ٻيا بيت
- سُر حسيني جَي سُور ۽ ڏکن ماري جو بيت
ڏُکِيُون جانۡ نَہ مِڙَنِ، تانۡ تانۡ ڀَنَڻُ نَہ ٿِئي،
ٻِيُون ھُونھِين ھَٿَ ھَڻَنِ، رِياءَ مان رَءِ پَئِي.
سمجهاڻي
(سسئي ٿي چوي) جيستائين درد فراق جون ماريل (جيڪي پيارن کان وڇڙيل آهن) هڪ هنڌ اچي گڏ نٿيون ٿين، تيستائين وڏو روڄ راڙو (اصلي غم ۽ اندوه جو اندازو) نٿو ٿي سگهي. باقي جيڪي ٻيون اُتي اچي ويھن ٿيون، اُهي خالي- پيلي پاڻ کي (منھن ڳلن ۽ سيني کي) هٿ پيون هڻن (ظاهري طور ائين ڪن پيون)، ليڪن سچ پچ روئڻ واريون اُهي ئي روئنديون جن جي دل ۾ درد ۽ الم آهي.
[روميءَ وٽ اهو خيال هن ريت ملي ٿو:
نوحه گر گويد حديث سوز ناک،
لبيک کو سوز دل و دامان چاک.
(دفتر دوم، ب-492)
معنيٰ: روزيءَ خاطر روئڻ وارا کڻي ڪيترو بہ روئن، پر انهن جي دل ۾ اهو غم ۽ سوز ڪٿان ايندو ۽ انهن ۾ ڪھڙو درد هوندو؟]
گنج ۾، سرود سسئي، بيت نمبر : 705
ڎُکِيٌ جَا نَمِرَنِ تَا تَا ڀَنَنُ نَٿِيٖيْ﮶
ٻِيٌ هُنْهٍ هَٿَ هَنَنِ رِيَا مَا رَءِ پَئِيْ﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
डु॒खियूं जां न मिड़नि। तां तां भनणु न थए।
बि॒यूं हूंहीं हथ हणनि। रियाअ मां रए पई।
ROMAN SINDHI
ddukhhiyoo'n jaan na mirran'ay, taan taan bhanann'u na thiye,
Biyoo'n hoon'hee'n hath'a hannan'ay, riyaa'a maa'n ra'ay pa'ee.
TRANSLATIONS
So long, the (truly) afflicted persons do not gather together, the bonafide lamentations are out of question. Some others, (who are rather malafide mourners,) merely wring their hands. It is only for the really afflicted persons to lament. (This means that the truly devout persons who really seek the pleasure of Allah, approach Him with genuine tears). The hypocrites are merely demonstrative.
درداں مارے دل نا مِلدے جو نا روون زاری
مکری کرن دکھاوا جھوٹھا رون دوہتھڑ ماری
مرا دکھ درد کوئی کیا بٹائے
ہوئے ہیں اب تو اپنے بھی پرائے
نہ پوچھو مجھ سے جو صدمے اٹھائے
ہزاروں غم ہیں اک دل میں سمائے
میں جس کی جستجو میں پھر رہی ہوں
خدا جانے وہ آئے یا نہ آئے
مل بیٹھیں جب درد کے مارے، کریں وہ تب ماتم،
اوروں کا جگ دکھلاوا، روئیں جن کو یار کا غم۔
Lexical Density of this Bait
Number of words: | |
---|---|
Lexical Words:* | |
Non-lexical words:** | |
Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection