ٻيا بيت
- سُر رامڪلي جَي آءٌ نہ جِيئندي ان ري جو بيت
ڏِسَڻُ گهَڻو ڏُھلا، ويراڳِيَنِ وَرَنَ،
ٻولَڻُ ٻوڙَنِ سين پِئو، سَندا فانِيَنِ فَنَ،
ڪي گهُرِجَنَ ڪَنَ، آئُون نَہ جِيئَندِي اُنِ ري.
سمجهاڻي
اُهي ويراڳي رنگ ۽ مُھانڊن ۾ (ظاهري طور) گهڻو هيڻا ۽ ڪوماڻيل نظر پيا اچن. پر هنن جو ڪم (مقصد) اهڙن ٻوڙن انسانن (دنيا ۾ غرق جيڪي چڱي ڳالهہ ٻڌڻ نٿا چاهين) کي چڱي ڳالهہ چوڻ آهي. هنن فقيرن جن پاڻ کي ماري فنا ڪيو آهي تن جا اهي ڪارگر حيلا (ڪارناما) آهن (جو هو ٻوڙن کي سَرلو يعني ٻڌڻ لائق ڪن ٿا). اهڙن آدرشي انسانن جي پيغام کي ٻُڌڻ لاءِ (ظاهري) ڪن نہ گهرجن (پر اندر جا ڪن گهرجن). (اهو ئي سبب آهي جو آءٌ هنن کان سواءِ (حقيقي طور) جيئڻ جو تصور نٿو ڪري سگهان.
[مثنويءَ ۾ اهڙن اوليائن جي نشاندهي هينئن ڪئي ويئي آهي:
نغمئه اجزاي آن صافي جسد،
هر دمي درگوش حسش مي رسد.
همينشان نشنود، ايشنود،
اي خنک جان کو بہ غيبش بگرود.
(دفتر سوم، ب- 4286-87)
معنيٰ: اهي پاڪ جسمن وارا اندروني نغما پنھنجن ڪنن سان ٻڌن ٿا، پر انهن کي ساڻن گڏ ويھڻ وارا نٿا ٻڌن. اهي روح مبارڪباد جي لائق آهن، جيڪي بنا ڏسڻ ۽ ٻڌڻ جي سندن ڳالهہ مڃين ٿا.]
گنج ۾، سرود رامڪلِي، بيت نمبر : 2491
ڎِسَنُ کَنُوْ ڎُهْلَا وٖيْرَاکِيَنِ وَرَنَ﮶
ٻُوْلَنُ ٻُوْرَنِس﮼ ٻِئُوْ سَندَا فَانِيَنِ فَنَ﮶
ڪٖيْ کُرْجَنِ ڪَنَ آَءٌ نَجِيَدِيْ اُنِرٖيْ﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
डि॒सणु घणू डु॒हिला। वैरागि॒यनि वरन।
बो॒लणु बो॒ड़नि सें पओ। संदा फ़ानियनि फ़न।
के घुरिजन कन। आऊं न जीअंदी उनि रे।
ROMAN SINDHI
Disann Ghano duhala, weragein waran'n,
Bolan'n bor'ran seein pa'o, sandha faanein fa'n,
Keiy Ghurjann kann, aaun naa jeindey unn re.
TRANSLATIONS
(It is very difficult to comprehend (or describe) the unusual traits of these ascetics). Firstly they are deaf to talk to. (They discourage conversation). Secondly they are always in the specific trance of self effacement. One needs spiritual ears to hear and follow what they utter in ecstasy. It is indeed hard for me to live without them.
دیکھیں دیکھ نہ پائیں اُن کی، جگ مگ کرتی رنگت،
بہروں کی ہے بستی جس میں، چالاکی و حرفت،
چاہے اور طرح کی سماعت، بِن ان کے کیا جینا۔
Lexical Density of this Bait
| Number of words: | |
|---|---|
| Lexical Words:* | |
| Non-lexical words:** | |
| Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection