ٻيا بيت
- سُر سامونڊي جَي آيا وڻجارا جو بيت
ڏِٺِي ڏِيارِي، سَڄَڻَ سَفَرِ ھَلِئا،
پايو پاندُ ڳِچِي ۾، زورِ ڪَري زارِي،
ڪانُ ھَڻِي ڪارِي، وِئو وَڻِجارو اوھَرِي.
سمجهاڻي
ڏياريءَ جي مند اچڻ سان منھنجا سڄڻ سفر تي روانا ٿي ويا، جيتوڻيڪ مون ڳچيءَ ۾ پلئہ وجهي کين گهڻي آزي نيزاري ڪئي (پر هو نہ مُڙيو). ائين هو مون کي جدائيءَ جو ڪان (تير) هڻي پاڻ سامونڊي سفر تي هليو ويو.
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
डि॒ठी डि॒यारी। सज॒ण सफ़रि हलिआ।
पायो पांदु गि॒ची में। ज़ोरि करे ज़ारी।
कानु हणी कारी। विओ वणिजारो ओहरी।
ROMAN SINDHI
Dithey diareye, sajhann safar haleeaa,
Paaeow paandh ggichey me, zoor karey zareey,
Kaanh hanrhii kaarey, weow wanjaarow aohrey.
TRANSLATIONS
ھِن سُر جي راڳ بابت
سر سامونڊي جو تعلق سنڌي پرڪاش راڳ آھي ۽ ھن جي شڪل پوربي ٺاٺ سان ملي ٿي. آروھي ۽ آمروھي اوڏو سمپورڻ آھي يعني آروھيءَ ۾ پنج سر ۽ آمروھيءَ ۾ ست سر آھن. ڀٽائي جن جي راڳ کي راڳ وديا ۾ اھڙو تہ چالو ڏنو آھي جيڪو ھند جي ڏنل سنگيت سان ڪونہ ٿو ملي. انهيءَ ڪري شاھ جي سنگيت ۾ ان جو نالو ئي لطيفي چالو رکيو ويو آھي. وادي سر ”گنڌار“ ۽ سموادي سر ڌيوت راڳ جي آلاپن جو پھر شام کان رات تائين جو آھي.
ٺاٺ: پوربي
آروھي: سا گي مي پا ني سا
آمروھي: سا ني ڌا پا مني گي را سا
وقت (سمو) شام
(ذريعو: شاھ جو راڳ، سرگم وسيلي نئي تحقيق. تحقيق: استاد امير علي خان. ڇپائيندڙ: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي)
Lexical Density of this Bait
Number of words: | |
---|---|
Lexical Words:* | |
Non-lexical words:** | |
Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection