ٻيا بيت
- سُر جاجڪاڻي جَي سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار جو بيت
ڏاتارُ تَہ تُون، ٻِئا مِڙيئِي مَڱڻا،
مِينھَن تَہ مُندين وَسِڻا، سَدا وَسين تُون،
جي گهَرِ اَچين مُون، تَہ ميرِيائِي مانُ لَھان.
سمجهاڻي
(اي الله سائين) ڏاتار (سڀني کي ڏيندڙ) صرف تون هڪڙو ئي آهين، باقي ٻيا سڀ (محتاج) گهرڻ وارا ۽ سوالي آهن. برسات پنھنجي موسم سان پوندي آهي، پر تون هميشه پيو وسين (سدائين سڀني کي ڏيو پيو ڏئين). جيڪڏهن تون مهربان ٿي مون وٽ اچين (منھنجي سارسنڀال لھين) تہ جيڪر آءٌ عيبدار ئي عزت وارو ٿي وڃان.
[مثنويءَ ۾ روميءَ الله تعاليٰ جي بخشش ۽ عطا کي گهڻن مثالن سان واضح ڪيو آهي. هڪ هنڌ الله جي مهربانيءَ کي هو مينھن سان هن ريت تشبيھ ڏئي ٿو:
دمبدم هر سوئي صاحب حاجتي،
يافتہ زان در عطا و خلعتي،
بهر گبر و مؤمن و زيبا و زشت،
همچو خورشيد و مطر بل چون بهشت.
(دفتر اول، ب- 2739 ۽ 40)
معنيٰ: هن بادشاھ جي دربار مان هر گهڙيءَ هر ضرورتمند ۽ حاجتمند کي انعام اڪرام ملي رهيا آهن. هن جي سخا مان ڪافر ۽ مؤمن، نيڪ ۽ بد سڀ مستفيد پيا ٿين، بلڪہ هن جي سخا سج ۽ مينھن وانگر سڀني لاءِ برابر آهي سڌو سنئون بھشت آهي.]
گنج ۾، سرود جاجڪاڻي، بيت نمبر : 2460
ڎَاتَارُ تَتُنْ ٻِئَا مِرٖيْئِيْ مَکَّنَا﮶
مِيْهَ تَمُند﮼ وَسِنَا سَدَا وَس﮼ تُنْ﮶
جٖيْ کَرِ اَچٍہ مُنْ تَمٖيْرِيَائِيْ مَانُ لَھَان﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
डा॒तारु त तूं। बि॒आ मिड़ेई मङणा।
मींहँ त मुंदें वसिणा। सदा वसें तूं।
जे घरि अचें मूं। त मेरियाई मानु लहां॥
ROMAN SINDHI
Daatar'u ta toon, Biya mirreyi mangnna,
Meenhan na munden wasiya, sada waseen toon,
Je ghar acheen moon, ta meryaee maan'u lahaan.
TRANSLATIONS
(My Lord!) You alone are the (Self-Sufficient) Donor. All others are mere beggars (at your door). Rain is seasonal and its benefit too is occasional. But you are munificent all the year round. If you condescend to visit my house, I would be honoured inspite of my dirtiness (i.e. if you graciously forgive my sins, I would be honoured as sinless).
Verily Allah is very kind and Compassionate to the mankind
(143, AI-Baqarah).
Allah is Self-Sufficient and you are needy . (38, Muhammed).
تہ ہستی دلدارِ من، دیگران در بوزہ گر ہستند
بموسم ہست باران لطیف می باری ہمیشہ تو
شوی مہمانم ازیک لمحہ لا شک بہرہ ور گردم
کہ من نادارم و ھرچہ است می داری ہمیشہ تو
نیند میں بیتی جارہی ہے رات
اے مغنّی کھلی ہے راہِ نجات
ماہ و انجم لٹا رہا ہے کوئی
نہ رہا کوئی صاحبِ حاجات
وہ کھلا ہے خزینۂ فطرت
موتیوں سے بھرے ہیں سب کے حات
ساز اٹھا، ساز اٹھا، مغنّی! ساز
دے ہی دیگا سخی تجھے سوغات
اور سبھی ہیں منگتے، بس اک داتا تو،
برکھا برسے کبھی کبھی، اور تو ہر پل ہر سو،
ڈال دے اپنا پلو، تو جاگیں بھاگ ابھاگن کے۔
Lexical Density of this Bait
Number of words: | |
---|---|
Lexical Words:* | |
Non-lexical words:** | |
Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection