ٻيا بيت
- سُر جاجڪاڻي جَي سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار جو بيت
ڏُرمَنِ جي ڏيئِي، سيئِي مَڱُ مَ مَڱڻا،
سَٻَڙَ سَندي دَرَ تي، ڪَرِ وينَتِيُون ويھِي،
پُڇي نَہ ڏيئِي، وَرِي ليکو نَہ ڪَري.
سمجهاڻي
اي منگتا! جيڪي (انسان) ڏيڻ کان پوءِ وري ورائي پڇن ، تون انهن وٽ وڃي سوال نہ ڪر. تون اصل سَٻڙ سخي وٽ ويھي (جيڪي گهرين سو) گهُر واريون (دل گهريون) صدائون ڪر. (جيڪي توکي گهرڻو آهي، هُن کان ئي گهر) اهو ئي تہ آهي، جيڪو ڏيئي وري نہ پڇي ۽ پچاري!
گنج ۾، سرود جاجڪاڻي، بيت نمبر : 2461
ڎُرْمَنِ جٖيْ ڎٖيْئِيْ سٖيْـئِيْ مَنکُّہ مَ مَکَّنَا﮶
سَبَرَ سَندٖيْ دَرَ تٖيْ ڪَرِ وٖيْنَتِيٌ وٖيْھِيْ﮶
پُڇٖيْ نَڎٖيْئِيْ وَرِيْ لٖيْکُوْ نَڪَرٖيْ﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
डु॒र्मनि जे डे॒ई। सेई मङु म मङणा।
सबड़ संदे दर ते। करि वेनतियूं वेही।
पुछे न डे॒ई। वरी लेखो न करे॥
ROMAN SINDHI
Durman je Deyi, seyi mang'u ma mangnna,
SaBarr'a sande dar'a te, kar wentiyoon wehee,
Puche na Deyi, waree lekho na kare.
TRANSLATIONS
بخواہ ازوی کہ بعد از دادن عصابی نمی گردد
بشو دریوزہ گر تو بر در اہل سخا رفتہ
بجز پر سش نوازد آن حساب از کس نمی پرسد
بر آن در ہر کہ شد دارد بدان بیشک بجا رفتہ
Lexical Density of this Bait
Number of words: | |
---|---|
Lexical Words:* | |
Non-lexical words:** | |
Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection