ٻيا بيت
- سُر کاھوڙي جَي سَپ، جهنگُ، ڪُتي ڪوڪار جو بيت
ڏوري ڏِسِي ڏُونگَرين، واٽَ وِڃائِي جَنِ،
اُوءِ بَصِيرَ بَرَنِ ۾، اَنڌا ٿِئو اُڀِيَنِ،
ڪَنَنِ آڏِيُون تاڙِيُون، گُنگَنِ جِيئَن گهُمَنِ،
فِراقِي فَرمانَ جو، آھي ٻَرُ ٻوڙَنِ،
لَنگهان ٿِئو لاھُوتَ کي، سُتا پِئا سِڪَنِ،
کَپَتِ کاھوڙِيَنِ، آھَ اُٿي پي نَہ لَھي.
سمجهاڻي
اُهي سالڪ جيڪي ڏونگر ڏوري چڱيءَ طرح ڏسي وائسي آيا آهن، تن کي واٽ وڃائڻ جو ڪو خوف ڪونهي. اهي اندر جي اکين وارا، برپٽ بيابان ۾ اکيون بند ڪريو پيا هلن، هنن پنھنجا ٻڌڻ وارا ڪن ٻوڙا ڪري ڇڏيا آهن ۽ زبان کان گونگا ٿي گهمن پيا. اهڙن نہ ٻڌڻ وارن کي الست واري فرمان موجب جڏهن روح جدا ٿي هن جھان ۾ آيا (وري ملڻ) جو وڏو آسرو ۽ پڪ آهي. عبداللطيف چوي ٿو، تہ اهي بظاهر بيمار وانگر سُتل آهن، پر اندر ۾ محبوب لاءِ پيا سڪن. انهن سالڪن کي هر وقت اهو ئي فڪر آهي ۽ سندن سڪ ۽ فراق واري دانھن لھڻ واري ناهي.
(هن بيت ۾ مجموعي طرح معنيٰ وارو مرڪزي نقطو اهو آهي تہ اهي جيڪي ڪمال واري درجي تي پھچي چڪا آهن، سي عام ماڻهن جي حواسن واري ظاهري ڄاڻ توڙي سُرت صِحت ۽ سلامتيءَ واري ضرورت جا محتاج ناهن. هو ظاهر ۾ نابين آهن، تہ بہ اندروني طور ”بصير“ يعني ڏسڻ پسڻ وارا آهن، جي هو لڱائي ۾ ستا پيا آهن، تہ بہ الاهي سڪ ۾ سڄاڻ آهن. انهن کاهوڙين تي اهڙيءَ حالت ۾ بہ حق جي سڪ ۽ ياد تازي آهي ۽ هو انهيءَ اوسيئڙي ۽ اُڻتُڻ ۾ آهن (ن-ب).
[روميءَ جي فڪر جو هيءُ مستقل موضوع آهي، جڏهن هو چوي ٿو تہ حق حقيقت تائين رسائي هنن ظاهري حواسن اندروني يا باطني حواسن سان ممڪن آهي:
گوش جان و چشم جان جز اين حسي است،
گوش عقل و گوشي ظن زين مفلس است.
(دفتر اول، ب- 1462)
معنيٰ: روح جا ڪن ۽ اکيون هنن ظاهري حواسن کان علاوہ آهن. عقل جا ڪن ۽ گمان ان باطني حواسن کان بلڪل خالي آهن.]
گنج ۾، سرود کاھوڙي، بيت نمبر : 2375
ڎُوْرٖيْ ڎِسِيْ ڎُنْکَر﮼ وَاٽَ وِنڃَّائِيْ جَنِ﮶
اُوْءِ بَصِيْرَ بَرَنِم﮼ اَنڌَّا ٿِئُوْ اُڀِيَنِ﮶
فِرَاقِيْ فَرْمَانَجُوْ اٰهٖيْ ٻَرُ ٻُورَنِ﮶
ڪَنَنِ آَڎِيٌ تَارِي﮼ کُنکَّنِ جِيَ کُمَنِ﮶
لَنکَّا ٿِئُوْ لَاهُوْتَـکٖيْ سُتَا پِئَا سِڪَنِ﮶
کَپَتِ کَاهُوْرِيَنِ آَہَ اُٿٖيْ پٖيْ نَلَھٖيْ﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
डो॒रे डि॒सी डूं॒गरें। वाट विञाई जनि।
ऊए बसीर बरनि में। अंधा थिओ उभियनि।
कननि आडि॒यूं ताड़ियूं। गुंगनि जीअं घुमनि।
फ़िराक़ी फ़र्मान जो। आहे ब॒रु बो॒ड़नि।
लंघां थिओ लाहूत खे। सुता पिआ सिकनि।
खपति खाहोड़ियनि। आह उथे पे न लहे।
ROMAN SINDHI
Dore Disee Doongaren, waatt'a winjaee jan,
Oo'e baSeer'a baran me, andha thiyo ubhiyan,
Kanan AaDiyoon taarriyoon, gungan jeean ghuman,
FiraQee farman'a jo Aahe Bar'u Borran,
Langhan thiyo lahoot khe, suta piya sikan,
Khapat khaahoriyan, Aah'a uthee pee na lahe.
TRANSLATIONS
The spiritualists have deliberately forsaken the stereotype way (of Sharah) and seem to have fallen into an indescrible self-consuming nonchalance. Even though gifted with perception, they move about haltingly like blind men. They behave like stark deaf and dump persons. (They do not associate with any other person). Poor deaf wanderers! they bemoan the decree of separation passed by Allah for them. They have, however, passed the stage of Lahut and they yearn even in their sleep for further advancement. They sigh and sigh unintermittently in all postures without expressing any thing.
Note: Some one enquired from Bayazid Bistami as to what way was sure to lead to Allah. He replied ‘When you miss the way, you would reach Allah.” (Maktubat Sidi,ii).
And We said: ‘Go forth, some of you as enemies of some others, and for you there is an abode on the earth and provision for a time (36, Al-Baqarah).
صد ہزارں عاشقان مست جرع وحدت اند
سر بصحرا دادہ می رقصند چوں مستانہا
(Syed Shah Hussain)
Thousands of lovers are intoxicated with a sip from the Unity and like mad people they roam and dance in wilderness.
Those who gave up the world, are in travail,
They are the seers who blind to the world, nothing tell,
Closing their ears like the deaf , they move about Their only sorrow is separation from loved one sought,
Awake or asleep they long for Him.
They who lost the path came to grief,
They are despondently roaming in desolate places like a blind man,
Closing their ears they move about like dumb persons,
They grieve over their fated separation,
They became asceties for the take of Lahoot, they yearn for it even when asleep,
This craving never leaves khhahoris what they up and about.
الذين تركوا سبيل العالم (سبيل الآخرة وسبيل اﷲ عز وجل) وقعوا فى الكروب والهموم.
هم بصراء والخبراء واقفون مثل عميان.
غلقوا آذانهم مثل البكم يتهشون وهم صامتون.
هؤلاء الصم يحزنون ويتأسفون على الفراق والهجران وصاروا من القانتين فى عبادة ربهم للوصال.
هم يذوبون ويبكون وهم نائمون ويقلقون لمنزلهم ولمنتهاهم.
العابدون المشتاقون لو استيقظوا من النوم لا يرتاحون ولاكن يقلقون ويضجرون.
العابدون القانتون غلقوا الألسنة والآذان والعيون).
أي هم لا يتكلمون بكلام فاحش ولايسمعون صوتا غير لائق ولايبصرون حراما.
رسم و راہ زمانہ سے بیزار
کوئی منزل نہیں انہیں درکار
پائوں کی گرد کوہ و صحرا ہیں
سنگ ریزوں سے پاؤں خوں افشار
جن کی منزل ہے عالمِ لاہوت
ان کو آساں ہے جادۂ دشوار
راہ پیماے معرفت ہیں وہ
ان کو معراج عشق ہے سرِ دار
رہ رووں کا ہجوم گھبرا کر
لوٹ آیا رہِ حقیقت سے
طے کئے جا رہے ہیں دیوانے
جادۂ دوست کو عقیدت سے
ان کو فکر تعینات نہیں
آشنا ہیں رموزِ وحدت سے
آن پڑے ہیں مشکل میں، سیدھی راہ نہ پائی،
اندھے بن کر بھٹک رہے کب، دل کی ہے بینائی،
کانوں پر تو مہر لگی ہے، کچھ بھی دے نہ سنائی،
وصل سے وہ محروم ہوئے، بات نہ کرنی آئی،
جگ سویا تو کھاہوڑی نے، اپنی منزل پائی،
پی کے ہیں شیدائی، پل پل درد فراق کا۔
Lexical Density of this Bait
Number of words: | |
---|---|
Lexical Words:* | |
Non-lexical words:** | |
Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection