فن پنھنجي پُٽ، منور عليءَ ڏانہن منتقل ڪيو ۽ پنھنجي نگرانيءَ ھيٺ، پُٽ کي راڳ جي سکيا ڏنائين. فقير منور علي، 2007ع کان راڳ ڳائڻ جي شروعات ڪئي. اڄڪلهہ (2018ع)، اڱاري جي رات راڳ واريءَ جماعت ۾، قمبر فقير لنجواڻي، شھمير فقير خاصخيلي، انور فقير خاصخيلي ۽ ٻين سان گڏجي ڳائي ٿو. ان کان علاوہ، آچر جي ڏينھن پوئين پھر (منجهند 2 وڳي کان شام 6 وڳي تائين) واريءَ جماعت ۾، فقير شاھنواز نظاماڻي، فقير بشارت علي لنجواڻي، وريام فقير خاصخيلي ۽ ٻين سان گڏجي ڳائي ٿو. گهر جي وڏڙن جو، شاھ لطيف جي راڳ سان تعلق ھئڻ ڪري پاڻ بہ ننڍپڻ کان شاھ لطيف جي سُرن کان واقف ٿيو. پاڻ درگاھ ڀٽ شاھ کان علاوہ، ڀرپاسي واري علائقن ۾ بہ شاھ لطيف جو راڳ ڳائڻ لاءِ ويندو آھي، ھن وقت سندس رہائش، ڳوٺ ڪيھر فقير لنجواڻي، لڳ ڀٽ شاھ ۾ آھي.

مولابخش فقير خاصخيلي (1922ع -1977ع)

فقير مولابخش خاصخيلي، شاھ لطيف جي راڳ جي سدا ملوڪ راڳي، ابراھيم فقير خاصخيليءَ جو پُٽ ھو. سندس جنم، 1922ع ڌاري ڀٽ شاھ ۾ ٿيو. پاڻ ننڍپڻ کان ئي شاھ لطيف جي راڳ کان متاثر ھو، جو سندس وڏڙن جو لڳاءُ شاھ لطيف جي راڳ سان ھو. ڏہن سالن جي ننڍيءَ عمر ۾، راڳ سان چاھ ڏسي، کيس سندس والد، پنھنجي نگرانيءَ ھيٺ، راڳ جي سکيا ڏني ۽ اُن وقت سومر جي رات راڳ واريءَ جماعت ۾، قربان فقير لنجواڻي، جيوڻ فقير خاصخيليءَ ۽ جڙيل فقير سان گڏجي ڳائيندو ھو. پاڻ جيترو سکيو، سو علم پنھنجي ٻالڪن ۾ ورہايائين. سندس شاگرد مختلف جماعتن ۾ ڳائين ٿا. فقير مولابخش، سُر مارئي، سُر آبري ۽ سُر معذوري ڳائڻ ۾ مھارت رکندو ھو. سندس وفات، 1977ع ڌاري ٿي ۽ ڀٽ شاھ ۾ يارو فقير جي مُقام ۾ دفن ٿيل آھي. درگاھ تي ڳائڻ وارو سندس عرصو 45 سال ھو. سندس ڳايل ڪلام، ريڊيو حيدرآباد ۽ ڪراچي ٽي. وي. تي اڄ بہ يادگار طور موجود آھي.

مہدي حسن فقير لنجواڻي (جنم: 1978ع)

فقير مہدي حسن ولد فقير نادر علي لنجواڻي، 1978ع ڌاري ڳوٺ ڪيھر فقير لنجواڻي، لڳ ڀٽ شاھ ۾ ڄائو. راڳ جي سکيا، جڙيل فقير لنجواڻيءَ کان ورتائين. 2014ع کان درگاھ ڀٽ شاھ تي لطيفي راڳ ڳائي ٿو. سندس وڏڙن مان سندس والد، نادر فقير لنجواڻي، چاچو قربان فقير لنجواڻي ۽ ڏاڏو ميرو فقير لنجواڻي پڻ راڳي فقير ھئا.

فقير مہدي حسن اڄڪلهہ درگاھ ڀٽ شاھ تي ڇنڇر جي رات واريءَ جماعت ۾، جواڻ فقير ڇڄڙي، ناظم فقير لنجواڻي ۽ ٻين سان گڏجي ۽ اڱاري جي ڏينھن، پوئين پھر (منجهند 2 وڳي کان شام 6 وڳي تائين) واريءَ جماعت ۾، مختيار فقير سنديلي، رحمت فقير لنجواڻي ۽ ٻين سان گڏجي ڳائيندو آھي. درگاھ ڀٽ شاھ کان سواءِ، درگاھ شاھ ڪريم تي پڻ گذريل ٽن سالن کان ھر سال ميلي جي موقعي تي ڳائيندو آھي. سندس رہائش، پنھنجي اباڻي ڳوٺ ڪيھر فقير لنجواڻي، لڳ ڀٽ شاھ ۾ آھي.

مير حسن فقير تمراڻي (جنم: 1955ع)

فقير مير حسن تمراڻي ولد يوسف فقير تمراڻي، 1955ع ڌاري ڳوٺ لائق ڏني تمراڻيءَ ۾ پيدا ٿيو. ھي گهراڻو، صدين کان وٺي شاھ لطيف جي راڳ جو اڳواڻ رہيو آھي. سندس خاندان جي وڏڙن مان، احمد فقير، ميھار فقير ۽ لائق ڏنو فقير، شاھ لطيف جي راڳ جا ناميارا راڳي ليکيا وڃن ٿا.

فقير مير حسن جو تعلق جيئن تہ شاھ لطيف جي مشھور راڳائي فقيرن جي گهراڻي سان آھي، ان ڪري پاڻ بہ پنھنجي خاندان جي ڳائڻ واري روايت کي زندہ رکڻ لاءِ دنبورو ھٿ ۾ کنيائين. سندس سکيا جو مرڪز بہ پنھنجو گهر ئي ھو. پاڻ 15 سالن جي عمر ۾ پنھنجي بزرگ احمد فقير کان راڳ جي سکيا ورتائين. ٻين سُرن جي ڀيٽ ۾ پاڻ، سُر مارئي ڳائڻ ۾ مھارت رکي ٿو. 2015ع تائين درگاھ تي سائين بخش، غلام حيدر تمراڻي، رسول بخش تمراڻي ۽ ٻين سان گڏجي ڳائيندو ھو، ۽ ان کان علاوہ، 2006ع کان 2015ع تائين جمعي جي رات جي جماعت ۾، سيد جمن شاھ ۽ ٻين سان گڏجي ڳائيندو ھو. 2015ع کان پوءِ، ھينئر 2018ع تائين وڏيءَ اوطاق تي، ھر جمعي جي رات ڳائيندو آھي. گذريل ٻن مہينن کان طبيعت خراب ھجڻ ڪري ڪونہ ٿو ڳائي.

ھيءُ فقير، ڳائڻ کان علاوہ، درگاھ تي شاھ لطيف جي راڳ جي سکيا بہ ڏيندو ھو، سندس شاگردن ۾ طالب حسين، يارمحمد ۽ غلام حسين وساڻ جا نالا مشھور آھن.فقير مير حسن، پرڏيھ وڃي شاھ لطيف جو راڳ پيش ڪري چڪو آھي، اُنہن ملڪن ۾ فرانس، ترڪي ۽ اسپين جا ملڪ شامل آھن. ان کان علاوہ، درگاھ ۽ ٻين لطيفي راڳ جي محفلن جي پڻ اڳواڻي ڪندي نمائندگي ڪئي اٿس. راڳ ۾مڃتا طور کيس ’لطيف ايوارڊ‘ پڻ مليل اٿس. پاڻ ھن وقت پنھنجي اباڻي ڳوٺ فقير لائق ڏني تمراڻيءَ ۾ رہي ٿو.

مير محمد عرف ميرو فقير لنجواڻي (1900ع -1971ع)

فقير مير محمد ولد فقير اللہ بچايو لنجواڻي، 1900ع ڌاري ڳوٺ ڪيھر فقير لنجواڻيءَ ۾ ڄائو. سندس وڏڙن مان ڪيترائي شاھ لطيف جا راڳي ٿي گذريا آھن، جن مان ڪيھر فقير لنجواڻي درگاھ ڀٽ شاھ تي راڳ جو اڳواڻ پڻ رہيو آھي.

فقير مير محمد چوڏہن سالن جي ڄمار ۾، لطيفي راڳ ڳائڻ جي شروعات ڪئي، پاڻ راڳ جي سِکيا، پنھنجي والد، فقير اللہ بچايو لنجواڻيءَ کان ورتائين. فقير مير محمد، درگاھ ڀٽ شاھ تي پھريان جمعي جي رات ۽ پوءِ وفات تائين ڇنڇر جي رات واري راڳ جي جماعت سان گڏجي ڳائيندو ھو. سندس ساٿي راڳين ۾، محبت فقير لنجواڻي، سيد غلام شاھ ۽ ٻيا شامل ھئا. پاڻ رسالي جي ٻين سُرن جي ڀيٽ ۾، سُر مارئي ۽ سُر ڪيڏارو مھارت سان ڳائيندو ھو. ھو شاھ جي رسالي جو ’حافظ‘ ھو. سندس ڳايل وايون ريڊيو پاڪستان تان پڻ نشر ٿينديون رہنديون آھن. فقير مير محمد، درگاھ ڀٽ شاھ کان سواءِ، پوريءَ سنڌ ۾ جہڙوڪ: سن، ڪنڊيارو ۽ خاص طور شاھ بندر ۾ جت فقيرن وٽ راڳ ڳائيندو ھو. فقير مير محمد، زندگيءَ جا ستونجاھ سال لطيفي راڳ کي ارپي، ايڪھتر سالن جي عمر ۾، 1971ع ڌاري وفات ڪيائين. سندس قبر، درگاھ ڀٽ شاھ جي مکيہ مُقام ۾، شاھ لطيف جي روضي جي پيراندي ۾ آھي.

نادر فقير لنجواڻي (1940ع -2015ع)

نادر فقير جو تعلق، لنجواڻي فقيرن جي گهراڻي سان آھي. ھن گهراڻي مان ڪيترائي شاھ لطيف جا راڳائي فقير ٿي گذريا آھن، جن ۾ ڪيھر فقير، جلال فقير ۽ ميري فقير جا نالا اھم آھن. نادر فقير، 1940ع ڌاري ڳوٺ ڪيھر فقير لنجواڻيءَ ۾ ڄائو. راڳ جي سکيا پنھنجي پيءُ جي نگرانيءَ ھيٺ ورتائين. پاڻ ٽيہن سالن جي عمر ۾، درگاھ تي راڳ ڳائڻ جي شروعات ڪيائين. پاڻ (2010ع) ڌاري، ڇنڇر جي رات راڳ واريءَ جماعت جو اڳواڻ ھو ۽ يعقوب ڀٽي، فقير محبت علي، فقير مولابخش، جڙيل فقير، جيئن فقير، قربان فقير سان گڏجي ڳائيندو ھو. پاڻ درگاھ تي ڳائڻ کان علاوہ، شاھ لطيف جو راڳ سيکاريندو پڻ ھو. ڍول فقير نظاماڻيءَ ۽ صدرالدين لنجواڻيءَ کان علاوہ، ٻيا بہ سندس شاگرد آھن، جيڪي ھفتي جي مختلف راتين ۾، جماعت سان گڏجي ڳائين ٿا.

نادر فقير، سُر سهڻي ۽ سُر سارنگ ڳائڻ ۾ مھارت رکندو ھو. درگاھ کان علاوہ، پرڏيھ ۾ آمريڪا، فرانس ۽ انگلئنڊ ۾، شاھ لطيف جو راڳ ڳايو ھئائين. پاڻ 78 ورہين جي ڄمار ۾ 2015ع ۾، وفات ڪيائين، کيس ڳوٺ ڪيھر فقير لنجواڻي، لڳ ڀٽ شاھ، تعلقي ھالا، ضلعي مٽياريءَ جي مُقام ۾ دفنايو ويو آھي.

ناظم فقير لنجواڻي (جنم: 1992ع)

فقير ناظم علي ولد عزت فقير لنجواڻي، 1992ع ڌاري ڳوٺ ڪيھر فقير لنجواڻيءَ ۾ ڄائو. سندس وڏڙن مان سندس والد، عزت فقير ۽ ڏاڏو، فقير غلام محمد لنجواڻي، شاھ جي راڳ جا راڳي فقير ھئا. خانداني وراثت ۾ مليل لطيفي راڳ کي فقير ناظم، ننڍي عمر ۾ ئي شوق ۽ چاھ سان سکڻ جي شروعات ڪئي. پاڻ 2005ع ۾، تيرہن سالن جي عمر ۾، راڳ جي سکيا، جڙيل فقير لنجواڻي کان وٺڻ شروع ڪيائين، ۽ 2008ع ۾، سورہن سالن جي عمر ۾، درگاھ ڀٽ شاھ تي راڳ ڳائڻ جي شروعات ڪيائين.

فقير ناظم علي، اڄڪلهہ درگاھ ڀٽ شاھ تي چئن جماعتن ۾، ڳائي ٿو. پھرين اڱاري جي ڏينھن، پوئين پھر (2 وڳي کان شام 6 وڳي تائين) واريءَ جماعت ۾، مختيار فقير سنديلي، رحمت فقير لنجواڻي ۽ ٻين سان گڏ، ٻي اربع جي رات واريءَ جماعت ۾، فقير قادر بخش خاصخيلي، بہزاد علي شاھ ۽ ٻين سان گڏ، ٽين خميس جي ڏينھن (صبح 9 وڳي کان شام 6 وڳي تائين) واريءَ جماعت ۾، سيد سجاد علي شاھ، ڪامل فقير ٿھيم ۽ ٻين سان گڏ ۽ چوٿين ڇنڇر جي رات واريءَ جماعت ۾، جواڻ فقير ڇڄڙي، صدر فقير لنجواڻي ۽ ٻين سان گڏجي ڳائيندو آھي. پاڻ سُر ڪلياڻ ۽ سُر يمن ڪلياڻ ڳائڻ ۾ مھارت رکي ٿو. درگاھ ڀٽ شاھ کان سواءِ، درگاھ شاھ ڪريم جي ميلي جي موقعي تي ھر سال ڳائيندو آھي. سنڌ جي مختلف شھرن ۾ لطيفي راڳ ڳائي داد وصول ڪري چڪو آھي. سندس رہائش، پنھنجي اباڻي ڳوٺ ڪيھر فقير لنجواڻي، لڳ ڀٽ شاھ ۾ آھي.

نسيم عباس فقير پھوڙ (جنم: 1999ع)

فقير نسيم عباس ولد فقير گل محمد پھوڙ، 1999ع ڌاري، ڀٽ شاھ لڳ، ڳوٺ وسي مُراد شاھ ۾ ڄائو. راڳ جي سکيا پنھنجي والد، فقير گل محمد پھوڙ کان حاصل ڪيائين ۽ 2016ع کان درگاھ ڀٽ شاھ تي ڳائڻ جي شروعات ڪيائين. نسيم فقير، درگاھ ڀٽ شاھ تي، اربع جي ڏينھن پوئين پھر (منجهند 2 وڳي کان شام 6 وڳي تائين) واريءَ جماعت ۾، گل محمد پھوڙ، فقير رحيم ڏني جوڻيجي، وريام فقير خاصخيلي ۽ ٻين سان گڏ ڳائيندو آھي. سندس رہائش، ڳوٺ وسي مراد شاھ تعلقي ھالا، ضلعي مٽياريءَ ۾ آھي.

نظام علي فقير کوسو (1986ع)

فقير نظام علي کوسو ولد لکمير خان کوسو، 1986ع ڌاري شيخ پاڙي ڀٽ شاھ ۾ ڄائو. پاڻ راڳ جي سکيا، فقير قادر بخش خاصخيليءَ کان ورتائين ۽ 2010ع کان درگاھ ڀٽ شاھ تي لطيفي راڳ ڳائي ٿو. فقير نظام علي، تند وڄائڻ ۾ مھارت رکي ٿو. پاڻ درگاھ ڀٽ شاھ تي اربع جي رات واريءَ جماعت ۾، فقير قادر بخش خاصخيلي، سيد بہزاد حسين شاھ، گلڻ فقير خاصخيلي، مير محمد شاھ ڪاظمي ۽ ٻين سان گڏ ڳائيندو آھي، ۽ ان سان گڏ، 2015ع کان جمعي جي رات جي جماعت ۾، سيد جمن شاھ، فقير گل محمد خاصخيلي، جواڻ فقير ڇڄڙي ۽ ٻين سان گڏجي پڻ ڳائيندو آھي. ٻنہي راتين ۾ ھر سُر جي تند پڻ وڄائيندو آھي. پاڻ سُر راڻو مھارت سان ڳائيندو آھي.

فقير نظام علي ملڪ جي مختلف شھرن، جہڙوڪ: اسلام آباد، لاھور، ڪراچي، سکر وغيرہ ۾ راڳ جي مختلف محفلن ۾ لطيفي راڳ ڳائي چڪو آھي، ان سان گڏوگڏ پاڻ، ھڪ ڀيرو ملڪ کان ٻاھر، مصر ۾ بہ راڳ ڳائي چڪو آھي. رفيع پير ڪلچرل سينٽر لاھور ۾ 3 ڀيرا لطيفي راڳ پيش ڪيو اٿس. پاڻ ھن وقت، شيخ پاڙي، ڀٽ شاھ ۾ رہي ٿو.

واحد بخش وساڻ

واحد بخش وساڻ شاھ لطيف جو راڳي ھو. پاڻ درگاھ ڀٽ شاھ تي ڳائيندو ھو ۽ وڏي رس وارو راڳي ٿي گذريو آھي. ابراھيم فقير واري پوئين دؤر ۾، آچر جي رات واري راڳ جي اڳواڻي بہ ڪيائين. سندس اڳواڻيءَ ھيٺ، پنہل فقير ڀٽي، صوف وساڻ، محمود ڪوري ۽ غلام حيدر سومار ڳائيندا ھئا.

ھوت فقير خاصخيلي (جنم: 1967ع)

ھوت فقير ولد محمد علي خاصخيلي، 1967ع ڌاري ڀٽ شاھ ۾ شيخ پاڙي ۾ ڄائو. راڳ جي سکيا، گل محمد خاصخيليءَ کان ورتائين. سندس وڏڙن مان سندس نانو، ابراھيم فقير خاصخيلي درگاھ ڀٽ شاھ تي راڳ جو اڳواڻ رہيو آھي، ۽ سندس ماما، محرم فقير خاصخيلي، اللہ ڏنو فقير خاصخيلي ۽ مولا بخش خاصخيلي پڻ درگاھ ڀٽ شاھ تي نالي وارا راڳي ٿي گذريا آھن. ھوت فقير، گذريل پنجويھن سالن کان درگاھ ڀٽ شاھ تي ڳائي ٿو ۽ سماع جا بيت پڻ ڏيندو آھي.

درگاھ ڀٽ شاھ تي پھرين اڱاري جي رات واريءَ جماعت ۾، پندرہن سالن تائين ڳائيندو رہيو، پوءِ آچر جي رات واريءَ جماعت سان گڏجي ڳايائين. اڄڪلهہ (2018ع) آچر جي رات واريءَ جماعت ۾، فقير گل محمد خاصخيلي، کٻڙ فقير سومري، انور فقير خاصخيلي ۽ ٻين سان گڏجي ڳائيندو آھي. ٻين سرن جي ڀيٽ ۾، پاڻ سُر سنڌي بروو ڳائڻ ۾ مھارت رکي ٿو. نومبر 2017ع کان، درگاھ ڀٽ شاھ کان سواءِ سومر جي رات، درگاھ يعقوب شھيد تي پڻ لطيفي راڳ ڳائيندو آھي. سندس رہائش، شيخ پاڙي، ڀٽ شاھ ۾ آھي.

يار محمد فقير تمراڻي (1968 ع -2015ع)

فقير يار محمد ولد عثمان فقير جو تعلق تمراڻي فقيرن جي گهراڻي سان آھي. ھن خاندان مان، شاھ لطيف جا ڪيترائي نالي وارا راڳي ٿي گذريا آھن. فقير يار محمد جي وڏڙن مان، ميھار فقير، لائق ڏنو فقير، اللہ بچايو فقير شاھ لطيف جا سدا ملوڪ راڳي ھئا. فقير يار محمد جو جنم، 1968ع ڌاري، ڳوٺ لائق ڏني تمراڻيءَ ۾ ٿيو. پنھنجن وڏڙن کان متاثر ٿي ۽ خانداني روايت کي زندہ رکڻ لاءِ، 1995ع ۾، راڳ ڳائڻ جي شروعات ڪيائين. سندس راڳداريءَ جي تربيت فقير مير حسن تمراڻيءَ جي نگرانيءَ ھيٺ ٿي. کيس سومر جي رات راڳ واريءَ جماعت ۾، شامل ڪيو ويو ھو. سندس جماعت جا ساٿي راڳي، جواڻ فقير ڇڄڙي، سائين بخش فقير، غلام حيدر تمراڻي، رسول بخش تمراڻي ھئا. فقير يارمحمد، سُر سهڻي ڳائڻ ۾ ماھر ھو. لطيفي راڳ جي ھن سدا ملوڪ راڳيءَ لڳاتار 20 سالن تائين درگاھ تي راڳ ڳايو. 2015ع ۾، وفات ڪيائين. کيس يعقوب شھيد جي مُقام ۾ دفنايو ويو.