ٻيا بيت
- سُر رامڪلي جَي سڳا سيلهيين ۽ نااميدي جو بيت
ڏورِ مَ ريءَ ڏيِيي، ڏورَڻُ گهَڻو ڏاکَڙو،
تانۡ تانۡ ھوئِجِ حُجري، جانۡ جانۡ جارُ جِيي،
جَڏھِن پاسي پاڻُ ٿِيي، تَڏِھِين ڇَڏِجِ تَڪِيو.
سمجهاڻي
تون ڏيئي (روحاني رهبر) کان سواءِ تلاش ۽ ڳولا نہ ڪر، ڇو تہ اها ڳولا وڏو ڏکيو ڪشالو آهي. تون هر وقت اندر حجري (اڪيلائي) ۾ يار سان گڏ هج. جڏهن تنھنجو دوست (اڪيلائي) پاڻ اتان هليو وڃي (توکي اجازت ڏئي) تڏهن سندس در ڇڏجانءِ!
[مثنوي روميءَ ۾ هڪ ننڍڙو نقل آهي، تہ محبوب پنھنجي عاشق سان وعدو ڪري ٿو تہ رات جو سجاڳ رهجانءِ، آءٌ ڪنھن بہ وقت تو وٽ ايندس. جڏهن رات جي پوئين پهر هو وٽس آيو تہ عاشق کي ستل ڏسي سندس کيسي ۾ اکڙوٽ وجهي هليو ويو. رومي چوي ٿو تہ عشق ۽ غفلت ڪيئن ٿا ٺهن!
شب در آن حجره نشست آن گرم دار،
بر اميده وعده آن يار غار.
(دفتر ششم، ب- 599)
معنيٰ: اهو عاشق وڏي گرمجوشيءَ سان وڃي حُجري ۾ ويھي انتظار ڪرڻ لڳو تہ سندس پڪو دوست وعدي مطابق اتي ضرور ايندو. مطلب تہ محبوب (الله تعاليٰ) پنھنجو وعدو ضرور پاري ٿو، تون غفلت ۽ سستي نہ ڪر.
شاھ لطيف جي بيت ۾ حجري ۽ يار جا لفظ ۽ روميءَ جي شعر ۾ ساڳين لفظن جي ورجاءَ تي ڌيان ڏيڻ گهرجي.]
گنج ۾، سرود رامڪلِي، بيت نمبر : 2566
ڎُوْرِ مَرِيَ ڎِي﮼ ڎُوْرَنُ کَنٌ ڎَاکَرُوْ﮶
تَان تَان هُوْئِجِ حُجْرٖيْ جَان جَان جَارُ جِي﮼﮶
جَڎِہْ پَاسٖيْ پَانُ ٿِي﮼ تَڎِہْ ڇَڎِجِ تَڪِيُوْ﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
डो॒रि म रिय डी॒ये। डो॒रणु घणू डा॒खड़ो।
तां तां होइजि हुजरे। जां जां जारु जिये।
जडि॒हीं पासे पाणु थिये। तडि॒हीं छडि॒जि तकियो।
ROMAN SINDHI
Door ma ree'a Diye, Doorann'u ghanno Dakhrro,
Taan taan hoej Hujre, jaan jaan jaar'u Jiye,
JaDHeen paase paann'u thiye, taDheen chhaDij takiyo.
TRANSLATIONS
It is a difficult job to search (for Allah). Hence venture not to do it without a light (guide). So long the latter is with you, keep indoors. You may, however, leave your abode in case of his detachment or separation due to death.
Seeking God is a difficult task take a lamp to guide your path,
Remain in your cell, till your guide's,
life lasts,
When he departs from this world, give up that cell.
الذي يريد أن ير ربه.
وهذا أمر صعب شديد.
لاتفتش ولاتدور بدون سراج.
اسكن فى غرفته ما دام حبيبك عائش.
عندما هو يفارقك اترك مكانه.
کیوں لئے پھر رہا ہے تو اس کو
تیرے حق میں چراغ ہے بیکار
ڈھونڈہ اس کو نہ جا کے اور کہیں
خود ترے دل میں ہے جمال یار
فائدہ کیا تلاشِ پیہم سے
جب غم زیست سے فراغ نہیں
راہ میں چار سو اندھیرا ہے
پاس تیرے کوئی چراغ نہیں
اپنے حجرے سے تو نکل باہر
منزلِ زیست بے سراغ نہیں
دیب بِنا مت ڈھونڈ اے جوگی، ڈھونڈنا ہے دشوار،
تب تک چھوڑ نہ حُجرہ جب تک، زندہ ہے وہ یار،
وہ چھوڑے جب سنسار، تب تو چھوڑنا تکیے۔
Lexical Density of this Bait
Number of words: | |
---|---|
Lexical Words:* | |
Non-lexical words:** | |
Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection