ٻيا بيت
- سُر راڻو جَي سوڍي صبر ۽ ڍولي ڍَڪِي جو بيت
ڏيئِي پاندُ پَناھَ جو، ڍَڪَ ڪِي ڍولِي،
ڏِسِي عَيبَ اَکِيُنِ سان، باجَهہ ڀَرِئو نَہ ٻولِي،
ڪَچِيُون ڪَمِيڻِيَنِ جُون، خاوَندُ نَہ کولِي،
راڻو نَہ رولِي، مَدِيُون پَسِي مَينڌَرو.
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
डे॒ई पांदु पनाह जो। ढक की ढोली।
डि॒सी ऐब अखियुनि सां। बाझ भरिओ न बो॒ले।
कचियूं कमीणियनि जूं। ख़ावंदु न खोले।
राणू न रोले। मदियूं पसी मेंधरो।
ROMAN SINDHI
Deyi pand'u panah'a jo, Dhhak'a kee Dhholee,
Disee aib'a akhiyun san baJh'a bhariyo na Bolee,
Kachiyoon kameenniyan joon, Khawand'u na khole,
Raanno na rolee, madiyoon passee mendharo.
TRANSLATIONS
ھِن سُر جي راڳ بابت
سر راڻو ديسي راڳ آھي. ھن راڳ جي باري ۾ اھو چيو پيو وڃي تہ ھي کماچ، آساوري ۽ ڪافيءَ جي سُرن تي بيٺل آھي. ھن راڳ جي جاتي آڏو سمپورڻ ٿيندي آھي. رات جي پوئين پھر ۾ ھي راڳ ڳايو ويندو آھي.
راڻي راڳ جا سُر ھيٺينءَ ريت آھن.
آوروھ: سا، ري، ما، پا، ڌا، سا (صرف مڌم سر ”ما“ ڪومل ٿيندس)
آومروھ: سا، ني، ڌا، پا، ڌا، پا، ما، ري گا، ري، سا. (واپسيءَ ۾ نکاد ”ني“، مڌم ”ما“ ۽ گنڌار ”گا“ ڪومل سر لڳندس.)
وادي سُر: سا (کرج)
سموادي سر: ما (مڌم)
Lexical Density of this Bait
Number of words: | |
---|---|
Lexical Words:* | |
Non-lexical words:** | |
Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection