ٻيا بيت
- سُر رامڪلي جَي بُک، طعام، گدا ۽ گبري جو بيت
ڏَھڪِجِي ڏُورِ ٿِئا، ڪِي جَو ڏِٺائُون،
وِھَڪَ نَہ ڪِئائُون، اُڀِيَڻُ عَيبُ اُنِ جو.
سمجهاڻي
هنن جوڳين کي جڏهن (پرينءَ) جي جوت يا جلوو نظر آيو تہ ان جي پويان هلندا گهڻو پري هليا ويا. ان کان پوءِ وري هو هڪ جاءِ تي هرگز اچي نہ ويٺا، بلڪ هردم اڀو ٿي بيھي رهڻ هنن جو چٽو ۽ پڪو دستور بنجي ويو. (هو هر وقت سخت انتظار ۽ اوسيئڙي ۾ پيرن ڀر بيٺا آهن، ويھڻ هنن لاءِ حرام آهي.)
[مثنويءَ ۾ اوليائن کي اصحاب ڪهف سان بار بار تشبيھ ڏني ويئي آهي. هڪ هنڌ انهن جي ننڊ ۽ جاڳڻ جي حالت جو بيان ڪندي چوي ٿو:
اوليا اصحاب کهفند اي عنود،
در قيام و در تقلب هم رقود.
(دفتر اول، ب- 3187)
معنيٰ: اي حاسد انسان، اوليا الله جا اصحاب ڪھف وانگر اٿئي. هو بيٺا هجن يا هلندا وتن پر هو ذات ۾ محو آهن.]
گنج ۾، سرود پُوراب، بيت نمبر : 2830
ڎَهْڪِجِيْ ڎُوْرِ ٿِئَا ڪِيْجُوْ ڎِٽَاءٌ﮶
وِهَڪَ نَڪِئَاءٌ اُڀِيَنِ عَيْبُ اُنِجُوْ﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
ड॒ह्किजी डू॒रि थिआ। की जो डि॒ठाऊं।
विहक न किआऊं। उभियणु ऐबु उनि जो।
ROMAN SINDHI
Dahkjee Door thiya, kee jo Dithhaoon,
Wehak'a na kiyaoon, ubhyann'u Aib'u un jo.
TRANSLATIONS
They have obviously seen something which has scared them. They did not relax or rest thereafter; and to stand and stop and betray their emotion would be tantamount to a serious weakness on their part. (ln spite of the scare created in them at the unusual sight they kept mum and passed on).
دیکھا کچھ لاریب، ڈر کر ہوگئے دور،
جوگی سمجھیں عیب، پوجا کے ہر اک آسن کو۔
Lexical Density of this Bait
Number of words: | |
---|---|
Lexical Words:* | |
Non-lexical words:** | |
Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection