آگم ڪيو اچن...

ڀٽ شاھ جو تعارف

ڀٽ شاھ جو تعارف ۽ تاريخي ماڳ

ڀٽ شاھ جو تعارف

شاھ لطيف حياتيءَ جي پوئين حصي ۾ ھالا حويليءَ مان لڏي اچي ’ڀٽ‘ کي آباد ڪري، اُتي رهڻ لڳو، جتي ھُو پنھنجي جوانيءَ واري دؤر ۾ ھيڪلائيءَ ۾، ڌيان گيان ۾، ڪنھن ڳوڙھي سرچ ويچار ۾ گم رهندو ھو، جنھن بابت ’لطائف لطيفيءَ‘ ۾ ڪجھه روايتون پڻ ڏنل آھن.

ان کان اڳ ۾ ’ڀٽ‘ جي اوسي پاسي جهنگ ھوندو ھو. مينھن وسڻ کان پوءِ ھتي گاھ جام ٿيندو ھو ۽ مالوند ماڻهو ھتي مال چاريندا ھئا. شاھ لطيف کي ھيءَ جاءِ پسند آئي، تنھن ڪري پاڻ ’ڀٽ‘ کي سندرائي ھتي ٻہ صفا پنھنجي حرم لاءِ ۽ ھڪ صفو پنھنجي والد سيد حبيب شاھ لاءِ ٺھرايائين. ھڪ باغيچو پڻ جوڙايائين. فقيرن جي رهڻ لاءِ اُنهن کي جايون ليڪي ڏنائين.

1144ه موجب شاھ حبيب گذاري ويو، جنھن کي ’ڀٽ‘ ۾ ئي دفنايو ويو، جتي اڄ تائين سندس مزار موجود آھي.

عمر جي انهيءَ مرحلي تي شاھ لطيف جو زندگيءَ بابت مشاھدو گهرو ۽ تجربو پختو ٿي چڪو ھو، تنھن ڪري پاڻ ’ڀٽ‘ کي سنڌ جي ٻين ڳوٺن کان نرالو رکڻ ۽ اُتي رهندڙ ماڻهن جي سولائي ۽ سھولت لاءِ باقاعدي ھڪ سگهاري سرشتي جو بنياد رکيائين، جنھن ۾ ھر ماڻهوءَ ’ڀٽ‘ جي رهاڪن جي گڏيل سُک ۽ آرام لاءِ پنھنجي حصي جو ڪم ڪرڻ لڳو.

شاھ لطيف ’ڀٽ‘ تي رهندڙ فقيرن کي ڪم ونڊي ورڇي ڏنو، جنھن کي پورو ڪرڻ سندن ئي ذميداري ھئي. اھڙي ريت ھر ھڪ فقير پنھنجي ذميداري سھڻي نموني نڀائيندو ھو. شاھ لطيف ’ڀٽ‘ تي ايندڙ ويندڙ ماڻهن جي آڌرڀاءُ، بٺيءَ جي انتظام ۽ حويليءَ جي سار سنڀال جي سلسلي ۾ پاڻ بہ نگراني ڪندو ھو. سندس زندگيءَ جي پوين سالن ۾ اھو سرشتو ھر لحاظ کان مڪمل ۽ منظم نموني ھلڻ لڳو. ان وقت ھر ھڪ ڪم جدا جدا فقيرن جي حوالي ٿيل ھو.

ذڪر ۽ سماع جو نگران، شاھ لطيف جو ماسات خليفو محمد عالم ڏيرو ھو. مريدي اختيار ڪرڻ لاءِ آيل ماڻهو سومر فقير لاڙڪ جي حوالي ھوندا ھئا. عارف ٿيٻو، فقيرن کي عبادت ۽ نماز جي سکيا ڏيندو ھو. کاڌو تيار ڪرڻ جي ذميداري رحمون فقير جي حوالي ھوندي ھئي. قاسم فقير حجام ھو ۽ شاھ لطيف جي سنوارت ٺاھيندو ھو. ونھھيون فقير سالاراڻي جت ’ڀٽ‘ تي رهندڙ ٻن ڪتن جي سار سنڀال لھندو ھو.

شاھ لطيف جو منشي محمد رحيم فقير ھوندو ھو. لکپڙهه جو سمورو ڪم سندس حوالي ٿيل ھو. شاھ لطيف جي گهوڙي ’چنگل‘ جي سار سنڀال لاءِ احمد فقير سمون مقرر ٿيل ھو. عنايت فقير وساڻ، جت ٿي اُٺ جي مھار جهليندو ھو. شاھ لطيف جو ھنڌ بسترو سيد سائينڏنو وڇائيندو ھو. عبدالجميل فقير انڙ، شاھ صاحب جو مصلو ۽ تسبيح سنڀاليندو ھو ۽ نماز ۽ عبادت جو بندوبست ڪرڻ پڻ سندس ذميداري ھئي.

مائي گنگا جتڻ، مائي صالحان تُنياڻي ۽ مائي بوئا وساڻ، اندر حويليءَ ۾ خدمتگار ھيون. عبدالواسع فقير سالارو، سکر فقير ڏيرو، ڪمال فقير سينھڙو، ورو فقير عرف وڳنڌ، نور محمد ابڙو، عمر فقير سھتو، فقير سيد سائينڏنو ۽ بچو فقير خاص حاضريءَ جا فقير ھئا.

’ڀٽ‘ تي شاھ لطيف، موسيقي ۽ راڳ جو ذوق رکندڙ فقيرن تي مشتمل راڳ جو ھڪ ادارو قائم ڪيو، جنھن بابت ڊاڪٽر دُرِشھوار سيد لکي ٿي: ”ان سلسلي ۾ پاڻ ھڪ نئون ساز ايجاد ڪيائين ۽ پنھنجن فقيرن جي ھڪ گروھه کي پنھنجي موسيقي ڀريل شعر کي نئين طرز سان ڳائڻ جي تربيت ڏنائين، جنھن موجب سندس ڪلام کي مختلف موضوعن جي لحاظ سان جدا جدا سُرن ۾ ڳايو ويو. “ (سيد دُرِشھوار، 1992ع، ص: 110)

ڊاڪٽر دُرِشھوار سيد وڌيڪ لکي ٿي: ”شاھ پنھنجي زندگيءَ جي ايندڙ ڏهن سالن ۾ موسيقيءَ جي ھن نئين اداري ۾ طرز ادائگيءَ کي مڪمل ڪرڻ کان پوءِ انهيءَ اداري کي تمر فقير جي رهبري ھيٺ، تربيت يافتہ ڳائڻن فقيرن جي جماعت جي حوالي ڪيو. “ (سيد دُرِشھوار، 1992ع، ص: 111)

سماع جي لاءِ مچ ٻارڻ جو انتظام شاھ لطيف جو ماسات خليفو محمد عالم ڏيرو ڪندو ھو. راڳ ۾ شاھ لطيف سان گڏ ھڪ پاسي خليفو محمد عالم ڏيرو ۽ اُن جا ساٿي فقير، ٻئي پاسي تمر فقير ۽ اُن جا ساٿي شريڪ ٿيندا ھئا. راڳ لاءِ خاص وقت بہ مقرر ڪيو ويو. ھن سلسلي ۾ ڊاڪٽر نبي بخش لکي ٿو: ”راڳ ڳائڻ لاءِ وقت مقرر ڪيو ويو ۽ ان جي پوري پابندي ڪئي وئي. ھن طرح جو سومھڻيءَ جي نماز باجماعت ادا ڪرڻ بعد راڳ جي شروعات ٿي ۽ فجر جي نماز کان اڳ راڳ جي خاتمي جي دعا گهري وئي. راڳ لاءِ راڳائي فقير چونڊيا ويا ۽ تمر فقير کي راڳ جو اڳواڻ مقرر ڪيو ويو. “ (بلوچ، 2009ع، ص: 29)

ڀٽ شاھ سان لاڳاپيل ماڳ، مڪان ۽ عمارتون

ڀٽ شاھ کي شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ آباد ڪيو. ھن شھر ۾ ڪيترائي قديم ماڳ ۽ مڪان موجود آھن. ان کان سواءِ ھن شھر ۾، موجودہ دؤر ۾ بہ ڪيتريون ئي اڏاوتون ڪيون ويون آھن. ڀٽ شاھ جي انهن سمورن ماڳن، مڪانن ۽ اڏاوتن جو ھيٺ تفصيل ڏجي ٿو.

آرٽ گئلري

ڀٽ شاھ تي، ڀٽ شاھ ثقافتي مرڪز پاران، ڀٽ شاھ ميوزيم واري عمارت جي ھڪ وڏي ھال ۾، حضرت شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي شاعريءَ جي فن ۽ فڪر تي تحقيق ڪرڻ جي حوالي سان اديبن، محققن، شاعرن، سُگهڙن ۽ شاھ لطيف جي راڳين، فنڪارن ۽ سنڌ جي مھان شخصيتن جون تصويرون، سندن زندگين جي مختصر احوال سان گڏ، لڳايون ويون آھن. ان کان سواءِ، انهيءَ ھال جي وچ ۾، شاھ لطيف جي درگاھ جي احاطي ۾ شامل مقبرن، مزارن، مسجدن ۽ حويليءَ وغيرھ توڙي ٻين سڀني ننڍين وڏين جڳهہين جو خاڪو، ھڪ وڏيءَ ميز تي، شيشي ۾ بند رکيل آھي. انهيءَ جي پاسي ۾، ھڪ وڏي ميز تي شيشي ۾ بند، شاھ جو گنج ۽ شاھ جي رسالي جا ڪجهہ قلمي نسخا بہ رکيل آھن. انهيءَ آرٽ گئلري جو افتتاح، 2005ع ۾، اُن وقت جي ثقافت ۽ سياحت کاتي جي سيڪريٽري مھتاب اڪبر راشدي ڪيو ھو.

آرٽ گئلريءَ وارو اھو ھال، ميوزيم واريءَ عمارت ۾، اندر گهڙندي ئي، ساڄي پاسي آھي. اِھا آرٽ گئلري، ميوزيم جو ئي حصوآھي، جيڪا ميوزيم وانگر، عام ماڻهن لاءِ صبح جو 9 کان شام 6 وڳي تائين کليل رهندي آھي، ۽ شاھ لطيف جي درگاھ تي حاضري ڀريندڙ ماڻهو ھتي گهمڻ ايندا آھن.

اجرڪ سينٽر

سنڌ جي ثقافتي لباس ۽ اھم اوڇڻ، اجرڪَ جي رڱاوت ۽ ڇپائيءَ جو مرڪز، ڀٽ شاھ تي، درگاھ کان اولهہ طرف، لڳ ڀڳ 700 ميٽرن جي مفاصلي تي، نئشنل ھاءِ وي کان درگاھ تائين ويندڙ روڊ جي ڏاکڻي ڀر ۾ آھي، جنھن کي عام طور تي اجرڪَ سينٽر چوندا آھن.

انهيءَ اجرڪ سينٽر ۾ ڪل 9 دڪان آھن، جن مان ھر ھڪ ۾ 8 کان 10 ڪاريگر ڪم ڪن ٿا. اھي دڪان، سنڌ سمال انڊسٽريز پاران، ھنرمندن کي 1983ع ۾، قسطن تي ٺھرائي ڏنا ويا ھئا، جيڪي ھينئر قسطون مڪمل ڪرڻ کان پوءِ انهن مزدورن جي ذاتي ملڪيت آھن. انهيءَ اجرڪ سينٽر ۾، اجرڪون، زائفاڻا ڪپڙا، وِھاڻن جا پوش، رومال، ڇُريل ۽ رڱيل چادرون توڙي پردا پڻ ٺھن ٿا، جيڪي ھتان حيدرآباد ۽ ڪراچيءَ سميت، ملڪ جي ٻين ڪيترن ئي شھرن تائين بلڪہ ٻاھرين ملڪن تائين بہ اُماڻيا ويندا آھن. انهيءَ اجرڪ سينٽر ۾، ڪم ڪندڙ ڪاريگر، لڳ ڀڳ ھتي جا ئي مقامي ماڻهو آھن، جن ۾ سومرا، خاصخيلي، کٽي، سھتا ۽ لاکا وغيرھ پڻ ڪم ڪندا آھن.

الله وارو چوڪ

ڀٽ شاھ تي ھڪ چوڪ، درگاھ جي اولهہ-ڏکڻ 450 ميٽرن جي مفاصلي تي آھي. ھن چوڪ جي وچ ۾ يادگار طور شاھ جو رسالو ’گنج‘ ٺھيل آھي، جنھن جي ھڪ صفحي تي شاھ لطيف جو بيت، ’اول الله عليم، اعلي عالم جو ڌڻي‘، ۽ ٻئي صفحي تي، ’جوڙي جوڙ جھان جي، جڏهن جوڙيائين‘ لکيل آھي.

انهي ’گنج‘ جي مٿان خوبصورت طريقي سان ’الله‘ جو نالو ٺھيل آھي، جنھن ڪري ھن چوڪ کي ’الله وارو چوڪ‘ سڏيو وڃي ٿو.

’الله وارو چوڪ‘ 1956ع کان پوءِ ٿيل ترقياتي ڪمن دوران ٺھيو، پر ھن تي ٺھيل يادگار طور گنج ۽ الله جو نالو 1988ع ۾ علي بخش شاھ ناز لطيفي، چيئرمين، ٽائون ڪميٽي ڀٽ شاھ ٺھرايو.

ھن چوڪ کان اوڀر پاسي 350 ميٽرن جي مفاصلي تي دنبورو چوڪ آھي، جتان کاٻي پاسي 100 ميٽرن جي مفاصلي تي درگاھ آھي ۽ اولهہ پاسي ٽن ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي نيشنل ھاءِ وي (قومي شاھراھ) آھي. ھن چوڪ کان ڏکڻ پاسي ويندڙ روڊ تي ساڄي پاسي ’شاھ جو باغ‘ ۽ کاٻي پاسي ’ريسٽ ھائوس‘ آھي ۽ اتر ڏانھن ويندڙ روڊ تان اڌ ڪلوميٽر کان پوءِ ساڄي پاسي ويندڙ رستو درگاھ جي پوئين دروازي (حجري واري چاڙهي) طرف وڃي ٿو، جڏهن تہ اھو روڊ سڌو اڳتي وٺي وڃجي تہ اڳيان وسي مراد شاھ ڳوٺ کان ٿيندو وڃي چَؤدڳي اسٽاپ تي ھالا کان شھدادپور ويندڙ روڊ کي پار ڪري ٿو.

اڻلڀ ڪتابن جي لائبرري (Rare Books Library)

ڀٽ شاھ تي، ڀٽ شاھ ثقافتي مرڪز پاران، ميوزيم سان گڏ، لطيف شناسيءَ تي، اڻلڀ ڪتابن جي لائبرري پڻ قائم ڪئي وئي آھي، جنھن ۾ شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ، سنڌ جي تاريخ تي، خاص طور سنڌي، انگريزي، اردو ۽ فارسيءَ جا ناياب ڪتاب موجود ڪيا ويا آھن. انهيءَ کان سواءِ ھن لائبرريءَ ۾ شاھ جي رسالي جا قلمي نسخا پڻ موجود آھن، جيڪي محققن لاءِ تحقيقي مواد طور ڪم ايندا آھن. ھن لائبرريءَ جو افتتاح، 18 جولاءِ، 1962ع تي، اُن وقت جي صنعت ۽ قدرتي وسيلن جي وفاقي وزير شھيدذوالفقارعلي ڀٽي، ميوزيم واري رٿا سان گڏ ڪيو ھو. ھيءَ لائبرري، ھڪ وڏي ڪمري تي مشتمل آھي. ان سان گڏ ھڪ ٻيو ڪمرو بہ ٺھيل آھي، جنھن ۾ عام ماڻهن جي پڙهڻ لاءِ ڪتاب ۽ اخبارون رکيل آھن.

اوپن ايئر آڊيٽوريم

ڀٽ شاھ ۾، شاھ لطيف ثقافتي مرڪز پاران، ميوزيم سان گڏ ھڪ اوپن ايئر آڊيٽوريم پڻ قائم ڪيو ويو آھي، جنھن ۾ ھزارين ماڻهن جي ويھڻ جي گنجائش رکيل آھي. ھن آڊيٽوريم جو افتتاح، 18 جولاءِ، 1962ع تي، شھيد ذوالفقار علي ڀٽو ڪيو ھو. ھن آڊيٽوريم ۾، شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي سالياني عرس جي موقعي تي، ثقافتي پروگرام ڪرايا ويندا آھن. خاص طور تي ميلي جي ٽنهي ڏينھن تي، رات جو موسيقيءَ جو پروگرام بہ ھتي ئي ٿيندو آھي. ڪجهہ عرصو اڳ، عرس جي موقعي تي، ھن ئي آڊيٽوريم ۾ ادبي ڪانفرنسون پڻ ڪوٺايون وينديون ھيون.

ڀٽ شاھ اسٽاپ/موري

ڀٽ شاھ کان ٽي ڪلوميٽر اولهہ طرف، نئشنل ھاءِ وي تي بس اسٽاپ آھي، جتي روڊن جي ٻنهي طرفن کان ايندڙ ويندڙ بسن مان زيارتي لهي، رڪشائن ۽ سوزوڪين ذريعي، درگاھ تي پھچندا آھن. ڪيترائي عقيدتمند تہ انهيءَ بس اسٽاپ تي لهڻ کان پوءِ پيرين پنڌ، پاند ڳچيءَ ۾ پائي، درگاھ تي پھچندا آھن.

ڀٽ شاھ شھر جا پاڙا/محلا

ھن وقت ڀٽ شاھ شھر ۾، ھيٺيان پاڙا/محلا موجود آھن: (1) پير پاڙو/محلو، (2) ٻُگهيا پاڙو/محلو، (3) شيخ پاڙو/محلو، (4) لطيف ڪالوني، (5) مسافرآباد.

1. پير پاڙو/محلو

ھيءُ مشھور پاڙو، ڀٽائي ساداتن سان منسوب آھي. ھن پاڙي ۾ گهڻو ڪري سيدن جا گهر آھن، جڏهن تہ ٻيون ذاتيون جھڙوڪ: شيدي، ڪوري، سھتا (لوھار)، مھر، وساڻ، ورياھ، جت، ارباب، لاڙڪ، موچي، خاصخيلي، کوسا ۽ جتوئي پڻ ھن پاڙي ۾ رهندا آھن.

ھيءُ پاڙو شاھ لطيف جي درگاھ سان لڳولڳ، اوڀر طرف آھي. ھن پاڙي جي اوڀر ۾ سيدن کان پوءِ مڱڻھار، راھو، ميمڻ، راڄڙ ۽ پنجابي (ڳائڻ وڄائڻ وارا) پڻ رهن ٿا. ھن محلي ۾ 200 کان 250 گهر سيدن جا آھن باقي ٻين ذاتين جي ماڻهن جا آھن.

2. ٻُگھيا پاڙو/محلو

شاھ لطيف جي ڪچھريءَ جي خاص فقير، وسند ٻُگهيو جي نالي سان، ھيءُ اڳ ۾ ھڪ ڳوٺ ھو، جيڪو ڪراڙ ڍنڍ جي اولهہ ۾ اڄ بہ آباد آھي، جنھن کي ھينئر ’ٻگهيا محلو‘ چيو وڃي ٿو. اھو ھاڻي ڀٽ شاھ شھر جو حصو آھي. ھن ڳوٺ جا ٻہ حصا ھئا: ھڪ اولهہ وارو حصو ٻيو اوڀر وارو حصو. اولهہ واري حصي ۾ ھن وقت ڀٽ شاھ ثقافتي مرڪز جون عمارتون ۽ شيخ اياز جي مزار آھي. باقي اوڀر وارو پاسو، ٻُگهيا محلو سڏجي ٿو. ھن محلي ۾ ٻُگهيا، ساند، ميگهواڙ، ھندستان کان لڏي آيل پناھگير، ڪوري، رند، کوسا، جت، پٺاڻ، ملاح ۽ ٻيون ڪيتريون ئي ذاتيون آباد آھن، جيڪي پيشي جي لحاظ کان ھاري يا دڪاندار آھن. ھن محلي ۾ اٽڪل 1000 کن گهر آھن.

3. شيخ پاڙو/محلو

ھيءُ محلو، درگاھ جي اولهہ ۾ واقع آھي. ھن محلي ۾ گهڻائي شيخن جي آھي (جن مان شاھ جي رسالي جو مرتب ٻانهو خان شيخ پڻ ھو). ھن محلي ۾، اٽڪل 1300 گهر آھن، جن ۾ شيخ ۽ خاصخيلي سڀني کان وڌيڪ آھن. شيخن جا اٽڪل 100 کان 150 گهر آھن. اھڙيءَ ريت، خاصخيلين جا بہ 100 کن گهر آھن. جڏهن تہ وساڻ، کوسا، رنگ، ماڇي، ملاح، ھندو (مدنائي يعني مدن فقير جا مائٽ)، ڪوري ۽ پاڪستان ٺھڻ کان پوءِ ھندستان کان لڏي آيل انصاري، راجپوت ۽ جُوڻا ذاتين جا گهر پڻ آباد آھن.

4. لطيف ڪالوني

15 آڪٽوبر، 1954ع تي، ڀٽ شاھ ثقافتي مرڪز جي عمارت جي پيڙهه جو پٿر رکيو ويو ھو. انهيءَ جڳھ تي يعني ڪراڙ ڍنڍ جي ڏکڻ ۾، ٻُگهيا محلي جو اُلھندو پاسو آباد ھو. حڪومت طرفان ھتي جي رهاڪن کي ھتان لڏائي، يعقوب شھيد مُقام جي اوڀر ۾ خالي پيل زمين تي، 100 ڪچا ڪوارٽر ۽ 50 پڪا ڪوارٽر ٺھرائي آباد ڪيو ويو، ۽ ان نئين وسنديءَ جو نالو ’لطيف ڪالوني‘ رکيو ويو.

ھن ڪالونيءَ ۾، پھرين خاصخيلي ۽ ملاح آباد ٿيا، جڏهن تہ 1960ع کان پوءِ، سيد، سما، چوھاڻ، ميگهواڙ، ڀيل، باگڙي ۽ مھراج پڻ اچي آباد ٿيا.

5. مسافر آباد

درگاھ جي اُتر ۾ ريلوي لائين آھي. ان جي ڀرسان ھڪ ڪلوميٽر ڊگهي پٽيءَ ۾، سنڌ جي مختلف علائقن مان ماڻهو لڏي اچي آباد ٿيا آھن، جيڪي مسافر آھن (پر ھاڻي دائمي طور آباد آھن)، تنھن ڪري انهيءَ پاڙي جو نالو ’مسافرآباد‘ رکيو ويو آھي. ھن پاڙي ۾ مري، جتوئي، جاگيراڻي، ناپر، کوسا ۽ ٻين مختلف ذاتين جا ماڻهو آباد آھن، جن جو گذر سفر گهڻو ڪري چوپائي مال پالڻ تي آھي.

ڀٽ شاھ مسافر خانو

ھيءُ مسافر خانو، شاھ لطيف جي دؤر جو آھي، جيڪو سندس مزار سان لڳ ڏکڻ اوڀر طرف آھي، جتي ملڪ جي ڪُنڊ ڪُڙڇ کان پانڌيئڙا اچي رهندا آھن، ۽ مرادن پڄڻ تائين ھتي ترسيل ھوندا آھن. کاڌي پيتي لاءِ کين روزانو لنگر ملندو آھي. 1957ع ۾، ان وقت جي سجادہ نشين، سيد شاھ ڏني شاھ ، وڏي ھال جي صورت ۾ ھن جاءِ کي وڌايو ۽ پوءِ وقت بہ وقت ان ۾ واڌارو ٿيندو رهيو آھي، پر ھي مسافر خانو عام ڏينھن ۾ بہ زيارتين لاءِ ننڍو ھوندو آھي. مسافر خاني جي ڀرسان ئي لنگرخانو آھي، جتي ڏينھن رات مسافرن لاءِ لنگر ٺھندو رهندو آھي. ھن مسافرخاني ۾ سياري جي راتين ۾ شاھ جو راڳ پڻ ڳايو ويندو آھي.

پرديسين جو مُقام/ونھيئين فقير جو مُقام

ھن مُقام ۾، شاھ لطيف جي خاص فقير، ونھيئين فقير جي قبر آھي. ھن مُقام ۾، اُھي مسافر دفن ڪيا ويندا آھن، جيڪي درگاھ تي گذاري ويندا آھن ۽ جن جو ڪوبہ والي وارث ڪونہ ھوندو آھي. پوءِ فقير، شھر مان چندو ڪري، ڪفن دفن جو بندوبست ڪري، ان ميت کي، ھن مُقام ۾ دفن ڪندا آھن. ان ڪري ھن مُقام کي ’پرديسين جو قبرستان‘ جي نالي سان ڪوٺيندا آھن. ھن وقت ھتي 100 کن قبرون آھن. سنڀال نہ ھئڻ ڪري ھن مُقام جي ايراضي، اڌ ايڪڙ کن ۾ آھي. ھتي شاھ لطيف جي ڪُتي جي قبر بہ آھي، جيڪو ونهيئين فقير سان گڏ رهندو ھو.

پرڏيھين جو مُقام

ھي مُقام تمام پراڻو ۽ تاريخي مُقام آھي، جيڪو يعقوب شھيد جي مقام کان سر ڏکڻ ۾ موجود آھي. وچ ۾ پراڻو علي واھ، ڦٽل حالت ۾ موجود آھي. ھي اُھو علي واھ آھي، جنھن جو ذڪر مير علي شير قانع ٺٽويءَ، ’تحفة الڪرام‘ ۾ ڪيو آھي. ھن واھ وسيلي، ڪنھن زماني ۾ ڪراڙ ڍنڍ ڀربي ھئي. ھن وقت ان جا ڪجهہ آثار وڃي بچيا آھن.

ان مُقام جي ايراضي ھن وقت اٽڪل ٽي کن ايڪڙ ٿيندي. ان مُقام ۾ ٻاھر جا ماڻهو دفن ڪيا ويندا آھن. چيو وڃي ٿو تہ مياڻيءَ جي جنگ ۽ دٻي جي جنگ ۾، جيڪي ٽالپر فوجي انگريزن سان وڙهندي شھيد ٿيا ھئا، تن جون قبرون بہ ھِن مُقام ۾ ھيون، پر پرگهور نہ لهڻ ڪري اھي ھاڻ ميسارجي ويون آھن. ٻيو تہ گندي پاڻيءَ جو نيڪال، ھن مُقام جي ڏکڻ ۾ آھي، ان پاڻيءَ بہ ھن مُقام کي تباھ ڪيو آھي.

جان محمد فقير جي اوطاق

ھيءَ اوطاق، درگاھ جي ڏکڻ-اوڀر ڪنڊ تي موجود آھي. ھن وقت، ھيءَ اوطاق، موجودہ اھل تشيع جي مسجد جي بلڪل ڏکڻ ۾ آھي. ھن جي اولهہ طرف ھڪ وڏو صفو آھي، جنھن جي ويڪر، 20 فٽ ۽ ڊيگهه 30 فٽ آھي. اوطاق ۾ ٻہ ڪمرا ٺھيل آھن جن جي ويڪر ۽ ڊيگهہ x1414 فٽ آھي، جيڪي اوڏڪي ڀت جا ٺھيل آھن، ھيءَ پراڻي اوطاق آھي، جنھن جو ھن وقت سنڀاليندڙ جان محمد فقير آھي.

جنڊيءَ جو ڪارخانو

ڀٽ شاھ تي، سنڌ سمال انڊسٽري کاتي پاران، سنڌ جي قديم ۽ مشھور جنڊيءَ جي ھنر کي ھٿي ڏيڻ ۽ ھنرمندن جي روزگار لاءِ، ھڪ ڪارخانو جوڙايو ويو آھي، جيڪو درگاھ کان اولهہ طرف، 500 ميٽرن جي مفاصلي تي، ھنرمندن جي وسنديءَ جي اتر ۽ اولهہ ۾، فقير ڪالونيءَ جي ڀرسان آھي. اھا عمارت، ھنرمندن جي وسندي ۽ سنڌ جي ننڍين صنعتن واري کاتي پاران الاٽ ڪيل دڪانن سان گڏ، ھنرمندن کي 1982ع ڌاري الاٽ ٿي ھئي، جنھن لاءِ ڪارخاني ۾ ڪم ڪندڙ مزدورن کي ماھوار قسط جمع ڪرائڻي پوندي ھئي. ھينئر اھا عمارت قسطن مان آجي ٿي چڪي آھي. عمارت تقريباً اڌ ايڪڙ تي ٺھيل آھي، جنھن جي چوڌاري ڀت ڏنل آھي، اوڀر ۽ اولهہ طرف، لوھي دروازا لڳل آھن. اترئين پاسي چار وڏا ڪمرا، ورانڊي سان ٺھيل آھن، جن ۾ قيمتي ڪاٺ ۽ جنڊيءَ تي تيار ٿيل سامان جھڙوڪ: پينگها، ڪرسيون، کٽون ۽ ٻيو ڪيترو ئي سامان، وڪري لاءِ رکيل آھي. ھتي جو جنڊيءَ تي ٺھيل فرنيچر، پوري ملڪ کان سواءِ، دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ وڪرو ٿيندو آھي ۽ مشھور پڻ آھي.

حُجري وارو مُقام

خاص فقير يا خاص مريد، پھرين درگاھ جي مکيہ مُقام ۾ دفن ٿيندا ھئا، جنھن لاءِ سيدن جي اجازت ضروري ھوندي ھئي. 1960ع ۾ درگاھ، اوقاف کاتي جي حوالي ڪري ’وقف‘ ڪئي وئي. ان کان پوءِ سيدن کان سواءِ سڀ فقير توڙي مريد، ھن مُقام ۾ دفن ٿيڻ لڳا آھن. ان مُقام ۾ ٻن ڪُنجي بردار فقيرن، ڪوٿري فقير ۽ حاجي قادر بخش فقير جون مزارون پڻ آھن.

ھن وقت، مُقام ۾ 150 کان مٿي قبرون آھن ۽ ان جي ايراضي 10030xفٽ آھي. مُقام جي وچ تي شاھ لطيف جو حجرو آھي، جتي شاھ لطيف وفات ڪئي ھئي.

درگاھ ڀٽ شاھ تي بيٺل قديمي وڻَ

درگاھ ڀٽائيءَ جي خاص ڀٽ، جتي شاھ لطيف، شاھ حبيب، تمرفقير ۽ ڪِن ٻين ساداتن جون مزارون آھن، اتي گهڻا ئي وڻ ھوندا ھئا. انهن مان گهڻا وڻ تہ ھاڻ ختم ٿي ويا آھن، پر درگاھ شريف تي ڪجهہ قديم وڻ اڄ بہ موجود آھن، جيڪي شاھ لطيف جي اچڻ کان بہ اڳ جا آھن. شاھ لطيف جي درگاھ جي اولهہ ۾، سيد قائم شاھ جي مزار جي اڳيان، بيٺل کٻڙ جو وڻ، اھل تشيع جي مسجد جي اتر ۾ مسجد سان لڳولڳ گِدامڙيءَ جو وڻ، جامع مسجد درگاھ شاھ لطيف جي اوڀر واري دروازي اڳيان بيٺل نم جو وڻ، مير نور محمد خان ۽ سندس سوٽ، مير نصير خان ٽالپر (آخري ٽالپر حڪمران سنڌ) جي کوٽايل کوھ جي ڀرسان بيٺل ليار جو وڻ، اھل تشيع جي مسجد جي مُک اترواري دروازي اڳيان بيٺل نم جو وڏو وڻ ۽ شاھ لطيف جي حويليءَ ۽ درگاھ جي اتر ۾ واقع قديم ڪنڊيءَ جو وڻ. ھي اُھي وڻ آھن، جيڪي تمام قديم ۽ شاھ لطيف جي ھتي پھچڻ کان بہ اڳ موجود ھئا، پر ھاڻ اھي آھستي آھستي ڪمزور ٿيندا ڪرندا پيا وڃن، ڇو تہ ھيٺ جر جو پاڻي کارو ٿي چڪو آھي. ان کان سواءِ راحب فقير جي دڙِي، جيڪا درگاھ شاھ لطيف جي اوڀر ۾ آھي، لطيف ڏني شاھ جي گهر ۽ بادل ڪوريءَ جي گهر ۾ بيٺل نمن جا وڏا وڻ آھن، جيڪي 300 سالن کان بہ مٿي ڄمار جا آھن. ماڻهو تبرڪ سمجهي، انهن وڻن جا پن تعويذ طور ڳچيءَ ۾ ٻڌندا آھن. اھو وھمي سلسلو اڄوڪي جديد ۽ سائنسي دور ۾ پڻ جاري آھي.

ان کان سواءِ شاھ لطيف جي ذاڪري فقيرن جي اوطاق، جيڪا درگاھ جي روضي سان لڳو لڳ آھي، ان ۾ پڻ گِدامڙي ۽ نم جا قديم وڻ موجود آھن، جن ۾ ٻارن جي ’جَھنڊ‘ (مٿي جا پھريان وار خاص ڪري ڇوڪرن جا) لاھي، ڪپڙي جي ڳوٿرين ۾ وجهي، انهن وڻن ۾ ٻڌا ويندا آھن. ڪي سرنديءَ وارا ماڻهو تہ انهن وارن ۾ ڪجهہ نقد پئسا، سون جا پترا ۽ چانديءَ جون ڪڙيون بہ وجهندا آھن، جيڪي ان اوطاق جو متولي، ماڻهن جي وڃڻ کان پوءِ لاھي پاڻ کڻندو آھي.

1974ع تائين، مُکيہ لکي در اڳيان، ليار جو ھڪ وڏو وڻ بيٺل ھوندو ھو، جنھن ۾ وڏا پتل جا چڙا ٻڌل ھوندا ھئا. زيارتي درگاھ ڏانھن ايندي، انهن کي وڄائيندا ھئا. جيئن ئي اھو وڻ وڍيو ويو، تيئن انهن وڏن چڙن وڄائڻ جو رواج بہ ختم ٿي ويو. ان وڻ جي وڍڻ سان، درگاھ جو نظارو پري کان ڏسڻ ۾ تمام سھڻو لڳي ٿو.

جامع مسجد ۽ درگاھ جي ورانڊي واري اُترئين ڪنڊ تي ڪِرڙ جو ھڪ وڻ بيٺل ھوندو ھو، جيڪو 1980ع تائين سرسبز ھو، پر پوءِ اھو سڪي ويو. ھن ڪرڙ جي وڻ لاءِ چيو وڃي ٿو، تہ شاھ لطيف کان اڳ جو ھو. جڏهن شاھ لطيف جامع مسجد جي تعمير ڪرائي تہ ھن وڻ جي ھيٺيان ويھي ڪم جي نگراني ڪندو ھو. جيتوڻيڪ ان ڪرڙ جي وڻ جي ڀرسان، ڪرڙ جو ھڪ ٻيو وڻ، اڳوڻي سجادہ نشين سيد نثار حسين شاھ (سجادہ نشين) ۽ منٺار علي ڀٽيءَ گڏجي لڳايو ھو، سو ھاڻي سائو ٿيو بيٺو آھي. جڏهن تہ يادگيريءَ طور ان پراڻي ڪرڙ جي وڻ کي بہ محفوظ ڪيو ويو آھي، جيڪو ھاڻ سڪي چڪو آھي.

درگاھ ڀٽ شاھ تي لڳل عَلمَ ۽ انهن جي تاريخ

ڀٽ شاھ جي درگاھ تي پھريون عَلَمُ، 17 جولاءِ 1952ع ڌاري نصب ڪيو ويو. اُھو عَلمُ درگاھ جي روضي جي ڀرسان نيل لڳ لڳايو ويو ھو، ۽ اٺ ڏهه فٽ ڊگهو ھو. ڳاڙهي رنگ جي بيرڪ لڳل ھوندي ھيس، جيئن عراق ۾ حضرت امام حسينؓ ۽ غازي حضرت عباسؓ جي روضن مٿان نصب ننڍن عَلمن ۾ ھونديون آھن.

1958ع ڌاري، کاڻوٺ (هالن پراڻن ڀرسان) جي سيد، لطف علي شاھ، درگاھ تي ڌمال خاني يا نوبت خاني جي بلڪل اڳيان، 15-20 فٽن جي مفاصلي تي عَلمُ لڳرايو، جيڪو بلنديءَ ۾ 60 فٽن جي لڳ ڀڳ ھو. اُھو علم پوءِ، 1967ع ڌاري لاھڻ دؤران شھيد ٿي ويو، ۽ ان جي جاءِ تي ٻيو عَلَمُ ڀِريَن (ڀريا شھر) جي سيدنورمحمدشاھ، 1967ع ڌاري لڳرايو. ان جو سڄو ڪم درگاھ تي اھل تشيع جي مسجد ڀرسان ٿيو. ھِي عَلمُ، 40 فٽ اوچو ھو، جنھن جي مٿان شاندار ڪاٺ جي ٽُڪ جو ڪم ٿيل ھو، جيڪو حيدرآباد جي ڪاريگرن ڪيو. اھو عَلم بہ ساڳي جاءِ تي نصب ڪيو ويو.

سن 1981ع ڌاري ڪراچيءَ جي سيد شرف علي زيديءَ، اسٽيل جو علم، جنھن جي اوچائي 85 فٽ ھئي، ڪراچيءَ مان ٺھرائي، کڻائي، درگاھ تي نصب ڪرايو. ھيءُ عَلَمُ، نوبت خاني کان 25-30 فٽن جي فاصلي تي نصب ڪيو ويو، جيڪو 2009ع تائين قائم رهيو، پر 27 جنوري، 2010ع تي ٽنڊي الھيار جي رهواسڻ، ۽ شاھ لطيف جي ھڪ عقيدتمند، نالي گُلان زال منٺار علي ڀٽي ولد سوڍي خان ڀٽيءَ، وڏو خرچ ڪري، اسٽيل جو ھڪ شاندار عَلَمُ، جنھن جي اوچائي 110 فٽ ٿيندي، وڏيءَ عقيدت ۽ احترام سان نصب ڪرايو. ان موقعي تي ڪوٽڏجيءَ جي مشھور نغارن وارن واڄو ڪيو. انهيءَ موقعي تي حليم جو نياز ورھايو ويو. عَلَمُ ٽن ٽرڪن ۾ ڪراچيءَ مان ڀٽ شاھ تي آندو ويو، ۽ پوءِ ھڪَ وڏِيءَ ڪرين ان جي پنجن حصن کي کڻي فِٽ ڪيو، جنھن کي ھزارين ماڻهن ڏٺو. ھيءُ عَلَمُ، چمڪندڙ اسٽيل جو آھي، جيڪو پري کان ڏسڻ ۾ اچي ٿو. عَلَمَ ھيٺان، لڳرائيندڙ مائِيگُلان جو نالو اُڪريل آھي، ۽ تاريخ ۽ سن بہ لکيل آھي. ھن علم ۾ ٻہ مدن (چؤسول) آھن ۽ ڏهه سرچ لائٽون لڳايون ويون آھن، جن ھن علم جي شان، شوڪت ۽ حُسن ۾ اضافو ڪيو آھي. پري پري کان زيارتي، عَلَمُ ڏسڻ لاءِ ايندا آھن. عام راءِ اِھا آھي تہ، ھِن عَلَم جھڙو سھڻو عَلَمُ، پوريءَ سنڌ ۾، ڪٿي بہ لڳل نہ آھي.

درگاھ فقير يعقوب شھيد

فقير يعقوب شھيد، حضرت شاھ لطيف جي راڳ جو تمام وڏو راڳي ھو، ۽ دنبوري جو پڻ وڏو ڄاڻو ھو. ھن جو مقبرو، شاھ لطيف جي مقبري کان اوڀر طرف 400 ميٽرن جي مفاصلي تي، ڀٽ شاھ ۾ موجود آھي.

شھيد جي مزار تي، مقبري نما چوڪنڊي، ايشورداس ۽ گاگن داس نالي نوجوانن عقيدتمندن،1998ع ۾ ٺھرائي ۽ مقام جي اتر اولهہ واري پاسي پڪ سري ڀت ڏياري، ھڪ وڏو لوھي دروازو لڳرايو آھي. عقيدتمند ويھن سالن کان، ڪجهہ قدر ڀٽ شاھ ٽاؤن ڪاميٽي ۽ لطيفي گادي نشين جي سھڪار سان، 26، 27 ۽ 28 ربيعالثانيءَ تي، ٽي ڏِهاڙا ميلو پڻ لڳرائيندا اچن، جنھن ۾ پھرئين ڏينھن تي چادر چڙهندي آھي، جيڪا شاھ لطيف جي درگاھ تان جلوس جي صورت ۾ آندي ويندي آھي. ٻئي ۽ ٽئين ڏينھن تي، لطيفي لات، خيرات ۽ ملاکڙو لڳندو آھي، جڏهن تہ ٽيئي راتيون، صوفياڻو راڳ ٿيندو آھي، جنھن ۾ پري پري جا راڳي، وڏي انگ ۾ اتي اچي، راڳ ڳائيندا آھن. سڀ کان پھرين، شاھ لطيف جا راڳي راڳ ڳائيندا آھن، پوءِ ٻيو صوفياڻو راڳ ٿيندو آھي. شھيد جي مقبري جي چؤديواريءَ جي اندرئين پاسي، ڪل 15 قبرون آھن، جيڪي قنبراڻي فقيرن جون آھن ۽ ھڪ تمام جهوني ڪَنڊيءَ جو ٿُڙ ھت سُڪل حالت ۾ آھي. مجاور جي چوڻ مطابق، ماڻهن ۾ اھڙو ويساھ ويٺل آھي تہ، جيڪڏھن ڪو بيمار ٿيندو آھي تہ انهي ڪَنڊي جي ڇوڏي کي پسائي اُھو پاڻي پيئندو تہ چڱو ڀلو ٿي پوندو. اھڙيءَ طرح شھيد جي مزار جي اترئين پاسي، ٿورين وکن جي پنڌ تي، سندس مچ آھي، جيڪو شھيد پاڻ ٻاريندو ھو، ۽ اڄ بہ مجاور اھو ٻاريندو آھي، جنھن جي خاڪ لاءِ پڻ سندن خيال آھي تہ، ڀَٽونءَ ۽ نانگ بلا جي ڏنگ تي رکڻ سان، زھر جو اثر ختم ٿيو وڃي. مزار تي ھر روز سانجهيءَ کان پوءِ ڏيئو ٻرندو آھي.

شھيد جي مقبري جي سار سنڀال ۽ پوئواري مَهر ذات جي ماڻهن جي ھٿ ۾ آھي. انهيءَ مقام جي ايراضي ٻٽيھه ايڪڙ ھئي، جيڪا ھينئر 19 ايڪڙ وڃي بچي آھي. چون ٿا تہ مشھور فقير راول بہ انهيءَ مقام ۾ دفن ٿيل آھي، جنھن جي قبر جي نشاندھي ٿي نہ سگهي آھي. مقام جي اتر پاسي آبادي آھي، اتر-اولهہ طرف ڀت ڏنل آھي. ڏکڻ اوڀر طرف ڀت ڪري چڪي آھي.

دنبورو/تنبورو چوڪ

ڀٽ شاھ تي ھي چوڪ، درگاھ جي ڏاکڻئين پاسي، 100 ميٽرن جي مفاصلي تي، ڪراڙ ڍنڍ جي اتر-اولهہ واريءَ ڪنڌيءَ تي آھي. ھن چوڪ جي وچ ۾، ھڪ وڏو دنبورو ٺھيل آھي، جيڪو علامتي طور، انهيءَ چوڪ ۽ شھر جو واسطو، شاھ لطيف سان جوڙي ٿو، ڇاڪاڻ تہ دنبورو شاھ لطيف جو خاص ساز ھو. دنبوري تي ’تن تسبيح، من مڻيو، دل دنبورو جن‘ وارو بيت مڪمل طرح لکيل آھي.

ھت جڏهن بہ ٻوڏ آئي آھي، تڏهن ’الله واري چوڪ‘ کان وٺي ’دنبوري چوڪ‘ ۽ درگاھ تائين پھچڻ لاءِ ڪافي ڏينھن تائين ٻيڙيون استعمال ڪيون وينديون آھن. 1956ع ۾ ئي ڀٽشاھ ثقافتي مرڪز جو اڏاوتي ڪم شروع ٿيو. پھرئين مرحلي ۾ ڀٽ شاھ ريسٽ ھائوس، ڪراڙ ڍنڍ جي اتر کان ٻٽو ۽ پڪو رستو ٺاھي، موجودہ دنبوري چوڪ کان 30 فوٽ ويڪري چاڙهي ٺاھي، درگاھ تائين پھچڻ جو رستو ٺاھيو ويو، ۽ انهيءَ سان گڏوگڏ ’دنبورا چوڪ‘ ٺاھيو ويو.

راحب فقير جو دڙو

شاھ لطيف جي درگاھ واري ھنڌ کان اٽڪل ھزار کن فٽ اوڀر طرف، ھڪ ننڍو دڙو موجود ھو، جنھن کي ’راحب فقير جو دڙو‘ چيو ويندو ھو. چيو وڃي ٿو تہ راحب ابڙو (ڪوري) اھو فقير ھو، جيڪو شاھ لطيف جي ڄڃ ۾، ان اٺ جي مھار جهلي ھالا حويليءَ ڏانھن ويو ھو، جنھن جي ڪجاوي ۾، شاھ لطيف جي شريڪِحيات ويٺل ھئي. جڏهن شاھ لطيف مستقل طور ڀٽ تي رهڻ لاءِ آيو تہ ھيءُ فقير بہ ساڻس گڏ ھو. اھو فقير ڀٽ جي اُن حصي تي رهيو، جنھن کي بعد ۾ ’راحب فقير جو دڙو‘ سڏيو ويو. ان دڙي تي پوءِ، شاھ لطيف جي ڀيڻ جو اولاد رهيو، جن جا اٽڪل 20 کن گهر اڄ بہ اتي موجود آھن. پھرين ھنن سيدن جا گهر تخت حويليءَ کان اوڀر طرف ھئا، پر يعقوب شھيد جي قتل کان پوءِ ھن دڙي تي اچي آباد ٿيا.

ريسٽ ھائوس

ڀٽ شاھ ثقافتي مرڪز پاران، ڀٽ شاھ تي، شاھ لطيف جي درگاھ کان 300 ميٽرن جي مفاصلي تي اولهہ طرف، ھاءِ وي کان درگاھ ڏي ايندڙ رستي جي ڏکڻ طرف، ڪراڙ ڍنڍ جي الھندي ڪپ تي، ريسٽ ھائوس واقع آھي. ھن جي اتر ۾ رستي جي ٻئي پار، ھنرمندن جي رهائش لاءِ ڪالوني ٺھيل آھي. اولهہ طرف شاھ جو باغ ۽ ڏکڻ اوڀر طرف، موسيقارن جي ھاسٽل آھي.

ھن ريسٽ ھائوس جو افتتاح، 1958ع ۾، تڏهوڪي صدر پاڪستان، فيلڊ مارشل محمد ايوب خان ڪيو ھو. پھرين ھن ۾ ڇھه ڪمرا، ھڪ ميٽنگ ھال، ۽ ھڪ ڊائننگ ھال ھوندو ھو، پر اڳتي ھلي، ڪمرن جو انگ وڌايو ويو. جڏهن ڪمرا وڌايا ويا، تڏهن انهن ھالن کي پڻ وڏو ڪيو ويو. ھن وقت ھن ريسٽ ھائوس ۾، 13 ڪمرا، ھڪ ميٽنيگ ھال ۽ ھڪ ڊائيننگ ھال آھي. سڀني ڪمرن ۽ ھالن ۾ ايئرڪنڊيشن جي سھولت موجود آھي. ھن عمارت جي واڌاري واري اھا رٿا، ان وقت جي سيڪريٽري ثقافت، عبدالحميد آخوند جي دؤر ۾ مڪمل ٿي. پرڏيھه مان يا ٻين صوبن مان آيل مھمان، ھتي اچي رهندا آھن. انهيءَ کان سواءِ، سالياني عرس جي موقعي تي مکيہ مھمانن ۽ سنڌ حڪومت توڙي وفاقي حڪومت جا، جيڪي وفد ڀٽ شاھ تي حاضري ڀرڻ ايندا آھن، اھي پڻ ھن ريسٽ ھائوس کي رهائش لاءِ استعمال ڪندا آھن.

ريسٽ ھائوس، ڀٽ شاھ ثقافتي مرڪز جي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر جي ھٿ ھيٺ آھي. سڄو ريسٽ ھائوس لڳ ڀڳ ٽن ايڪڙن جي ايراضي تي ٻڌل آھي، جنھن جي اولهہ، ڏکڻ ۽ اتر اوڀر طرف تمام خوبصورت پارڪ آھي، جنھن ۾ ڪيترن ئي قسمن جا خوبصورت گل، ٻوٽا ۽ وڻ پوکيل آھن.

ھتي ھڪ ڪئنٽين ۽ ھڪ رڌڻو بہ آھي، جنھن ۾ مھمانن جي کاڌي پيتي لاءِ رڌ پچاءُ ٿيندو آھي. مانيءَ جو خرچ پکو ۽ ڪمرن جي مسواڙ، مھمانن کي ادا ڪرڻي ھوندي آھي. رڌپچاءَ لاءِ ھڪ بورچي ۽ اٽينڊنٽ، ثقافت کاتي پاران، مھمانن جي خدمت سرانجام ڏيندا آھن. ھن ريسٽ ھائوس ۾ رهڻ لاءِ مھمانن کي پنھنجي اداري پاران اجازت نامو (جيڪڏھن ڪنھن اداري جو ملازم ھجي ته) يا پنھنجي ذاتي سڃاڻپ ڪرائڻي پوندي آھي، يا ضلعي (مٽياري) جي ڊي سي کان اجازت وٺڻي پوندي آھي.

ساياتن جي کَڙِ

کَڙِ جي لفظي معنيٰ آھي ’هَرُ آيل ھيٺانھين زمين‘ يا ’زمين جو ھيٺانھون ڪلراٺو حصو‘. ھيءَ کَڙِ، شاھ حبيب جي سوئي ڪنڌر واري ويڙھي جي پوئين پاسي، ڏکڻ-اوڀر پاسي جنھن کي عام طور ’ساياتن جي کَڙِ‘ چيو ويندو ھو، جنھن جا اڻ لکا آثار، ھُڙيءَ جي صورت ۾ موجود آھن، جتي شاھ لطيف ننڍپڻ ۾ کيڏيو.

اِھا کَڙِ، ساياتن جي مقام جي اتر اولهہ پاسي، ڀر ۾ ئي آھي. ھينئر انهيءَ کَڙِ ۾ پن، ڪنگور، لئي ۽ ديويءَ جا وڻ آھن ۽ وچ ۾ پاڻي بيٺل آھي. اتر اولهہ طرف شاھ حبيب جي حويلي ھوندي ھئي، جتي ھينئر پوک ٿيندي آھي. جيڪڏھن اھڙن اھم ثقافتي ماڳن مڪانن جي سار نہ لڌي وئي تہ آھستي آھستي اھي ميسارجي ويندا، انهن مان اِھا کَڙِ پڻ ھڪ آھي.

سُئي/سوئي ڪُنڌر ۾ ساياتن/اويسين جو مقام

سوئي ڪُنڌر جو ھيءَ مُقام، ڀٽ شاھ کان اوڀر طرف اٽڪل ڏهن ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي، ڀٽ شاھه-ٽنڊي آدم روڊ جي اتر ۾، اٽڪل ھڪ ڪلوميٽر اندر، سُئي ڪُنڌر ڳوٺ جي اولهہ طرف سڏ پنڌ تي، ديھ سُئي ڪُنڌر ۽ تعلقي شھدادپور ۾ واقع آھي. ھن مُقام کي ساياتن جو مُقام پڻ چوندا آھن.

مقامي روايت موجب، ھن مُقام جي ڪل پکيڙ اٽڪل 65 ايڪڙ آھي، جنھن جي چوڌاري فقير فيض محمد ڏيري، اٺ فوٽ اوچو ڪوٽ ڏياريو ھو، جيڪو ھن وقت ڊھي چڪو آھي، جنھن جا آثار اڄ تائين موجود آھن. ھن مُقام جي اتر اولهہ طرف، ڊٺل ڪوٽ جي آثارن ڀرسان، شاھ حبيب جي حويلي ھئي جتي شاھ حبيب اچي رهيو ھو، ۽ کيس سيد ھاشم شاھ، مٽيارويءَ جي دعا سان ٻہ پٽ ٿيا ھئا، جن جا نالا عبداللطيف رکيا ويا ھئا ۽ ٻئي وفات ڪري ويا ھئا. ٻنهي جون قبرون اُنهي مقام ۾ آھن. مگر انهن قبرن مان ھڪ تي ’عبدالرشيد‘ ۽ ٻئي تي ’عبداللطيف‘ جي نالن واريون سرون لڳل آھن، جيڪي پوءِ جون لڳايل ٿيون ڏسجن، جيڪي اڳين سِرن کي ھٽائي لڳايون ويون آھن، جن تي سندن وفات جا سَن بہ غلط لکيل آھن. شروع ۾ ٻنهي قبرن تي ’عبداللطيف‘ لکيل ھوندو ھو. انهيءَ ڳالهہ جي تصديق ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي ٿيل تحقيق مطابق، ”اڳ ٻنهي تربتن تي ’عبداللطيف‘ نالا لڳل ھئا. ٽکڙ واري شجري ۾، شاھ عبداللطيف جي ٻين ٻن ڀائرن جا نالا ساڳيا، ’عبداللطيف‘ ڄاڻايل آھن. “(بلوچ، 2009ع، ص:5)

ھن مقام ۾، زال ۽ مڙس، نالي سُئي/سوئي ۽ ڪنڌر جون مزارون آھن جن جي نالن پويان ھي مقام سڏجي ٿو. روايت آھي تہ، ھتي سوا لک شھيد دفن ٿيل آھن، تنھن ڪري انهيءَ کي ’شھيدن جو مقام‘ پڻ چيو وڃي ٿو.

ھتي ستن شھيد ساياتن (سبز پوش) درويشن، ميان ثابت فقير، ميان آدم فقير شھيد ڏيري، درويش ميان ڌرم، درويش ميان شاھ محمد شھيد/شاھو فقير ميان گاھوُ فقير ۽ راھو فقير جون مزارون آھن، جن جي ڪري انهيءَ کي ’ساياتن جو مقام‘ پڻ چئبو آھي.

ھن مقام جي الھندي کان ڏکڻ طرف، سُئي/سوئي ڪنڌر شاخ وھي ٿي، جيڪا روھڙي ڪئنال مان، باقر موريءَ وٽان نڪري ٿي.

مقام جي مجاور جي چوڻ موجب اھو مقام ست سئو سال پراڻو آھي. انهي مقام جي وچ ۾، ڪلهوڙن جي دؤر جي ھڪ جهوني مسجد پڻ ٺھيل آھي، جيڪا ’مائي ڄامل ھَڪڙيءَ‘ جي اڏايل چئي وڃي ٿي، جيڪا عمارت سازيءَ جو عمدو مثال آھي. مسجد جي ڀر ۾ ساياتن جو کوھ آھي، جيڪو شاھ لطيف جي ڀائرن ۽ ساياتن جي قبرن کان پيرانديءَ ۾ آھي. ھي کوھ ڳاڙهين سِرن سان ٺھيل آھي، جيڪو اندازاً 200 فوٽ اونهو آھي، جنھن ۾ ست اٺ فوٽ ھيٺ پاڻي نظر اچي ٿو، جيڪو مٺو آھي. ھي کوھ تمام پراڻو آھي.

سُئي/سوئي ڪنڌر (ڳوٺ)

ھي ڳوٺ، شاھ لطيف جو ناناڻڪو ڳوٺ آھي، جيڪو ڀٽ شاھ کان اوڀر طرف، ڏهن ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي، ديھ سُئي/سوئي ڪنڌر ۽ تعلقي شھدادپور ۾ موجود آھي.

سيد حبيب شاھ جي شادي، عرس فقير ڏيري جي ڌيءَ سان ٿي ھئي، جيڪو ھن ڳوٺ جو ھو. پاڻ شاديءَ کان پوءِ، ساھرن جي پاڙي ۾ وڃي ويٺو، جتي سندس گهر ’سُئي/سوئي ڪنڌر‘ واري تاريخي مقام کان اولهہ طرف سڏ پنڌ تي آھي، جنھن ۾ شاھ لطيف پيدا ٿيو.

سُئي/سوئي ڪنڌر وارو ڳوٺ، شاھ لطيف جي حوالي سان ڏاڍو اھم آھي، ڇاڪاڻ تہ نہ صرف ڳوٺ شاھ لطيف جو ناناڻڪو ڳوٺ ھو، بلڪہ شاھ لطيف ھن ڳوٺ ۽ جُوءِ ۾ ٻالڪپڻ وارا ڏينھن کيڏندي ڪُڏندي گذاريا ۽ وڏو ٿيو.

ھن وقت، سُئي/سوئي ڪنڌر ڳوٺ ۾ ڏيرا، ڪيريا، ڪنڀار، حاجاڻا، ٻرڙا، خاصخيلي، ڀيل ۽ ڪولھي رهن ٿا. ھي ڳوٺ اٽڪل 200 گهرن تي ٻڌل آھي.

شاھ جو باغ

ڀٽ شاھ تي، ڀٽ شاھ ثقافتي مرڪز پاران، ماڻهن جي وندر لاءِ ’شاھ جو باغ‘ نالي ھڪ خوبصورت باغ، ھڪ وڏي پارڪ جي صورت ۾، 1985ع ۾ آباد ڪيو ويو، جنھن جو افتتاح، ان وقت جي سنڌ جي گورنر جنرل جھانداد خان، 29 آڪٽوبر، 1985ع، مطابق 14 صفر، 1406هه تي ڪيو. ھن باغ ۾ مکيہ ماڻهن پاران، يادگار طور ٻُوٽا پوکيا ويندا آھن.

ھي پارڪ، ھاءِ وي روڊ کان درگاھ ڏانھن ويندڙ رستي تي ڏاکڻئين پاسي ’اللهُ چوڪ‘ وٽ ۽ درگاھ کان اڌ ڪلوميٽر جي پنڌ تي آھي. ھن باغ جي اتر طرف، ريسٽ ھائوس، ڏاکڻيءَ ڪنڊ تي شاھ عبداللطيف پبلڪ لائبرري ۽ اتر پاسي رستي جي ٻئي طرف ھنرمندن جي رهائش لاءِ ڪالوني آھي.

پارڪ ۾، عام ڏينھن تي شام جو شھرين ۽ سياحن جا ميڙ متل ھوندا آھن، جڏهن تہ ميلي وارن ڏينھن ۾ تمام گهڻي پيھه ھوندي آھي.

شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ جو روضو

حضرت شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ جو روضو، ڀٽ شاھ تي، انهيءَ ئي ڀِٽ تي آھي، جتي شاھ لطيف پنھنجي زندگيءَ جا آخري سال (ڪوٽڙيءَ کان ھجرت ڪرڻ کان پوءِ، لڳ ڀڳ 23 سال) رهيو. شاھ لطيف جي وفات1165ھ/1752ع ۾ ٿي ۽ سندس روضو، 1167هجري مطابق 1754ع ۾، اُن وقت جي حاڪم ميان غلام شاھ ڪلهوڙي جوڙايو. ھيءَ عمارت ڪلهوڙن جي دؤر جي عمارت سازيءَ جو ھڪ سھڻو نمونو آھي.

شاھ لطيف جو روضو، سطح زمين کان نيل تائين، 67 فوٽ اوچو آھي. مکيہ دروازي جو منھن اوڀر طرف آھي. روضي جي اندران توڙي ٻاھران، خوبصورت ڪاشيءَ جو ڪم ٿيل آھي. چانديءَ واري دروازي مٿان، ڪاشيءَ جي سر لڳل آھي، جنھن تي لکيل آھي: ”تاريخ وفات 1165هه ۽ روضو مڪمل ٿيو 1167ھ، ٺاھيندڙ عيدن رازو، ويٺل سکر شھر، روضي لاءِ رقم، ميان غلام شاھ ڪلهوڙي فراھم ڪئي ۽ نگراني درگاھ جي پھرئين سجادہ نشين، سيد جمال شاھ (وفات 1204ھ/1790ع) ڪئي. “

جنھن کان پوءِ، مير نصير خان ’الغازي‘، حاڪم سنڌ، 1835ع ڌاري، روضي جي ٻيھر مرمت ڪرائي. ھُن روضي اندر گُلڪاريءَ جو ڪم ڪرائڻ پئي چاھيو، پر انگريزن سندس حڪومت ختم ڪري ڇڏي، جنھن ڪري رٿيل ڪم ٿي نہ سگهيو، البت مير صاحب، روضي جي اتر ۾، شاھ لطيف جي ٺھرايل مسجد کي پڪو ڪرايو ۽ ڪاشيءَ جو ڪم ڪرائي، ان کي مڪمل ڪرايو. ان کان سواءِ مير صاحب، شاھ لطيف جي روضي، مسجد، شاھ حبيب جي روضي ۽ مُقام کي ڀت ڏياري، ۽ ان ڀت تي چار گنبذ پڻ ٺھرايا، جيڪي اڄ بہ موجود آھن. جن ۾ لکي دروازي وارو گنبذ، ان جي ڀرسان ٻہ ننڍا گنبذ، ٻانگي واري دروازي مٿان گنبذ، روضي اندر وچ تي ٺھيل آھي، جنھن تي اڄ بہ ٿوري گلڪاري موجود آھي.

مير نصير خان جي سؤٽ، مير محمد خان ٽالپر (ٽنڊي محمد خان جي باني) اوڀر ۾، چانديءَ وارو دروازو لڳرايو، جيڪو پڻ اڄ تائين موجود آھي. مير نصير خان جي وڏي ڀاءُ، ميرنورمحمد خان، درگاھ جي اڳ واري وڏي اڱڻ ۾، شاھ لطيف واري کوھ جي مرمت پڻ ڪرائي.

انگريز سرڪار طرفان روضي جي ڪرايل مرمت لاءِ ڪوبہ ظاھري اُھڃاڻ ڪونہ ٿو ملي، البت ان دؤر ۾، 1928ع ڌاري، ان وقت جي سجادہ نشين، سيد علي بخش شاھ عرف علڻ سائينءَ (وڏي) درگاھ تي جامع ڪم ڪرايو، جنھن لاءِ رقم درگاھ تان ملندڙ نذراني کان علاوہ، سجادہ نشين ۽ شاھ لطيف جي مريدن بہ ڏني، جنھن مان روضي اڳيان وڏو پنجن ونگن/دروازن وارو ورانڊو جوڙايو ويو، ڇت تي شيشم جو ڪاٺ ۽ ڪاشيءَ جون سرون لڳرايون ويون، جيڪي پنھنجي دؤر جي فن جو شاھڪار آھن. ورانڊي جي ديوارن تي ڪاشي ۽ چٽساليءَ جو بهترين ڪم ٿيل آھي. ورانڊي جي ٻاھران شاھ جو ڪرڙ، جيڪو ھن وقت بہ موجود آھي. ان کان سواءِ شاھ جو رکيل گنج ۽ قرآن شريف جو قديم نسخو پڻ ھت رکيل آھي. تنھن کان سواءِ جامع مسجد جي اڳيان وڏو ورانڊو جوڙائي، ان تي بہ ساڳيو ڪم ڪرايو ويو، جيڪو ھن وقت بہ موجود آھي. ان ورانڊي کي ستن ونگن وارا دروازا آھن؛ پنج اوڀر طرف ۽ ٻہ ڏکڻ طرف.

درگاھ اندر ۽ ٻاھر، لکي در تائين، سنگ مر مر جو فرش لڳرايو ويو. سڄيءَ مسجد ۾، ويندي ٻانگي واري دروازي تائين بہ ساڳيو فرش لڳرايو ويو. روضي اڳيان ورانڊي ۽ مسجد جي اڱڻ اندر، 6 عدد سنگ مرمر جا نھرا ٿنڀا لڳل آھن، جيڪي سنڌ اندر ڪنھن بہ ٻيءَ درگاھ ۾ لڳل نہ آھن. سڄو سنگ مرمر ’مڪرانه‘ (راجسٿان) انڊيا کان گهرايو ويو. اھڙيءَ شاھديءَ واري سِر لکي در مٿان اڄ بہ لڳل آھي. روايت آھي تہ، شاھ لطيف جو روضو، ’مائي گلان‘، ميان نورمحمد ڪلهوڙي جي ديري جي خواھش تي، اوچائيءَ تي جوڙايو ويو ھو. جڏهن شام ٿيندي ھئي ۽ سج جا ڪرڻا گُنبذ تي پوندا ھئا تہ ھوءَ خداآباد (ڀٽ شاھ کان 10 ڪلوميٽر اولهہ) ۾، پنھنجي حويليءَ مان وڏي ٿلهي تي ويھي، پنھنجي مُرشد جي روضي جو ديدار ڪندي ھئي. (هن وقت ان ماڳ جا آثار مٽجي چڪا آھن. )

شھداد پور شھر سان واسطو رکندڙ، شاھ لطيف جي خاص مريد، ڀائي خان وساڻ، روضي جي گنبذ جي مٿان ست فوٽ ڊگهي سوني نيل لڳرائي، جيڪا 1940ع ڌاري، روضي جو ڪم ھلندي، رات جو ڪو شاھينگ لاھي کڻي ويو، ۽ انهيءَ کي پوءِ پڪڙيو بہ ويو. بعد ۾ ڀائي خان وساڻ جي فرزند، جان محمد وساڻ، بمبئيءَ مان سون آڻي، اڳي کان بہ وڏي نيل روضي جي گنبذ مٿان لڳرائي، جيڪا اڄ بہ موجود آھي، پر ان نيل جو بہ ستن تولن جيترو مٿيون حصو، 1995ع ۾، ڪو شاھينگ پٽي کڻي ويو، جيڪو حصو پوءِ، منٺارعلي ڀٽي لڳارايو. وساڻ خاندان جون قبرون اڄ بہ درگاھ جي مُقام ۾ موجود آھن.

1957ع ۾، ميرپورخاص سان تعلق رکندڙ، شاھ لطيف جي ھڪ مريد، ڳھڻي خان جوڻيجي، شاھ لطيف جي روضي کي اتر کان ھڪ ٻيو دروازو لڳرايو ۽ ان جي اڳيان 25 فوٽ ڊگهو ۽ 15 فوٽ ويڪرو ورانڊو جوڙايو. اھو دروازو، مکيہ چانديءَ واري دروازي جھڙو ھو، جيڪو بعد ۾ ڪڍي، ان جي جاءِ تي، ھڪ ٻئي خاص مريد، ڄام سبب علي جوڻيجي، جيڪو ڄام ڪانڀو خان جو فرزند ۽ ڄام صادق علي جو ڀاءُ ھو، چانديءَ وارو دروازو لڳرايو، جيڪو اڄ بہ موجود آھي، جنھن تي سن 1392هه لکيل آھي، اُن دروازي تي چوڌاري شاھ لطيف جو ھي مشھور بيت لکيل آھي

جيڏو تنھنجو نانءُ، ٻاجَھ بِھ تيڏِيائِي مَڱان،

رِيءَ ٿَنڀيٖن، رِيءَ ٿُوڻِييٖن، تُون ڇَپَرُ، تُون ڇانءُ،

ڪُڄاڙو ڪَھانءُ؟ توکي مَعلُومُ سَڀِڪا.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ڏهر، داستان 2، بيت 23، ص: 876)

روضي اندر گهڙڻ شرط، سامھون شاھ لطيف جي مزار، ڪاٺ جي سھڻي ڇٽيءَ ھيٺ نظر ايندي. ھتي بہ ڪافي تبرڪات آھن. سندس مزار جي الھندي طرف، ڇٽيءَ اندر پھرئين جاءِ نشين، سيد جمال شاھ جي مزار آھي. روضي جي چؤديواريءَ اندر، ڏکڻ اوڀر واريءَ ڪنڊ تي پوين ٻن سجادہ نشينن، لطف علي شاھ ۽ علي بخش شاھ (علڻ سائين) جون مزارون آھن. روضي جي مھڙ کان پندرهن فوٽ ورانڊو ۽ پوءِ ننڍو اڱڻ اچي ٿو. ننڍي ۽ وڏي اڱڻ جي وچ ۾، ھڪ وڏو محرابي دروازو آھي، جنھن جي سامھون وڏي اڱڻ جي وچ تي ’سماع وارو مچ‘ آھي، جنھن کي لوھي جهنگلو ڏنل آھي. شاھ لطيف جي دؤر کان سماع مھل اھو مچ ٻاريو ويندو ھو. اڄ تائين اھا روايت جاري آھي.

1960ع ۾، ھڪ صدارتي آرڊيننس ذريعي پوري پاڪستان جون وڏيون درگاھون ۽ انهن سان لاڳاپيل ملڪيتون، وفاقي حڪومت پنھنجي قبضي ۾ ورتيون. شاھ لطيف جي درگاھ بہ انهن ۾ شامل ھئي. اوقاف کاتو وجود ۾ آيو، جنھن جي ذمي درگاھن جي سار سنڀال، بحالي، مرمت ۽ ترقيءَ جو ڪم رکيو ويو.

1994ع ۾، سنڌ سرڪار، ھڪ قانون پاس ڪري، درگاھ شاھ لطيف کي، قومي ورثي ۾ ورتو. ان قانون ۾ ڄاڻايل آھي تہ، درگاھ شاھ لطيف اسان جو قومي ورثو آھي، ان کي تاريخي اھميت حاصل آھي، ان ۾ ڪابہ ڦيرڦار نہ ڪئي ويندي، ۽ ان کي ساڳيءَ اڏواتي حيثيت ۾ رکڻو آھي. اتان ھڪ بہ پراڻي سر لاٿي وڃي تہ ان جھڙي ٻي سر لڳائي وڃي. پر ان حڪم تي عمل نہ ٿي رهيو آھي ۽ جتان بہ ڪا سر ڪِري ٿي تہ اتي اڇو چُن لڳايو وڃي ٿو. لکي در اندر چٽساليءَ جو ڪم ٿيل ھو، اتي بہ اڇو رنگ ڪيو ويو آھي.

درگاھ جي مکيہ دروازي جي ونگن ھيٺان آرٽ جو ڪم ٿيل ھو، ان کي بہ ساڳيءَ طرح سنوارڻ بجاءِ، اتي بہ رنگ ڪيو ويو آھي. حڪومت سنڌ طرفان، 2003ع ۾، ھن درگاھ جي مرمت لاءِ اڍائي ڪروڙ رُپيا منظور ڪيا ويا ھئا، پر اھي بہ خرچ نہ ٿي سگهيا. ان ڏس ۾، سنڌ ثقافت کاتي جي سرگرميءَ سان، تاريخ 28 جولاءِ 2005ع تي ڀٽ شاھ تي ھڪ اعليٰ سطح جي گڏجاڻي ڪوٺائي وئي. ھن گڏجاڻيءَ ۾، اوقاف کاتي جو سيڪريٽري، ورڪس کاتي جو سيڪريٽري، ثقافت کاتي جي سيڪريٽريءَ ۽ ڊائريڪٽر ثقافت کان سواءِ، ڀٽ شاھ ثقافتي مرڪز جي نگران ۽ ٻين واسطيدار عملدارن شرڪت ڪئي. روضي جي حوالي سان صورتحال ويچار ھيٺ آئي ۽ فيصلو ڪيو ويو تہ درگاھ جي مرمت ۽ سينگار جو ڪم جلد شروع ڪيو وڃي.

شاھ جو ڪَنڊو

ھي ماڳ، ڀٽ شاھ کان ٻہ ڪلوميٽر اوڀر طرف ڪنڀ داڙو واري رستي تي ديھ غيب پور، تعلقي ۽ ضلعي مٽياريءَ ۾ آھي. ھن جاءِ تي وڻن جي ويڙهه ۾ شاھ لطيف نوجوانيءَ وارن ڏينھن ۾، ڪُنڊائتو ويھي، عبادت ۽ رياضت ڪندو ھو. ھينئر اھا ويڙهه لڳ ڀڳ چئن ايڪڙن تي آھي، باقي چوڌاري ٻني ٻارو ٿئي ٿو.

ھن ماڳ ۽ شاھ لطيف جي نسبت بابت ڊاڪٽر ھوتچند مولچند گربخشاڻي پنھنجي سھيڙيل ’شاھ جو رسالو‘ جي مقدمي ۾ لکي ٿو: ”ننڍي ھوندي کان ئي شاھ، ماڻهن جي گهڻ کان گوشو ڪندو ھو ۽ نويڪلائي پسند ڪندو ھو. سندس پيشانيءَ مان ھميشه فڪر ۽ خيال جا آثار پيا بکندا ھئا، ڄڻ تہ ڪنھن ٽُٻيءَ ۾ آھي، يعني تہ پور پوندو ھوس تہ جهنگ مُنھن ڪري ھليو ويندو ھو، پر ھاڻ تہ ھيڪاري ڏينھن جا ڏينھن مجنونءَ وانگي برپٽ بيابان جهاڳڻ لڳو. عاشق شيدائي وانگي محبوب جي فراق ۾ بيت چوندو وتندو ھو، ۽ سندس نينھن جا نعرا رڃن ۾ پڙاڏو ڪندا ھئا. ڳالهہ ٿا ڪن، تہ ھڪڙي ڀيري برپٽ ۾ ھڪ واري جي دڙي تي وھندي، عشق مٿس اھڙو غلبو ڪيو، ۽ محبوب جي مورت ۾ اھڙو محو ٿي ويو، جو غشيءَ ۾ اچي ويو، پنھنجي جسم ۽ جان، دنيا ۽ ماسوا جو ڪو سماءُ نہ رهيس. ٽي ڏينھن برابر اھڙي حالت ۾ رهيو. جهولن جي جهوٽڻ کان واريءَ جا تهه مٿانس وري ويا. شاھ حبيب گهڻيائي ڳولا ڪئي پر پتو نہ پيس. نيٺ ھڪ ’ايل پنھوار‘ جنھن جي نظر انهيءَ دڙي وٽان لگهندي شاھ تي چڙهي ھئي، تنھن اچي ساڻس ڳالهہ ڪئي. شاھ حبيب گهڻي اُڪير سان انهيءَ ڏس ڏي ڊوڙيو. جڏهن اتي پھتو، تڏهن ڏٺائين تہ شاھ جو سارو ڌڙ واريءَ ۽ دز ۾ دٻجي ويو آھي، باقي سندس چادر جي ڪُنڊ ٻاھر پيئي ڦڙڪي. سھي سڃاتائين تہ سندس ڳولا جو مقصد اُتي ئي آھي؛ مگر گمان ٿيس تہ شايد مري ويو آھي. نھايت رقت انگيز آواز ۾ پڪاري چيائين

”لڳي لڳي واءُ، ويا انگڙا لٽجي. “

شاھ عبداللطيف، انهيءَ دردناڪ دانھن تي، بيخوديءَ جي حالت مان ڇرڪ ماري اُٿيو، ۽ وھلور وراڻي ڏنائين

”پيئي کڻي پساھ، پسڻ ڪارڻ پرين جي. “

ھن ڳالهہ ۾ البت وڌاءُ ھجي، مگر ان جو حاصل مطلب شاھ جي ھن وقت جي زندگي سان ھر طرح مطابق آھي. “ (گربخشاڻي، 2012ع، ص: 25)

انهيءَ روايت جو تعلق ھن ھنڌ سان آھي، جيڪو ’شاھ جي ڪَنڊي‘ جي نالي سان مشھور آھي، ۽ اڄ تائين زيارت گاھ بڻيل آھي. جڏهن تہ ھڪ ٻيءَ روايت موجب ھن واقعي جو ھنڌ ’ڪيٽائين‘ آھي.

ھيءَ ھڪ سرسبز جُوءِ ھئي، جتي شاھ لطيف جو چوپايو مال چرندو ھو. خاص ڪري ’ڀاڳ ناڙي‘ (بلوچستان) جون ڳاڙهيون ڍڳيون، جيڪي شاھ لطيف شوق سان پاليون ھيون. انهن جي سار سنڀال لاءِ ڪيترائي پھر انهيءَ جاءِ تي اچي رهندو ھو. اُھا جُوءِ اڄ بہ موجود آھي.

انهيءَ ڪَنڊي جو جهونو ٿڙ، زمين تي ڪريل آھي، جنھن جا ٻہ ڏار اتر ۽ ڏکڻ طرف پکڙيل آھن، ڪنڊي جو ٿُڙ سُڪل حالت ۾ موجود آھي. اُن جي ٿڙ کي عقيدتمندن ٽُڪ وارين رلين ۽ ڀرت سان ڀريل وھاڻن سان سينگاري رکيو آھي. انهي ويڙهه ۾ شاھ لطيف جي دؤر جي ھڪ تمام پراڻيءَ مسجد جا آثار بہ ملن ٿا ۽ سِرُنِ پچائڻ جو ھڪ پراڻو بٺو پڻ آھي. آفتابفقيرجُوڻي ۽ ٻين مقامي ماڻهن جي چوڻ موجب اِھو اُھو ئي بٺو آھي، جنھن مان شاھ لطيف سرون پچارائي ڀٽ شاھ واري تخت گاھ حويلي ۽ سيدحبيب شاھ جي روضي جي اڏاوت ڪرائي ھئي.

شاھ جو کوھ

ڀٽ شاھ تي، لطيفي درگاھ جي احاطي ۾ مقبري جي بلڪل سامھون اوڀر پاسي، ھڪ کوھ آھي، جنھن کي ’شاھ جو کوھ‘ سڏيو وڃي ٿو.

شاھ لطيف، ڀٽ تي فقيرن ۽ آل عيال سان گڏ رهائش اختيار ڪرڻ وقت، اھو کوھ کوٽرايو ھو، جنھن جون ڀتيون پٿر ۽ پڪين سرن جون آھن. کوھ جي ويڪر 15 فوٽ آھي ۽ اھو 200 فوٽ اونهو آھي، جنھن ۾ اڄ ڏينھن تائين 50 کان 60 فوٽن تائين پاڻي ھوندو آھي. انهيءَ پاڻيءَ کي شاھ لطيف جي ڏينھن کان استعمال ۾ آندو پيو وڃي. ھينئر تہ انهيءَ کوھ جي پڳ کي 12 فوٽ کن مٿي ڪري اُن تي ڪاشيءَ جون سرون لڳائي بند ڪيو ويو آھي ۽ پاسي کان ھيٺ لهڻ لاءِ لوھي ڏاڪڻ ٺھيل آھي ۽ اندرئين پاسي سيمنٽ ۽ لوھ سان جهلون ٺاھي، پاڻي ڇڪڻ جا موٽر پڻ لڳايا ويا آھن، جيڪي گهڻو ڪري چالو ئي رهندا آھن. اھي ڪم مختلف وقتن ۾ ٿيندا رهيا ۽ اڄڪلهه بہ ھتان پاڻي ايتري مقدار ۾ ڪڍيو وڃي ٿو جو درگاھ، سيد ڪالوني ۽ شيخ محلي جو بہ گهڻو حصو انهيءَ پاڻيءَ کي استعمال ڪري ٿو.

شاھ جي قُبي (مسجد)

شاھ لطيف سان تعلق رکندڙ ھي تڪيو، ڀٽ شاھ کان پراڻا ھالا ۽ خداآباد ڏانھن ويندي، ڪيھر لنجواڻي روڊ تي، ٽن ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي، اولهہ طرف موجود آھي. ھتي ھڪ تمام جهوني مسجد ۽ پراڻو کوھ موجود آھي.

مقامي ماڻهن جي چوڻ موجب اھي ٻئي، شاھ لطيف پاڻ تعمير ڪرايا ھئا. مسجد جي اُتر طرف ڀرسان عيدگاھ، ڏکڻ طرف امام بارگاھ ۽ اولهہ طرف روڊ جي ڀرسان ڳوٺ بھادر خان ڄڙ آھي. شاھ لطيف جو اِھو کوھ، ست پُرهه اونهو آھي. شاھ لطيف جي ٺھرايل اھا مسجد ۽ کوھ، اڄ بہ ڦٽل، حالت ۾ اتي موجود آھن.

انهيءَ ماڳ تي ھڪ نئين قبر بہ آھي، جيڪا ڏتي فقير جي آھي، جيڪو 2009ع ۾ گذاري ويو ھو. ڏتي فقير، انهيءَ ماڳ جي ڪيترن ئي سالن کان ڏاڍي خدمت ڪئي ۽ سار سنڀال لڌي.

انهي ماڳ لاءِ اھو عام آھي تہ، شاھ لطيف انهي جڳھ کي ڀٽ شاھ ۽ ھالا جي حد مقرر ڪئي ھئي. شاھ لطيف ڪجهہ وقت ھتي رهي، فقيرن سان ڪچھريون ۽ راڳ ويراڳ جون محفلون بہ ڪيون. مسجد جي سامھون راڳ جو ٿلھو بہ ٺھيل آھي. چنڊ جي ھر پنجين رات شاھ جو راڳ ٿيندو آھي. مسجد جي محراب واري جاءِ تي شاھ لطيف عبادت ڪندو ھو.

شاھ لطيف جي حويلي

ڀٽ شاھ تي، ھيءَ حويلي شاھ لطيف جي رهائشگاھ ھئي، جيڪا سندس مقبري جي اُترئين پاسي موجود آھي. ھن حويليءَ ۾ ڪُل ٽي ڪمرا آھن، جن جي مٿان گنبذ ٺھيل آھن. ڪمرن جي اڳيان ھڪ ڪشادو اڱڻ آھي، جنھن جي وچ ۾ ھڪ تمام وڏو ڪنڊيءَ جو وڻ بيٺل آھي.

ھن حويليءَ جي ڏاکڻين ڀت سان ئي لڳ ’نشست گاھ شھنشاھ‘ حضرت شاھ عبداللطيف ڀٽائي آھي. حويليءَ جي ھڪ ڪمري ۾ شاھ لطيف جي کٽ رکيل آھي ۽ ٻہ ڪمرا بند پيل آھن. فقيرن جي چوڻ موجب انهن ڪمرن ۾ شاھ لطيف جي اھل عيال جي استعمال جون شيون رکيل آھن. حويليءَ جي ديوارن تي ڪاشيءَ جون رنگين سرون لڳل آھن. اڱڻ کي ديوار ڏنل آھي، جنھن کي تمام وڏو لوھي دروازو لڳل آھي. اھو ڪم ويجھڙائيءَ ۾ ڪرايل ٿو ڏسجي.

شاھ لطيف جي ڀٽ تي رهائش اختيار ڪرڻ بابت ڊاڪٽر بلوچ لکي ٿو: ” شاھ صاحب ڪھڙي سال ۾ اچي ڀٽ تي سڪونت اختيار ڪئي، سو معلوم ناھي، مگر سندس والد شاھ حبيب سن 1144هه ۾ ڀٽ تي ئي وفات ڪئي، انهيءَ ڪري اھو يقين سان چئي سگهجي ٿو تہ انهيءَ سال کان ڪافي اڳ شاھ صاحب ھڪ ھڪ ڪوٺي ٺھرائي ۽ آڏو وڻ پوکائي ھڪ قسم جو باغيچو بڻايو. اُتي رهي پوءِ ڀٽ شاھ کي بنائڻ ۽ سنوارڻ جو ڪم شروع ڪيائون. پنھنجن فقيرن سان گڏجي ڀٽ جي مٿئين سطح کي ھموار ڪيائون ۽ پوءِ واري کي ڍڪڻ لاءِ ھيٺيان ڀنجهو ڍوئي اچي مٿان وڌائون. سوين فقير انهيءَ ڪم ۾ رڌل رهيا، پوءِ مٿي ٻہ صُفا پنھنجي لاءِ ھڪ صُفو پنھنجي والد بزرگوار لاءِ جوڙايائون. انهن صُفن سان گڏ ھڪ مسجد جوڙايائون. ساڳي وقت پنھنجن خليفن ۽ فقيرن لاءِ جايون ليڪي ڏنائون. “ (بلوچ، 2003ع، ص: 184)

جڏهن مريدن ۽ فقيرن ۾ اضافو ٿيو، ۽ حويليءَ واريءَ اوطاق ۾ پيھه وڌندي وئي، تڏهن شاھ لطيف اُھا حويلي، فقيرن جي رهڻ جي لاءِ تمر فقير جي حوالي ڪري، پاڻ اچي انهي حويليءَ جي اترئين پاسي ھڪ ٻي حويلي جوڙائي رهيو، جيڪا پڪسِري آھي. ڪِن فقيرن جي چوڻ موجب، انهيءَ حويليءَ لاءِ سِرون جنھن بٺي مان پچرايون ويون ھيون سو اڄ بہ ’شاھ جي ڪنڊي‘ واري مَقام جي وڻن جي ويڙهه ۾ ڦٽل حالت ۾ موجود آھي. ھيءَ اھا ئي حويلي آھي، جيڪا اڄ تائين اوطاق طور استعمال ٿئي ٿي، جنھن ۾ فقير اچي ٽڪن ٿا. اُن ۾ دنبورا پڻ رکيل آھن.

ھن حويليءَ ۾، شاھ لطيف، حياتيءَ جا آخري سال گهاريا ھئا. وفات کان پوءِ سندس مڙهه مبارڪ کي حجري کان ھتي آندو ويو ھو. ان کان پوءِ سندس تدفين شاھ حبيب جي پيرانديءَ ۾ ٿي.

شاھ لطيف سينٽر آف ايڪسيلينس

قومي شاھراھ کان درگاھ ڏانھن ويندڙ رستي تي اترئين پاسي شاھ لطيف جي روضيءَ کان، اُلھندي ڀٽ شاھ ثقافتي مرڪز پاران ھڪ عمارت جوڙائي وئي، جنھن جو افتتاح تڏهوڪي صدر فاروق لغاري 1994ع ۾ ڪيو، جيڪا ھڪ وڏي ھال تي مشتمل آھي. ھن ھال ۾ 600 کن ماڻهن جي ويھڻ جي گنجائش آھي. ھتي مختلف قسمن جا علمي، ادبي ۽ ثقافتي پروگرام، سيمينار ۽ ڪانفرنسون ڪرايون وينديون آھن.

ھن سينٽر جي اوڀر پاسي، ملاکڙا اسٽيڊيم ٺھيل آھي ۽ اولهہ پاسي ھڪ ميدان آھي، جتي ميلي وارن ڏينھن ۾، گهوڙن ۽ ڍڳن جي ميل جا مقابلا ٿيندا آھن. سينٽر جي اڳيان ڪشادو پارڪ بہ آھي جنھن ۾ وڻ ۽ خوبصورت گُل ٻُوٽا پوکيل آھن.

شاھ عبداللطيف ڀٽائي ميوزڪ اسڪول /سنگيت سکيا گهر

ڀٽ شاھ ثقافتي مرڪز پاران، ڀٽ شاھ تي، شاھ جي راڳ جي سکيا لاءِ، 7 جولاءِ 2005ع تي، شاھ عبداللطيف ڀٽائي ميوزڪ اسڪول جو بنياد رکيو ويو، جنھن جو افتتاح ثقافت ۽ سياحت کاتي جي تڏهوڪي وزير شبير احمد قائمخانيءَ ڪيو.

ھن وقت تائين اھو اسڪول ھڪ ڪمري تي مشتمل آھي، جيڪو شاھ عبداللطيف ڀٽائي ميوزيم جي عمارت ۾ آھي. اھا عمارت شاھ لطيف جي درگاھ جي ڏکڻ طرف، ڪراڙ ڍنڍ جي ٻيءَ ڀر تي آھي، جنھن جي اتر اولهہ ۾ ريسٽ ھائوس ۽ ڏکڻ اولهہ ۾ موسيقارن جي ھاسٽل آھي.

جيئن تہ شاھ لطيف جي راڳ جو سلسلو سندس حياتيءَ کان ئي، پنھنجي مخصوص انداز ۾ درگاھ تي ھلندو ٿو اچي، جنھن ۾ سُر ڪلياڻ کان سُر مارئيءَ تائين، سڀئي سُر ڳايا ويندا آھن. شاھ لطيف جي دؤر ۾، صرف ھفتي ۾ ٻہ راتيون (جمعي ۽ سومر جي رات) راڳ ٿيندو ھو. انهيءَ کان پوءِ اربع جي رات تي پوءِ وري ڇنڇر ۽ آچر جي رات تي ۽ ھاڻي ھر رات راڳ ٿيندو آھي.

شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي راڳين جي اڳواڻ، فقيرجمنشاھ، 1995ع کان پنھنجو ھڪ خانگي راڳ جو اسڪول کوليو، جنھن ۾ بنا ڪنھن اجوري وٺڻ جي، لڳ ڀڳ پندرهن کان ويھن شاگردن کي راڳ جي سکيا ڏنائين. پوءِ انهيءَ ئي اسڪول کي 2005ع ۾، ڀٽ شاھ ثقافتي مرڪز جي ماتحت ڪيو ويو، ۽ 2007ع ۾، اسڪول لاءِ ٻہ استاد مقرر ٿيا، جن مان ھڪڙو فقير جمن شاھ آھي، جيڪو ھن وقت اُن جو سرپرست پڻ آھي. اسڪول قائم ٿيڻ وقت 15 جي لڳ ڀڳ شاگرد ھئا پر شاگردن جو انگ وڌندو رهي ٿو. ھن وقت پنجاھ شاگرد آھن، جيڪي سنڌ جي مختلف شھرن سان تعلق رکن ٿا.

ھن اسڪول ۾ ھفتي جا پنج ڏينھن ڪلاس ھلن ٿا ۽ ھر ڏينھن ۾ ٻہ شفٽون ٿينديون آھن. پھرين صبح جو 9 وڳي کان ھڪ وڳي تائين ۽ ٻي شام جو پنجين وڳي کان رات جو اٺين وڳي تائين. ڪورس جو ڪُل مُدو ٻہ سال آھي، ۽ ھر ڇھين مھيني امتحان ٿيندو آھي. امتحان دوران ٻہ دنبورا، ٻن استادن کي ڏبا آھن ۽ ٻہ شاگردن کي. ٻنهي ڌرين جي اڳيان راڳي ۽ امتحان وٺندڙ ويھندا آھن، جيڪي حقيقت ۾ جج ھوندا آھن. انهن جي ٻڌڻ سان گڏوگڏ، رڪارڊنگ بہ ڪئي ويندي آھي. اھڙيءَ طرح اُھي جج پاس ۽ ناپاس شاگردن جو فيصلو ڏيندا آھن ۽ پاس ٿيندڙ شاگردن مان پھريون نمبر، ٻيو نمبر ۽ ٽيون نمبر کڻندڙ شاگردن جو فيصلو پڻ ڏيندا آھن. سکيا جو مُدو پورو ٿيڻ تي ڪامياب ٿيندڙ شاگردن کي اسڪول پاران، سرڪاري طور سرٽيفڪيٽ پڻ ڏنا ويندا آھن.

فنڪارن لاءِ ھاسٽل (عورتن لاءِ)

ڀٽ شاھ ثقافتي مرڪز پاران، ڀٽ شاھ تي فنڪارائن لاءِ فليٽ نما ھڪ ھاسٽل ٺھيل آھي، جتي شاھ لطيف جي ميلي واري موقعي تي آيل فنڪار عورتون ڪي ڏينھن ترسنديون ھيون. ھن ھاسٽل ۾ فلئٽن جو تعداد 8 آھي ۽ ھر ھڪ فلئٽ ۾ ٻہ ڪشادا سينگاريل ڪمرا آھن. اڄڪلهه اھا عمارت ثقافت کاتي جي انتظام ھيٺ آھي، جتي مختلف ماڻهن کي ترسايو ويندو آھي. جڏهن تہ عورت فنڪارائن کي ميلي جي موقعي تي مرد فنڪارن واري ھاسٽل ۾ مختلف ڪمرن ۾ جاءِ ڏني ويندي آھي.

فنڪارن لاءِ ھاسٽل (مردن لاءِ)

ڀٽ شاھ ثقافتي مرڪز پاران، ڀٽ شاھ تي مرد موسيقارن لاءِ ھڪ ھاسٽل جولاءِ 1965ع ۾ جوڙائي وئي، جنھن ۾ ست ڪمرا، پنج ھال ۽ ٻہ اسٽور روم شامل آھن. ھيءَ ھاسٽل، شاھ لطيف جي درگاھ کان ڏکڻ طرف، ڪِراڙ ڍنڍ جي پَرينءَ ڀر تي، اڌ ڪلوميٽر جي مفاصلي تي آھي. ھن جي اتر اوڀر، شاھ عبداللطيف ڀٽائي ميوزيم ۽ اوپن ايئر آڊيٽوريم ٺھيل آھن ۽ اتر اولهہ ۾ ريسٽ ھائوس آھي.

ھيءَ ھاسٽل، شاھ لطيف جي سالياني ميڙي/عرس جي موقعي تي آيل فنڪارن جي رهائش لاءِ استعمال ٿيندي آھي. ھاسٽل جا ڪمرا ۽ ھال وڏا ۽ ھوادار آھن. ھاسٽل جي چوڌاري وڻ پوکيل آھن ۽ اڳئين ۽ پوئين پاسي پارڪ آھي.

فقير ڪالوني

فقير ڪالوني، ڀٽ شاھ تي شاھ لطيف جي فقيرن جي رهائش لاءِ ھڪ ڪالوني آھي. اھا ڪالوني، درگاھ لطيفيءَ کان اولهہ طرف لڳ ڀڳ 300 ميٽرن جي مفاصلي تي آھي، جنھن جي ڏکڻ ۾ ملاکڙا اسٽيڊيم ۽ اوڀر ۾ ھنرمندن جي وسندي آھي.

فقير ڪالوني، ھينئر جنھن جاءِ تي آھي انهيءَ جو بنياد پوءِ پيو. ان کان اڳ ۾ 1974ع ۾، شھيد ذوالفقار علي ڀٽي، وزيراعظم جي حيثيت سان ڀٽ شاھ تي ’ڀٽ شاھ ڊولپمينٽ ڪامپليڪس‘ جو سنگ بنياد رکيو ھو. انهيءَ رٿا ھيٺ، شاھ لطيف جي درگاھ جي چوڌاري گهر ۽ بازار ھتان ھٽائي، انهيءَ جڳھ تي خوبصورت پارڪ ٺھرائڻ ۽ پوءِ فقيرن وغيرھ جا ڪوارٽر ٺاھڻ جو ارادو ھو، جيڪو پورو ٿي نہ سگهيو، ۽ ٿورن سالن ۾، محترمہ بينظير ڀٽو شھيد جي دؤر حڪومت ۾، ڪي ڪوارٽر ٺھيا، جن مان اڌ فقيرن ۽ اڌ ھنرمندن کي ڏنا ويا، جن جو تعداد 55 آھي. ھر ھڪ ڪوارٽر ٻن يا ٽن ڪمرن تي ٻڌل آھي، جيڪي پڪسرا آھن. ڪوارٽرن ۾ بجليءَ جو جوڳو بندوبست آھي. ڪوارٽرن جي اڳيان ڪشاديون گهٽيون ۽ گندي پاڻيءَ جي نيڪال لاءِ ناليون پڻ ٺھيل آھن. ھن وقت اھي رستا ۽ ناليون زبون حالت ۾ آھن.

فقير محمد عالم ’سچي سالم‘ جي اوطاق

ھيءَ اوطاق، وڏيءَ اوطاق جي ڀر ۾ آھي، جيڪا ’ذاڪري فقيرن جي اوطاق‘ طور مشھور آھي. اوطاق ۾ ھڪ پڪو صفو آھي، جنھن جي ويڪر 20 فٽ ۽ ڊيگهه 40 فٽ آھي. ان جي اولهہ ۾ ھڪ ننڍڙو ڪمرو آھي، جنھن جي ڀر ۾ بورچي خانو آھي، جتي ٻالڪن ۽ فقير فقراء لاءِ لنگر تيار ٿيندو آھي. اوطاق جو اڱڻ ڪشادو آھي، جنھن جي ويڪر 50 فٽ ۽ ڊيگهه 60 فٽ آھي. اوطاق جي اولهہ طرف، ذاڪري فقيرن جا گهر آھن. سماع لاءِ فقير ھن اوطاق مان نڪرندا آھن، جيڪي ذات جا لاڙڪ آھن. ھن وقت (2013ع) اوطاق جا سنڀاليندڙ گل محمد لاڙڪ ۽ غفار فقير لاڙڪ آھن.

ڪراڙ ڍنڍ

ھيءَ مشھور ڍنڍ، ڀٽ شاھ تي، درگاھ جي ڏکڻ طرف، ٻہ سئو ميٽرن جي مفاصلي تي آھي، ۽ پنھنجو ھڪ مخصوص تاريخي پس منظر رکي ٿي. ڪلهوڙن جي دؤر کان اڳ، سنڌو درياھ، مختلف وھڪرا ٺاھيندو رهيو. موجودہ ڀٽ شاھ جو شھر، سنڌو درياھ جو ڇڏيل پيٽ آھي ۽ موجودہ ڪراڙ ڍنڍ، ’ڪراڙ جو ڪُن‘ نالي سنڌو درياھ جو ڪُن ھوندو ھو. ڪنھن زماني ۾ ھن پُورالي درياھ پنھنجو رُخ بدلايو تہ ھتي واريءَ جي ھڪ وڏي ڀٽ ظاھر ٿي، ۽ انهيءَ ڀٽ جي چوڌاري پاڻي بيھي رهيو، جتي درياھي ڦاٽ مان پاڻي ايندو رهندو ھو. ڪلهوڙن حاڪمن ٻہ واھ کوٽرايا، ھڪ ڀٽ شاھ جي ڏکڻ ۾ 5 يا 6 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي، جنھن جو نالو ’ساڱرو‘ ھو ۽ ٻيو ڀٽ شاھ کان اتر ۾، ساڳئي مفاصلي تي جنھن جو نالو ’سارنگ واھه‘ ھو. انهن جا ڪجهہ حصا اڄ بہ ڪٿي ڪٿي موجود آھن.

’ساڱري‘ مان، علي واھ وسيلي، ڪراڙ ڍنڍ کي پاڻي ڏنو ويندو ھو، جنھن ڪري ’ڪراڙ جي ڪُن‘ جي جاءِ تي، ’ڪراڙ ڍنڍ‘ ٺھي پيئي. شاھ لطيف، 15 يا 16 سالن جي ڄمار ۾ ھتي پھتو، ۽ ھن ڀٽ مٿان ڪراڙ ڍنڍ جو مشاھدو ڪيو، ۽ اھا جاءِ کيس ڏاڍي وڻي ۽ اڪثر ھتي ايندو رهندو ھو. عبادت ۽ رياضت ڪندو رهندو ھو ۽ وجداني ڪيفيت ۾ ڪلام بہ چوندو ھو.

ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن جي دؤر ۾ ڪراڙ ڍنڍ ٽن پاسان ڀٽ کي ڦريل ھئي. جڏهن گهڻي برسات پوندي ھئي، تہ مٿي وسنديءَ تائين پھچڻ مشڪل ٿي پوندو ھو. مٿي اچڻ لاءِ ننڍيون ٻيڙيون ڪتب آنديون وينديون ھيون. انگريزن جي دؤر ۾ جڏهن 1932ع ۾ سکر بئراج ٺھيو تہ سنڌ ۾ واھن جي سرشتي جنم ورتو. ڀٽ شاھ جي اولهہ ڏکڻ ۾ ٺھيل ’تارا شاخ‘ مان ھن ڍنڍ کي پاڻي ملڻ لڳو ۽ ڍنڍ، ڀٽ جي ڏکڻ تائين محدود ٿي وئي. ان جي ويڪر موجودہ ريسٽ ھائوس ۽ ڪلچر سينٽر کان يعقوب شھيد جي مُقام تائين ھئي. ڏکڻ ڪنڌيءَ تي وسند ٻگهئي جو ڳوٺ (هاڻ ٻگهيا پاڙو)، ۽ اتر ۾ شاھ لطيف جو روضو، پير پاڙو ۽ شيخ پاڙو آباد آھن. گهڻي برسات پوڻ ڪري، مٿانھينءَ کان پاڻي اچي، ڍنڍ ۾ گڏ ٿيندو آھي، جيڪو درگاھ تي اچڻ وڃڻ جا دڳ بند ڪري ڇڏيندو آھي.

1928ع ڌاري جي ايم سيد، سيد ميران محمد شاھ، مخدوم طالب الموليٰ ۽ آغا تاج محمد ھتي اچي، ڪراڙ جي اتر ۽ پوءِ اوڀر ۾، لطيفي رهاڻ جون محفلون شروع ڪرايون. 1932ع ڌاري ھڪ وڏي محفل، ڪراڙ جي ڪناري تي منعقد ٿي، انهيءَ دؤر ۾ پھريون ڀيرو ڪراڙ ڍنڍ جو ڪجهہ ڪم ڪرايو ويو، بي ترتيب وڻڪاريءَ کي ترتيب ۾ آندو ويو. ڪراڙ جا ڪنارا پڪا ڪيا ويا.

1954ع ۾، جڏهن ’شاھ عبداللطيف ڀٽ شاھ ڪلچر سينٽر‘ جو سنگ بنياد رکيو ويو، تہ ڪراڙ ڍنڍ جو بہ وڏي پئماني، تي ڪم ٿيو. ان کي سنوت ۾ آندو ويو. اڳتي ھلي ’تارا شاخ‘ مان ھڪ واٽر ڪورس ڪڍي، ريسٽ ھائوس جي اتر کان وڏي پڪي ناليءَ ذريعي ڍنڍ ۾ پاڻي ڇڏڻ جو باقاعدي بندوبست ڪيو ويو.

1960ع ڌاري ڪراڙ جي اتر کان ويھه فوٽ پڪو روڊ ٺھرائي، موجودہ دنبوري چوڪ وٽان پڪي چاڙهي ٺاھي، درگاھ تي پھچڻ جو رستو ٺاھيو ويو، جيڪو اڄ بہ موجود آھي. سڄيءَ ڍنڍ کي پٿرن جي پچينگ ڏياري وئي. 1969ع ۾ ان جي جاءِ تي پڪي ۽ سڌي ڀت ڏياري، ان مٿان رنگين بلب لڳرايا ويا ۽ ڍنڍ جي ٻن پاسن يعني ڏکڻ ۽ اولهہ ۾ پارڪ ۽ سيمينٽ جا چار ٿَلها ٺھرايا ويا. ھڪ پارڪ ۾ مسجد ۽ ٻئي ۾ شيخ اياز جي قبر آھي.

1974ع ۾، شھيد ذوالفقار علي ڀٽي پاڪستان جي وزيراعظم جي حيثيت ۾، ڀٽ شاھ ريسٽ ھائوس کان ڏکڻ اولهہ ۾ مسڻن جي کڏ مٿان، ’ڀٽ شاھ ڊيولپمينٽ ڪامپليڪس‘ جو سنگ بنياد رکيو. ان رٿا ھيٺ ڪراڙ ڍنڍ مٿان ھڪ شاندار پُل ٺاھڻ جو پروگرام رٿيل ھو. ان ۾ ٻيڙين ھلائڻ جي ھڪ جامع رٿا بہ شامل ھئي ۽ ڪراڙ کي ھڪ جديد سُئمنگ پول ۾ تبديل ڪرڻ جو پروگرام ھو، پر پوءِ ضياءَالحق جي حڪومت واري دؤر ۾ انهيءَ رٿا تي عمل نہ ٿي سگهيو.

1994ع ۾، محترمہ بينظير ڀٽو شھيد، ’ڀٽ شاھ بيوٽيفڪيشن پلان‘ جو سنگ بنياد رکيو. ان رٿا ھيٺ، ڪراڙ ڍنڍ کي ٻن حصن ۾ ورھائڻو ھو. اوڀر واري حصي ۾ ڪراڙ پارڪ ٺاھڻو ھو. باقي حصي کي ڍنڍ طور برقرار رکڻو ھو. ان جي وچ ۾ ھڪ وڏو ڦوھارو نصب ڪرڻو ھو، جنھن جو پاڻي پريشر سان چاليھه فوٽ مٿي وڃي ھا، پر انهيءَ رٿا تي بہ عملي قدم نہ کنيو ويو.

ڪراڙ ڍنڍ جي شاھ لطيف جي حوالي سان وڏي اھميت آھي، ڇاڪاڻ تہ شاھ لطيف نوجوانيءَ کان ھتي ايندو رهندو ھو، ۽ آخر ھن ڍنڍ جي ڪناري تي پنھنجن فقيرن سان گڏ ڀٽ تي رهائش اختيار ڪيائين، پنھنجي والد بزرگ کي ھتي دفن ڪرڻ سان گڏ، پنھنجي دفن ٿيڻ جي پڻ وصيت ڪئي ھئائين، نہ رڳو ايترو، پرشاھ لطيف ڪراڙ ڍنڍ کي، سُر سارنگ جي چئن بيتن ۾ واضح نموني ڳايو آھي

سارَنگَ سائِي سِٽَ، جِهَڙِي لالِي لاکَ جِي،

اِيئن سي اُٻُنِ اَنگِيا، جيئن سٖي چُنِيءَ چِٽَ،

بَرَسِيو پاسي ڀِٽَ، ڀَرِيائِين ڪُنَ ڪراڙِ جا.

)شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سارنگ، داستان 2، بيت 1، ص:692(

ڀِرِي ڀِٽَ تي آئيو، سارَنگُ سِهَجَ مَنجهہا،

کِڙِيُون کٽڻھار جيئن، وِڄُون اُتَرَ وا،

سَرها سَبِزا ٿِيا، ڊامَڻَ ڊِٻَ ڪِيا،

پَھرِي پَٽَنِيا، ڀَرِيائِين ڪُنَ ڪِراڙِ جا،

)شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سارنگ، داستان 2، بيت 2، ص:692(

کروت ( ننڍي مسجد)

ڀٽ شاھ تي، ڪچي ٿلهي واري کروت (ننڍي مسجد)، شاھ لطيف پنھنجي اھل عيال سان گڏ، ڀٽ تي مستقل رهائش اختيار ڪرڻ کان بہ اڳ، فقيرن جي مدد سان جوڙائي ھئي. جڏهن شاھ لطيف، ڪوٽڙي مغل کي ڇڏي ڀِٽ تي آيو ھو، تہ ھن کروت جي اوڀر ۾ پکا اڏي اچي خاندان سان آباد ٿيو ھو. ان ڪري ھن جاءِ کي ’پھريون پڙاءُ لطيف سائين‘ ڪري ڪوٺجي ٿو. اُتي جي ڪن مقامي ماڻهن موجب اِنهيءَ مسجد جي جڳھ تي ھينئر اثناعشري شيعن جي مسجد آھي، جيڪا درگاھ جي اڱڻ جي ڏکڻ اڀرنديءَ ڪُنڊ تي موجود آھي. جڏهن تہ ڪِن ماڻهن جي چوڻ مطابق انهيءَ مسجد جي جڳھ تي اھل سنت وارن جي مسجد تعمير ٿيل آھي، جيڪا شاھ لطيف جي مقبري جي اترئين پاسي ۾، شاھ حبيب جي مقبري جي اوڀر طرف ۽ تخت گاھ حويليءَ جي ڏکڻ پاسي آھي.

انهيءَ مسجد جي ڀتين تي شاھ لطيف جي مقبري وانگر، ڪاشيءَ جو ڪم ٿيل آھي، ۽ ڇت ۾ پڻ جنڊيءَ ۽ اُڪريل گُلڪاريءَ وارو ڪاٺ استعمال ٿيل آھي. ٻنهي مسجدن جي اڏاوت، نقشن ۽ شاھ جي ڀٽ کي آباد ڪرڻ جي مختلف مرحلن تي نظر وجهڻ سان اھا ڳالهہ وڌيڪ وزندار لڳي ٿي تہ، ھينئر اھل سنت وارن جي مسجد جي جڳھ تي اُھا مسجد ھئي، ڇاڪاڻ تہ نشست گاھ شھنشاھ جي حوالي سان عام ڳالهہ آھي، تہ ھتي شاھ لطيف ويھي مسجد جي ڪم جي نگراني ڪندو ھو.

گردوارو صاحب ڀِٽ شاھ

گردوارو صاحب ڀِٽ شاھ، شاھ لطيف جي درگاھ کان ڏکڻ اولهہ ڪنڊ تي 300 ميٽرن جي مفاصلي تي آھي، ھن گردواري جو افتتاح موجودہ سجادہ نشين سيد وقار حسين شاھ، چوٿين سيپٽمبر 2015ع تي ڪيو. ھن گردواري ۾ 35 فوٽ ويڪرو ۽ 40 فوٽ ڊگهو ھڪ وڏو ھال آھي، جتي 24 ئي ڪلاڪ پري پري کان ڀٽ تي ايندڙ پانڌيئڙن کي لنگر کارايو ويندو آھي. انهيءَ ھال لڳ ٻہ رڌڻا ٺھيل آھن. ھڪ ۾ ھر عام ۽ خاص لاءِ لنگر ۽ پرساد ٺھندو آھي ۽ ٻئي ۾ ڪڻا پرساد تيار ٿيندو آھي، (ڪڻا پرساد، اٽو، پاڻي، گيھه ۽ کنڊ ملائي ٺاھيو ويندو آھي). ھي پرساد، حضور صاحبن (گرو گرنٿ صاحب مھاراج) جي تابع (ڀرسان) رکيو ويندو آھي ۽ دعا گهرڻ کان پوءِ ان جي ورھاست ڪئي ويندي آھي.

پھرين ماڙ تي ھڪ وڏو ھال ٺھيل آھي، جنھن کي حضور صاحب سڏيو وڃي ٿو، ۽ انهيءَ ماڙ تي ٻہ ٻيا ڪمرا ٺھيل آھن، جن ۾ ھڪ خاص ڪمرو گرو گرنٿ صاحب لاءِ ٺھيل آھي، جنھن کي سک آسڻ سڏيو ويندو آھي، ۽ ٻيو ڪمرو مھمانن جي رهائش ۽ آرام لاءِ ٺھيل آھي. ٻئي ماڙ تي پڻ اڱڻ مٿان لوھي گِرلون لڳل آھن، جن مٿان سائي رنگ جي ڄاري لڳل آھي، جيڪڏھن مھمان وڌي ويندا آھن تہ انهن لاءِ ھتي رهائش جو بندوبست ڪيو ويندو آھي ۽ اُتي ھڪ آفيس بہ ٺھيل آھي.

گردواري جي مُک سنڀاليندڙ گاگن داس مدناڻي مطابق، پھرين ماڙ تي حضور صاحب واري ھال ۾ صبح جو امرت ويلي (يعني تقريباً پنجين وڳي) گرو گرنٿ صاحب اچي رکندا آھن ۽ سڄو ڏينھن اتي ئي ھوندا آھن. شام جو ستين وڳي کان وٺي رات نائين وڳي تائين ست سنگ (گيت ڳايا ويندا آھن) ٿيندو آھي. (سندن عقيدي موجب ست سنگ، ڌرمي سمجهاڻي ۽ عبادت جو ھڪ طريقو آھي) ست سنگ کان پوءِ ارداس (دعا گهرڻ) ڪيو ويندو آھي، جنھن بعد گرو گرنٿ صاحب کي آڻي سک آسڻ ۾ رکيو ويندو آھي.

گردوارو صاحب ڀٽ شاھ جي سنڀاليندڙ ۽ خدمتگارن ۾ ڀائي ارشد جيت سنگھ، ڀائي نَوَل ڪمار، ڀائي ونود ڪمار، ڀائي پرسو مل، ڀائي وينسي مل، ڀائي پرڪاش سنگهه ۽ گاگن داس مدناڻي شامل آھن.

گاگن داس مطابق اسين مدن فقير جو اولاد آھيون، جيڪو شاھ لطيف جو دوست ۽ خدمتگار ھو ۽ اسان جو بنيادي مقصد اھو آھي تہ اسين انسانيت جي خدمت ڪيون ۽ ھن گردواري تي ايندڙ ڀٽائيءَ جي پانڌيئڙن ۽ غريب ماڻهن جي سيوا ڪئي وڃي.

گولي پير وارو مقام

ھيءُ مُقام، ڀٽ شاھ جي اتر طرف، ڏهن ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي آھي، جيڪو شاھ لطيف لاءِ اھميت وارو ھو، ڇو تہ اُتي سندس پڙڏاڏي، سيد جلال شاھ (جمال شاھ) شھيد جي مزار ھئي. اتان ڏکڻ اوڀر ساڱري ڍوري جي ڪناري وارن درويشن جا ماڳ ۽ مڪان ديدار لاءِ اھميت وارا ھئا. شاھ لطيف، سيدجمال شاھ جي مزار جي زيارت ڪرڻ سان گڏوگڏ انهن درويشن جي درگاھن تي پڻ ويندو ھو ۽ دعائون گهرندو ھو. اھڙيءَ طرح ديني توڙي دنيوي علم حاصل ڪرڻ لاءِ فطري نظارن مان پڻ مشاھدو ماڻيندو ھو.

لال لئو

لئي جو وڏو شاھي وڻ، جنھن ھيٺ شاھ لطيف ويھي رياضت ڪندو ھو ۽ ايڪانت ۾ ويھي ڌيان ۽ گيان سان غور فڪر ڪري پنھنجي وطن، ديس واسين ۽ انسان ذات جي ڀلائي، عالمي امن، ترقيءَ جي باري ۾ سوچ ويچار ڪندو ھو.

موٽِي مانڊاڻن جي واري ڪِئائِين وارَ،

وِڄُون وَسَڻ آئِيون چؤڏسيين چَوڌارَ،

ڪي اُٺِيون استنبول تي، ڪَن مَڻِئو مَغرِبَ پارَ،

ڪي چَمَڪن چين تي، ڪي لَهَن سَمَرقَند سارَ،

ڪي رَمِي وييُون رُومَ تي، ڪي ڪابُل، ڪي قنڌارَ،

ڪي دِلِي، ڪي دَکَنِ، ڪي کُڙَنِ مَٿي گِرِنَارَ،

ڪي جُنبيُون جيَسرَ ميرَ ڏي، ڪي بيڪانيرِ بَڪارَ،

ڪي پُريون پنجاب ڏي، ڪي ھَلنِ مَٿي ھالارَ،

ڪَنِي ڀُڄُ ڀڄائيو، ڪَنِي ڍَٽَ تي ڍَارَ،

سائِين سَدائين ڪَرين مٿي سنڌُ سُڪَارَ،

دوستَ مِٺا دلِدارَ، عالمُ سَڀُ آبادُ ڪَرِين.

(بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر (2009ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سارنگ، داستان 4، بيت 23، ص:412)

اھو پوءِ ’لاللئو‘ سڏجڻ لڳو. اھو وڻ سندس گهر (ڪوٽڙيءَ واري گهر) کي ويجهو اولهہ طرف لاڳيتي جهنگ ۾، ڀٽ شاھ کان ڏکڻ اولهہ ۾ نئشنل ھاءِ وي کان، کنڊو ويندڙ روڊ جي اتر طرف اڍائي ڪلوميٽرن جي پنڌ تي لڳ ڳوٺ جادم ٻگهيو کان اتر طرف سڏ پنڌ تي، يوسي ۽ ديھ کنڊو، تعلقي ۽ ضلعي مٽياري ۾ سڪل حالت ۾ موجود آھي، جتي شاھ لطيف جي ڪڍيل چلي ۽ ڪشالي جي يادگار طور ڪچي مسجد ۽ جايون ٺھيون، جيڪي ڊھي وڃڻ کان پوءِ پڪيون ٺاھيون ويون آھن. لئي جو وڻ جنھن ھيٺ شاھ لطيف وڃي ويھندو ھو، سو اتر طرف مسجد واري جاءِ کي ويجهو آھي. انهي جاءِ تي اڃا تائين ھڪ جهونو ’لئو‘ موجود آھي، جيڪو چون ٿا تہ ان اصلي ’لئي‘ جي بُڻ مان آھي.

انهي جاءِ تي ھڪ ڦٽل لانڍيءَ جا آثار بہ ھئا، جنھن جاءِ تي ھينئر پڪين سِرن سان ھڪ ھال نما ڪمرو جوڙيو ويو آھي. مقامي ماڻهو چون ٿا تہ، اھا شاھ حبيب جي حويلي ھئي، يعني شاھ لطيف جو اباڻو گهر ھو. ٿي سگهي ٿو تہ اھا ڳالهہ سچي ھجي ڇاڪاڻ تہ شاھ لطيف جو خاندان، اصل کان وٺي موجودہ ڀٽ شاھ جي ڏکڻ اولهہ طرف ويجھڙائيءَ ۾ رهندو ھو.

ھتي ھڪ وڏو مُقام آھي، جنھن ۾ اندازاً 400 کن قبرون آھن. انهيءَ ماڳ جي چوڌاري زمينون آباد آھن. لال لئي واري ھنڌ کان ٿورو پرڀرو ڏکڻ طرف ڳاڙهين سرن سان ٺھيل کوھ پڻ آھي، جيڪو لَٽجڻ جي باوجود بہ اڃا 12 کن فوٽ بچيل آھي. مقامي ماڻهن موجب ھن کوھ ۾ چاليھارو سال اڳ پاڻي ھو.

لطيف جو حُجرو (وفات واري جاءِ)

ڀٽ شاھ تي ھيءَ جاءِ، شاھ لطيف جي روضي جي اتر ۾، لڳ ڀڳ 200 ميٽرن جي مفاصلي تي آھي، جتي شاھ لطيف زندگيءَ جا آخري ڏينھن گذاريا ۽ وفات بہ اُتي ئي ڪيائين. ھن حُجري جي چوڌاري ھاڻ مُقام آھي، جتي فقيرن ۽ شاھ لطيف سان عقيدت رکندڙ ماڻهن جون قبرون آھن.

اھا جاءِ جتي شاھ لطيف ويھندو ھو، اُتي مقبري نما چؤکنڊي ٺھيل آھي، جيڪا ماڻهن لاءِ زيارت گاھ بڻيل آھي. ڪجهہ سال اڳ ھتي رڳو جهنگ ھو، پر ھينئر شھر جي وڌندڙ آبادي ان جاءِ کي گهيري وئي آھي ۽ ايراضي بہ تمام گهڻي تنگ ٿي پيئي آھي، جيڪا لڳ ڀڳ ھڪ ايڪڙ کن ھوندي، جنھن کي چؤديواري ڏنل آھي.

محمد فقير جي اوطاق

ھيءَ اوطاق درگاھ جي اوڀر ۾ آھي، جيڪا محمد فقير جي اوطاق طور مشھور آھي. وڏي کوھ لڳ وساڻ ذات جا مريد رهندا آھن. ھن وقت (2013ع) فقير سليمان وساڻ اوطاق جو سنڀاليندڙ آھي.

مسافر خانو (Motel)

ڀٽ شاھ تي ڀٽ شاھ ثقافتي مرڪز پاران ھڪ مسافر خانو ٺاھيو ويو ھو، جنھن ۾ چار ڪمرا ۽ ست وڏا ھال آھن ۽ ٻہ اسٽور روم پڻ آھن، جيڪي شاھ لطيف جي پانڌيئڙن لاءِ ٺھرايل آھن. ھن عمارت جو افتتاح، سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير، غوث علي شاھ، 19 آڪٽوبر، 1987ع مطابق 16 صفر، 1408هه تي ڪيو ھو. ھن وقت اھا عمارت ريڊيو پاڪستان وارن جي حوالي ڪئي وئي آھي، جنھن ۾ سندن آفيس ۽ نشرياتي ساز سامان رکيل آھي. ھتان روزانو ڀٽائي ايف-ايم پاران نشريات ھلائي وڃي ٿي، جنھن ۾ شاھ جي راڳ، ڪلام ۽ فڪر بابت احوال نشر ٿيندا آھن. اُن ايف. ايم. ريڊيو اسٽيشن جو افتتاح اُن وقت جي ثقافت ۽ سياحت جي صوبائي وزير سسئي پليجو ۽ برک اديب محمد ابراھيم جويي ڪيو ھو.

ملاکڙو اسٽيڊيم

ڀٽ شاھ تي، ڀٽ شاھ ثقافتي مرڪز پاران شاھ لطيف جي ميلي جي موقعي تي ٿيندڙ ملاکڙي لاءِ ھڪ اسٽيڊيم جوڙايو ويو ھو، جيڪو نيشنل ھاءِ وي کان لطيفي درگاھ ڏانھن ويندڙ روڊ جي اترئين پاسي درگاھ کان اولهہ پاسي 700 ميٽرن جي مفاصلي تي آھي. انهيءَ جي اوڀر پاسي ھنرمندن جي وسندي، اولهہ ۾ ’ايڪسيلنس سينٽر‘، اتر ۾ ’فقير ڪالوني‘ آھي. اسٽيڊيم جي پيڙهه جو پٿر تڏهوڪي سنڌ جي گورنر محمود اي ھارون، 1 صفر المظفر 1413ھ، مطابق 14 آگسٽ 1992ع تي رکيو. اھو اسٽيڊيم، سوا ايڪڙ جي ايراضي تي ٻڌل آھي. اسٽيڊيم جي ديوار جي اندرئين پاسي ڏسندڙن جي ويھڻ لاءِ سيمينٽ جا دِڪا ٺھيل آھن ۽ الھندي طرف خاص مھمانن جي ويھڻ لاءِ ڏهن کان پندرهن فوٽن جي اوچائيءَ تي اسٽيج ٺھيل آھي. سڄي ميدان ۾ ڇٻر پوکيل آھي ۽ چوڌاري وڻ پوکيل آھن. چئني طرفن کان تمام وڏا بلب لڳل آھن. ھي اسٽيڊيم خاص طور تي شاھ لطيف جي عرس جي موقعي تي لڳندڙ ملاکڙي لاءِ ٽي ڏينھن استعمال ۾ ايندو آھي ۽ ٻين قومي پروگرامن لاءِ پڻ استعمال ٿيندو آھي.

ميمڻن جو مُقام

ھيءُ ميمڻن جو ھڪ قديمي مقام آھي، جيڪي ڪاروباري لحاظ سان 200 سال پھرين ھتي آيا ۽ پوءِ ھتي جا ٿي ويا.

ھي مُقام، ٻگهيا پاڙي جي ڏکڻ ۾ ۽ جت پاڙي جي اتر طرف واقع آھي. ان ۾ اٽڪل 100 کن قبرون آھن ۽ ان جي ايراضي، 10030x فٽ آھي. ان مقام ڀرسان، ھڪ قديمي مسجد بہ آھي، جنھن کي ’گل فقير ڪوريءَ جي مسجد‘ چون ٿا.

ميوزيم (Museum)، ڀٽ شاھ ثقافتي مرڪز

ڀِٽ شاھ ۾، ڀٽ شاھ ثقافتي مرڪز پاران 1962ع ۾، ھڪ عجائب گهر/ميوزيم جوڙايو ويو ھو، جيڪو شاھ لطيف جي مزار جي ڏاکڻ طرف، ڪراڙ ڍنڍ جي ٻئي ڪپ تي موجود آھي.

ھن ميوزيم ۾، شاھ لطيف جي سورمين، سورمن ۽ ٻين ڪردارن بابت مجسمن وسيلي، سُر سامونڊيءَ ۾ ’وڻجارين‘، سُر سھڻيءَ ۾ ’سھڻي‘، سُر ڪاموڏ ۾ ’نوري ۽ ڄام تماچي‘، سسئي پنھونءَ جي لوڪ داستان سان لاڳاپيل، پنجن سُرن جي سورمي ’سسئي‘، سُر مومل راڻو ۾ ’مومل ۽ راڻي‘، سُر سورٺ ۾ ’سورٺ‘، ’راءِ ڏياچ‘، ’ٻيجل‘ ۽ ’راءِ ڏياچ جي ماءُ‘، سُر ڪاپائتيءَ ۾ ’ڪاپائتيون‘ ۽ سُر مارئيءَ جي سورمي ’مارئي‘، ’عمر‘ ۽ ’ٻانهيءَ‘ جون عملي تمثيلون ڏنيون ويون آھن تہ جيئن عام ماڻهو انهن ڪردارن ۽ سُرن جي پس منظر وسيلي، شاھ لطيف جي شاعريءَ کي آسانيءَ سان سمجهي سگهن. ھي فنڪارانہ ڪم، سنڌ ميوزيم جي تڏهوڪي ڊائريڪٽر ظفر ڪاظميءَ ڪيو آھي، جيڪو سنڌ جو ھڪ مشھور آرٽسٽ آھي. ھي ميوزيم، صبح جو 9 کان شام جو 6 وڳي تائين کليل رهندو آھي، جنھن ۾ وڏي تعداد ۾ ماڻهو دلچسپيءَ سان مجسما ڏسڻ ايندا آھن. سنڌ ثقافت کاتو، ھن ميوزيم جي سار سنڀال لاءِ ذميوار آھي. انهيءَ ميوزيم واري عمارت ۾، ھڪ ڪمري ۾ ميوزڪ جو اسڪول ۽ ھڪ ھال ۾ آرٽ گئلري قائم ڪئي وئي آھي ۽ عمارت جي لڳ اتر اوڀر طرف اوپن ايئر آڊيٽوريم آھي.

وڏي اوطاق

ڀٽ شاھ تي ھيءَ اوطاق، پھرين شاھ لطيف جي حويلي ھئي. جڏهن عقيدت مندن جي رش وڌندي وئي ۽ فقراءَ ۾ واڌارو آيو، تہ شاھ لطيف اھا حويلي ۽ لنگر خانو، جيڪو حويلي سان لڳ اوڀر طرف آھي، تمر فقير جي حوالي ڪيا. اھو لنگرخانو ۽ مسافرخانو اڄ بہ وڏي اوطاق سان لڳو لڳ آھن. شاھ لطيف جي مزار جي ڏکڻ طرف، اوطاق جو انتظام تمر فقير جو اولاد تمراڻي فقير سنڀالين ٿا، ۽ لنگر خاني ۽ مسافر خاني جو انتظام اوقاف کاتي وٽ آھي. ان کان علاوہ سڀني راڳين جا دنبورا، وڏيءَ اوطاق ۾ رکيا ويندا آھن. رجب مھيني ۾، ٿيندڙ پھرئين سومار (سومر) جي رات ھتي وڏي مقدار ۾ لنگر ھلندو آھي. مڪاني محاوري ۾ ان کي ’لکانو سومار‘ چئبو آھي. سڄيءَ جڳھ جون ڀتيون اوڏڪيون آھن، جيڪي ٽي فوٽ ويڪريون آھن.

وساڻن جي اوطاق

ھيءَ اوطاق، درگاھ جي اوڀر ڏکڻ ڪنڊ تي اڄ بہ موجود آھي. اوطاق جو پڪو صفو ڪاشيءَ جي سرن سان ٺھيل ھو، جنھن جي ويڪر 20 فٽ ۽ ڊيگهه 30 فٽ ھئي. اوطاق ۾ ٻہ ورانڊا ھئا. اڳيان ورانڊي جي ويڪر 12 فٽ ۽ ڊيگهه 30 فٽ ھئي ۽ اولهہ طرف واري ورانڊي جي ويڪر 15 فٽ ۽ ڊيگهه 20 فٽ ھئي. اوڀر طرف فقيرن جا گهر آھن. خير محمد فقير ۽ الله ورايو فقير، جيڪي ٻـئي ڀـائر ھئا، ھن اوطاق جا سنڀاليندڙ ھئا. ھن وقـت (2013ع) اوطاق جا سنڀاليندڙ عارب فقير ۽ لونگ فقير آھن. ھينئر ان وطاق جي نئين سر اڏاوت ٿي رهي آھي ۽ اڳ واريون لڳل ڪاشيءَ جو سرون بہ سنڀالي رکيل آھن، جن لاءِ ٻڌايو ويو تہ اھي ٻيھر لڳايون وينديون.

ھنرمندن جي بستي

ڀٽ شاھ ۾، سنڌ سمال انڊسٽريءَ پاران ھنرمندن کي رهڻ لاءِ گهر ۽ ڌنڌي لاءِ دڪان جوڙائي ڏنا ويا آھن. اھا وسندي درگاھ کان 500 ميٽرن جي مفاصلي تي اولهہ طرف نئشنل ھاءِ وي کان درگاھ ڏانھن ايندڙ رستي جي اترئين پاسي آھي. جنھن جي اولهہ ۾ملاکڙو اسٽئڊيم ۽ ڏکڻ طرف (روڊ جي پرئين ڀر) شاھ جو باغ آھي. اھي گهر ۽ دوڪان 1983ع ڌاري ان وقت جي گورنر ايس. ايم. عباسيءَ، سولين شرطن ۽ قسطن تي الاٽ ڪيا ھئا. انهن مان 62 ڪوارٽر ۽ 12 دڪان آھن. اھي ڪوارٽر ھڪ ٻن ۽ ٽن ڪمرن جا آھن، جيڪي سرڪار پاران پڪين سرن ۽ سيمينٽ سان ٺھيل آھن. گهرن جي وچ ۾ سڌا ۽ پڪا رستا آھن. ھتي بجلي ۽ پاڻيءَ جو جوڳو بندوبست ٿيل آھي.

ڪيترائي ھنرمند انهن گهرن ۾ ۽ دڪانن ۾ جنڊيءَ جو ڪم، اجرڪ جي رڱاوت ۽ کاڌيءَ جي ڪپڙي اڻڻ جو ڪم ڪري سڪون واري زندگي گذاري رهيا آھن.

ھيٺانھين شھر کان درگاھ ڏانھن ويندڙ چاڙهين/گهٽين جا نالا

1. جان محمد فقير واري چاڙهي

2. حجري واري چاڙهي يا گهٽي

3. درگاھ چاڙهي

4. شاھي بازار وارو رستو

5. لاڙڪن يا ذاڪري فقيرن واري چاڙهي

6. وڏي اوطاق واري گهٽي يا چاڙهي

1. جان محمد فقير واري چاڙهي

ھيءَ چاڙهي، موجودہ شاھي بازار کان درگاھ شريف تي ايندي ھئي. مٿي اچي، ڄام ڪانڀو خان جي بنگلي وٽان ٻن حصن ۾ ورھائجي ويندي ھئي. ھڪ حصو خير محمد فقير وساڻ جي اوطاق کان ٿي درگاھ شريف پھچندو ھو، تہ ٻيو وري جان محمد فقير جي اوطاق وٽان درگاھ لطيف تي پھچندو ھو. گهڻو ڪري جان محمد فقير جي اوطاق وارو حصو استعمال ٿيندو ھو. ھاڻي اھا گهٽي بند ٿي چڪي آھي.

2. حجري واري چاڙهي يا گهٽي

ھيءَ چاڙهي، درگاھ جي اتر کان شاھ لطيف جي حجري تائين ويندي ھئي، ان ڪري ان کي حجري واري چاڙهي چوندا ھئا. تمام اڀي چاڙهي ھوندي ھئي، ماڻهو چڙهندي سھڪي پوندا ھئا. ھن وقت اتي ’ايوان رومي‘ ۽ ’ايوان لطيف‘ ٺھيل آھي. ايترو مٿي ڀراءُ وڌو ويو جو ھاڻي چاڙهي نہ رهي آھي ۽ درگاھ ڏي اتر کان ايندڙ V. I. P. رستو سڏجي ٿو، جيڪو 1996ع ۾ ٺھيو، جنھن جي منظوري وزيراعظم پاڪستان جي حيثيت ۾ شھيد بينظير ڀٽو ڏني ھئي.

3. درگاھ چاڙهي

دنبوري چوڪ کان سڌو اتر طرف درگاھ ڏانھن ويندڙ رستي کي درگاھ چاڙهي چيو ويندو آھي. 1956ع کان پھرين ھن جاءِ تي تمام سوڙھي گهٽي ھئي، جتان زائرين روضي تائين ويندا ھئا پر 1954ع ۾ جڏهن ڀٽ شاھ ڪلچر سينٽر جو سنگ بنياد رکيو ويو تہ ان رٿا ھيٺ ھن گهٽيءَ کي 30 فٽ ويڪرو ڪري ٺاھيو ويو 15 فٽ ھڪ پاسي تہ 15 فٽ ٻئي پاسي. وچ ۾ چئن فٽن جو گرينبيلٽ ڇڏيو ويو. اھا چاڙهي، پڪين سرن سان ٺاھي وئي آھي. سرون ھڪ فٽ ڊگهيون ۽ 4 انچ ويڪريون ھيون. ھڪ سر جو وزن پنج سير ھو. اھا سر، ڀٽ شاھ ۾ بٺو لڳائي ٺاھي وئي ھئي. اھا سر پنج سير وَٽَ طور بہ استعمال ٿيندي ھئي. ھيءَ چاڙهي 1974ع تائين موجود ھئي. 1974ع ۾ شھيد ذوالفقار علي ڀٽي، ڀٽ شاھ ترقياتي رٿا جي پيڙهه جو پٿر رکي، شھر ۽ درگاھ کي ترقي ڏيارڻ جي شروعات ڪئي تہ ھن چاڙهيءَ کي بهتر ڪيو ۽ وڌايو ويو. وچان گرين بيلٽ ڪڍي 40 فوٽن جي پڪي ۽ سڌي چاڙهي ٺاھي وئي. پاسن کان 12 فُٽَ، فوٽ پاٿ بہ ٺاھيا ويا. سڄي چاڙهي پڪي ڪئي وئي، اڄ بہ درگاھ ڏانھن ويندڙ مُکيہ رستو اھو ئي آھي.

4. شاھي بازار وارو رستو

1950ع کان اڳي، درگاھ تي پھچڻ لاءِ شاھي بازار وارو رستو استعمال ٿيندو ھو، ڇو تہ ھي رستو وڏي پڙ کان ٿيندو، ريلوي اسٽيشن تائين ويندو ھو. ڀٽ شاھ ايندڙ زيارتي ھن رستي کان ٿي، درگاھ تي پھچندا ھئا. ھيءُ رستو ڀائو گلو ۽ سيٺ سليمان ميربحر جي دڪانن وٽ اچي، شاھي بازار تي دنگ ڪندو ھو، جتان پوءِ زيارتي درگاھ تي ويندا ھئا. ھوٽل ۽ ٻيا ضرورت وارا دڪان ھن بازار ۾ ھئا، پر جڏهن سيد ميران محمد شاھ، لوڪل بورڊ جو وزير ھو، تہ ھن نئشنل ھاءِ وي کان درگاھ تائين، ٽي ڪلوميٽر پڪو رستو جوڙايو، جيڪو ٿاڻي واري گهٽيءَ کان ٿيندو، درگاھ تي پھچندو ھو. پوءِ زيارتي روڊ رستي ڀٽ تي اچڻ لڳا ۽ ريل کي ماڻهن وساري ڇڏيو. اھڙيءَ طرح اولهہ وارو پاسو آباد ٿيڻ لڳو ۽ اوڀر وارو پاسو ويران ٿيندو ويو، ۽ ڪنھن وقت ۾ اوج تي پھتل ھيءَ بازار اڄ ويران آھي، دڪانن جي جاءِ تي رهائشي گهر ٺھي چڪا آھن ۽ اولهہ وارو پاسو ڏينھون ڏينھن وڃي ٿو ترقي ڪندو.

5. لاڙڪن يا ذاڪري فقيرن واري چاڙهي

ھيءَ چاڙهي، موجودہ ڀاڄين واري مارڪيٽ وٽان درگاھ تائين اچي ٿي. 100 سال پھرين بہ ھيءَ گهٽي يا چاڙهي پڪين سرن سان ٻڌل ھئي. ڪنھن ٺھرائي ھئي؟ خبر نہ آھي، پر ھاڻ ان کي سيمينٽ سان پڪو ڪيو ويو آھي. ھيءَ گهٽي ڏکڻ کان درگاھ تائين اچي ٿي. ھن رستي تان زيارتين جو گذر ھاڻ تمام گهٽ آھي. ھن چاڙهيءَ جي اولهہ ۾ لڳو لڳ وڏي اوطاق جو ھيٺانھون پلاٽ واقع آھي.

6. وڏيءَ اوطاق واري گهٽي يا چاڙهي

ھيءَ گهٽي اڄ درگاھ جي اولهہ کان ٿيندي وري اوڀر ڏي مُڙي وڏي اوطاق ڏانھن وڃي ٿي. ھن گهٽيءَ ۾ شھر جي اولهہ کان ٻہ ٻيون گهٽيون اچي ٿيون ملن. ھڪ وڏي اوطاق جي ٻاھر واري گهٽي، جيڪا الھندي پڙ کان ٿيندي، شھر ۾ داخل ٿئي ٿي. ٻي گهٽي آھي شيخن جي پڙ واري، جيڪا پڻ ٽائون ڪاميٽي آفيس کان درگاھ ڏانھن ويندڙ مکيہ گهٽيءَ ۾ وڃي ٿي دنگ ڪري. ھن گهٽيءَ ۾ مھاڻن، شيخن، خاصخيلين، ڪورين ۽ ڪجهہ مھاجرن جا گهر آھن.

ھيلي پيڊ

ڀٽ شاھ ثقافتي مرڪز پاران ترقياتي رٿائن ھيٺ 1980ع ۾ ڀٽ شاھ ۾ ھڪ ھيلي پيڊ تيار ڪيو ويو. ھي ھيلي پيڊ شروع ۾ ايئروڊرم طور ٺھيو ھو، جنھن سان رَن وَي بہ ھو. ھن ايئروڊرم جي ماپ 2400 فوٽ ڊيگهه ۽ 40 فوٽ ويڪر آھي، جيڪا اصل ۾ مڪڙن کان بچاءَ جي اسپري لاءِ سيسينا جھاز جي لهڻ لاءِ ٺاھيو ويو ھو، پر انهيءَ ايئروڊرم ٺھڻ کان پوءِ ڪڏهن بہ مڪڙ نہ آيا، تنھن ڪري اتي جھاز نہ لهڻ جي صورت ۾ انهيءَ کي ھيلي پيڊ طور ڪتب آندو ويو ۽ شروعاتي ڏهن سالن تائين حڪومتي عھديدار ۽ اھم شخصيتون ننڍن جھازن تي عرس جي موقعي تي شرڪت لاءِ ايندا ھئا، پر 1990ع کان پوءِ رَن وَي جو استعمال ئي نہ ٿيو آھي.

ھي ھيلي پيڊ، ملڪ جي اھم شخصيتن جي ھيلي ڪاپٽر ذريعي لهڻ لاءِ استعمال ۾ آندو وڃي ٿو، جتان پوءِ گاڏين ۾ ويھي درگاھ تي زيارت لاءِ پھچن ٿا. ھن ھيلي پيڊ لڳ ھڪ عمارت ٺھيل آھي، جنھن ۾ ٽي ڪمرا آھن. اھا عمارت، زراعت کاتي جي آھي، جنھن تي لکيل آھي

Bhit Shah Aerodrome Department of Plant Protection

اڄ ڪلهه اِھو ھيلي پيڊ ڊپٽي ڪمشنر مٽياريءَ جي انتظام ۽ سنڀال ھيٺ آھي.

نشست گاھ شھنشاھ

ھيءَ جاءِ، شاھ لطيف جي حويليءَ جي ڏاکڻي ڀت ڀرسان آھي، جتي شاھ لطيف گهران نڪري ڪجهہ وقت اچي ويھندو ھو. اُتي نم جو ھڪ وڻ بہ بيٺل آھي، جيڪو سندس ڏندڻ جي نشاني آھي. چون ٿا تہ جڏهن مسجد جو ڪم پئي ھليو تہ شاھ لطيف ان جاءِ تي ويھي ڪم جي نگراني ڪندو ھو ۽ جيڪڏھن وٽن فقير فقراءَ ڪم سانگي ايندا ھئا، تہ کانئن اتي ويھي خبرچار وٺندو ھو. ان جاءِ کي محفوظ ڪيو ويو آھي، جيڪا ھن وقت زيارت گاھ بڻيل آھي.

يارو فقير جو مُقام

ھي مُقام، درگاھ شريف جي اولهہ ۾ واقع آھي، جتي تمام گهڻيون قبرون موجود آھن. يعقوب شھيد جي مُقام کان پوءِ ھي شھر جو سڀ کان وڏو مُقام آھي. ھن ۾ بہ ڳوٺ جا ماڻهو دفن ٿين ٿا، جن ۾ شيخ برادري، خاصخيلي برادري، رَنگ برادري، ماڇي، سما ۽ ٻين ذاتين جا ماڻهو دفن آھن. ڪجهہ قبرون ملاح برادريءَ جون بہ آھن.

شاھ جي پارکو محمد رمضان خاصخيليءَ ۽ مشھور راڳائي ابراھيم فقير جي مزار بہ ھن مقام ۾ موجود آھي. ھن وقت بہ ھي مُقام پنجن ايڪڙن ۾ ڦھليل آھي. گهڻا ماڻهو مُقام تي قبضو ڪري گهر ٺاھي ويٺا آھن، مگر ڪن برادرين، پنھنجن وارثن جي قبرن کي چؤديواري ڏياري محفوظ ڪري ڇڏيو آھي.

شاھ لطيف جا گهڻا راڳائي خاصخيلي فقير، ھتي دفن ٿيل آھن. خود يارو فقير عرف يار محمد فقير بہ شاھ لطيف جو وڏو راڳائي فقير ٿي گذريو آھي، جنھن جو تعلق تمرفقير جي وڏي اوطاق سان رهيو، سو بہ ھتي دفن ٿيل آھي.

يعقوب شھيد جو مُقام

ھيءُ مُقام، ڀٽ شاھ جو سڀ کان وڏو مُقام آھي. ان ۾ اٽڪل 5000 پنج ھزار قبرون آھن ۽ ان جي ايراضي اٺ ايڪڙ کن ٿيندي. ڳوٺ جي ماڻهن کان علاوہ ان ۾ ٻہراڙيءَ جا ماڻهو بہ دفن ٿين ٿا. ان کان علاوہ تمر فقير جي گهراڻي جا گهڻا فقير بہ ھتي ئي دفن ٿين ٿا. ان مُقام ۾ ڪنڊي جا تمام گهڻا وڻ موجود آھن. ان کان علاوہ ڄار/کٻڙ جا وڻ بہ ڪثرت سان آھن.