آگم ڪيو اچن...

ا
ب
ٻ
ڀ
ت
ٿ
ٽ
ٺ
ث
پ
ج
ڄ
جهہ
چ
ڇ
ح
خ
د
ڌ
ڏ
ڊ
ڍ
ذ
ر
ز
س
ش
ص
ض
ط
ظ
ع
غ
ف
ڦ
ق
ڪ
ک
گ
ڳ
گهہ
ل
م
ن
و
ه
ي
ٻيا بيت
ڏائو چَڙِهئو ڏارَ تي، زاغُ… (بيت)
ڏائي چَڙِهي ڏارَ تي، ڪِي… (بيت)
ڏائي چَڙِھِي ڏارَ تي، ڪا… (بيت)
ڏاتارُ تَہ تُون، ٻِئا مِڙيئِي… (بيت)
ڏاتَرَ مُون ڏيکارِئو ھوتَنِ جو… (بيت)
ڏاتَرَ ڏاتَرَ ويندِي مُنڌَ ميھارَ… (وائِي)
ڏاتَرَ ۽ مَڱَڻي، ڪو نَہ… (بيت)
ڏاتِ نَہ آھي ذاتِ تي،… (بيت)
ڏاجَنِ تي ڏاجا، ڏُکِيءَ جي… (بيت)
ڏانگهَنِئُون ڏيرَنِ، جي ھُوندَ آندا… (بيت)
ڏاڍِي لُڪَ لَڪَنِ جِي، پَٽَنِ… (بيت)
ڏاڙِهي رَتَ رَتِياسِ، ڏَندَ تَہ… (بيت)
ڏاگها ڪِيمَ ڏَرو، اَڃا آرِياڻِي… (بيت)
ڏاگهَنِ لاھِين ڏاڻَ، اُٺَنِ ڏِين… (بيت)
ڏاگهَنِ ڏيرَنِ ساڻُ، ڪَرَھَنِ ڪيچِيَنِ… (وائِي)
ڏاگهَنِ ڏيرَنِ ڏُونگَرنِ، ڏُکَنِ آئُون… (بيت)
ڏاگهَنِ ۽ ڏيرَنِ، وَڃِي تَنگِ… (بيت)
ڏاھِي ھُيَسِ ڏيھَ ۾، سَرَتِيُنِ… (بيت)
ڏوري لَھُ ڏاتارُ، جِمَ وِھين… (بيت)
ڏوري لَھُ ڏُھاڳُ، جَنھِن ڪَرَ… (بيت)
ڏوري ڏوري ڏيھَ، ماءَ کاھوڙِي… (بيت)
ڏوري ڏوري ڏيھُ، ٿَڪِيَسِ ٿورو… (بيت)
ڏوري ڏِسِي ڏُونگَرين، واٽَ وِڃائِي… (بيت)
ڏورَڻُ گهَڻو ڏاکَڙو، ڏورِ مَ… (بيت)
ڏورِ مَ ريءَ ڏيِيي، ڏورَڻُ… (بيت)
ڏورِيان ڏورِيان مَ لَھان، ساٿِي… (بيت)
ڏورِيان ڏورِيان مَ لَھان، شالَ… (بيت)
ڏوٿِي سا ڏورِينِ، جا جُوءِ… (بيت)
ڏوٿِي ڏَسُ ڏِينِ، آيَلِ ٻاروچَنِ… (بيت)
ڏوٿِيا ڪو اوٺِيَنِ جو، مُون… (بيت)
ڏوٿِيَنِ چَيُسِ ڏورِ، ڪيچُ اَڳاھُو… (بيت)
ڏوھُ مُنھِنجي ڏينھَن کي، جَتَ… (بيت)
ڏيئِي جَي ڏُھاڳُ، مُون کي… (بيت)
ڏيئِي ريجُ رائُڪَ کي، ڪِيائين… (بيت)
ڏيئِي پاندُ پَناھَ جو، ڍَڪَ… (بيت)
ڏيرَ ڏَمَرِجِي ھَلِئا، اُٺَنِ چَڙِهي… (بيت)
ڏيرَ ڏَمَرِجِي ھَلِئا، باڪا چَڙِهي… (بيت)
ڏيرَ ڏَمَرِجِي ھَلِئا، بَرِ ڪاھي… (بيت)
ڏيرَ ڏَمَرِجِي ھَلِئا، جَهلي مَيَنِ… (بيت)
ڏيرَ ڏَمَرِجِي ھَلِئا، رَمِي وِئَڙا… (بيت)
ڏيرَ ڏَمَرِجِي ھَلِئا، مُٺِي آئُون… (بيت)
ڏيرَ ڏَمَرِجِي ھَلِئا، وارِيان تان… (بيت)
ڏيرَ ڏَمَرِجِي ھَلِئا، پائي اينڊَ… (بيت)
ڏيرَ ڏَمَرِجِي ھَلِئا، پائي پاکوڙا،… (بيت)
ڏيرَ ڏَمَرِجِي ھَلِئا، چانگَنِ تي… (بيت)
ڏيرَ ڏَمَرِجِي ھَلِئا، ڏيئِي ڏُوراڻا… (بيت)
ڏيرَ ڏَمَرِجِي ھَلِئا، ڪاھي ڪيچِ… (بيت)
ڏيرَ ڏَمَرِجِي ھَلِئا، ڪَرَھَلَ قَطاري،… (بيت)
ڏيرَ ڏَمَرِجِي ھَلِئا، گَسِ ڪَري… (بيت)
ڏيرَنِ مُل ڏاڍائِي، يا اِلاھِي،… (وائِي)
ڏيرَنِ ڏوھُ نَہ جيڏِيُون، ماءُ… (بيت)
ڏيرَنِ کي ڏائو، ھيرَ ھَلَندي… (بيت)
ڏيٺي سين ڏاتارَ، يارَ، ڪِي… (وائِي)
ڏيکارِيُسِ ڏُکَنِ، گُوندَرَ گَسُ پِرِيَنِ… (بيت)
ڏيھُ ڏِيھائِين ڏُورِ، پَرَ ڏيھان… (بيت)
ڏيھُ ڏِھائِين ناھِ، جِتي پيرُ… (بيت)
ڏَاڙِهي رَتَ رَتِياسِ، ڏَندَ تَہ… (بيت)
ڏَاگهَنِ ڏيرَنِ ڏُونگَرنِ، ٽِنهِي ڏِنَمِ… (بيت)
ڏَمَ کُٽَنَئِي ڏِينھَن،ويٺو جِيئَن وِلَلِيين،… (بيت)
ڏَمَرَ پاسو ڏُکَ سين، کانڌِ… (بيت)
ڏَمَرُ ڏُونگَرَ ڄامَ، سَکَرَ پاڻَ… (بيت)
ڏَمَرِئو تَہ ڏي، پَرَچِئو تَہ… (بيت)
ڏَمُ مَ جاڳي لو، مَ… (وائِي)
ڏَمُ ڏِھاڙِي ڏي، سَندا ميھَرَ… (بيت)
ڏَڏُ وَڏو ڏَڏُ، پاڻُ ڪوٺائي… (بيت)
ڏَڏُ وَڏو گهُري، ھوتاڻِيءَ ھَٿان،… (بيت)
ڏَڏُ ٿِي گُهرُ، ڇَڏِ وِڄا… (بيت)
ڏَڙَھ رِيا ريجَ ٿِئا، ڪِي… (بيت)
ڏَکا ڏُونگَرَ جا مِرُون، مَرُ… (بيت)
ڏَکا ڏُونگَرَ لاھِ، اَڳُ مُئِي… (بيت)
ڏَکا ڏُونگَرَ ڄامَ، مَ ڪَرِ… (بيت)
ڏَھين ڏِينھَن ڏِکَ ٿِئا، پِرِين… (بيت)
ڏَھڪِجِي ڏُورِ ٿِئا، ڪِي جَو… (بيت)
ڏُرمَنِ جي ڏيئِي، سيئِي مَڱُ… (بيت)
ڏُورِ مَ تُون ڏورِجِ، صَبُرُ… (بيت)
ڏُورِ مَ ڏيھِ وِئو، پيرُ… (بيت)
ڏُورِ وَڃِئو ڏِينھَن لائي، ڪا… (وائِي)
ڏُونگَرين ڏِسجَن، اَڳي رَيُون اُنِ… (بيت)
ڏُونگَرَ تان ٻيلِي، ڏِجي ٻَنِ… (بيت)
ڏُونگَرَ تو تي ڏُکُ، اَڃا… (بيت)
ڏُونگَرَ تو ڏُکان، پَھَڻُ ٿِيان… (بيت)
ڏُونگَرَ تو ڪارُون، ڪِئا نَہ… (بيت)
ڏُونگَرَ تُون ڏاڍو، ڏاڍو ڏاڍايُون… (بيت)
ڏُونگَرَ مُنھِجي ڏُکَ جو، تان… (بيت)
ڏُونگَرَ مُون سين روءُ، ڪَڍِي… (بيت)
ڏُونگَرَ مُون مَ ڏُکوءِ، اَڳَ… (بيت)
ڏُونگَرَ ڏوراپو، پھرِين چُندِيَسِ پِرِينءَ… (بيت)
ڏُونگَرَ ڏَسُ پِرِيَنِ جو، ڪافَ… (بيت)
ڏُونگَرَ ڏَسُ پِرِيَنِ جو، ڪافَ… (بيت)
ڏُونگَرَ ڏُکارو، ڏِٺُمِ ري ڏوٿِيين،… (بيت)
ڏُونگَرَ ڏُکويُنِ جو، توکي ناھِ… (بيت)
ڏُونگَرَ ڏُکويُنِ جي، ڳَلِ سُڪا… (بيت)
ڏُونگَرَ ڏُکويُنِ کي، تَپِي ڪَندين… (بيت)
ڏُونگَرَ ڏُکويُنِ کي، دِلِاسا ڏِجَنِ،… (بيت)
ڏُونگَرَ ڏُکويُون، تو ۾ اورَڻَ… (بيت)
ڏُونگَرَ ڏُکَ سَنداءِ، پِرِينءَ گَڏِجانِ… (بيت)
ڏُونگَرَ ڏُکِ پَئِي، مُون تو… (بيت)
ڏُونگَرَ ڏِجو ڏَسُ، مِيآن ڪو… (وائِي)
ڏُونگَرَ ۾ ڏَھڪارُ، موٽَڻُ مَيَنَ… (بيت)
ڏُونگَرَ ۾ ڏِياٽُ، صُبُوحِ ٻَرِئو… (بيت)
ڏُونگَرُ نَہ ڏوري، سُکَنِ جُون… (بيت)
ڏُونگَرُ نَہ ڏوٿِي، ڏُونگَرُ سُڃُو… (بيت)
ڏُونگَرُ ڏَنا نُوڻِ، مُون پارَکُو… (بيت)
ڏُونگَرُ ڏِھاڻِي، پاڻُ مٿانئِي گهورِيان،… (بيت)
ڏُونگَرِ لَڳَنِ ڏِينھَن، مانَ وَرِ… (بيت)
ڏُونگَرِ ڏِيِئَٽِيُون، صُبُوحِ ٻَرِيُون سُڃَ… (بيت)
ڏُٻَرِيُون ڏُھاڳَڻِيُون، ميرا مُنھَن سَندانِ،… (بيت)
ڏُٿُ گَهڻا ئِي ڪَنِ، ھِنَ… (بيت)
ڏُکارو ڏُونگرُ، ڏِٺُمِ ري ڏوٿِيين،… (بيت)
ڏُکويُنِ اُھڃاڻُ، ڪُلِهين ڦاٽو ڪَنجِرو،… (بيت)
ڏُکويُون ڏيھان، جيڪُسِ لَڏي وييُون،… (بيت)
ڏُکويُون ڏُسڪَنِ، ڪانَہ ڏُسڪي ڏُکَ… (بيت)
ڏُکَ رُئان سُورَ، آيَلِ ٻاروچَنِ… (بيت)
ڏُکَ سُکَنِ جِي سُونھَن، گهورِيا… (بيت)
ڏُکَ لاھِيندا ڏُونگَرَ وو ماءَ،… (وائِي)
ڏُکَ نَہ ڏُکويو، ھِينئَڙو پِريان… (بيت)
ڏُکَنِ پُٺِيان سُکَ، سِگها ٿِيندَءِ… (بيت)
ڏُکُ لَڳو ڏُونگَرُ ٻَرِئو، ڀينَرُ… (بيت)
ڏُکِي ٿِي ڏَڌورَ، لھسِي لَنئُن… (بيت)
ڏُکِي ڏورِجِ ڏِيلَ ۾، پُنهون… (بيت)
ڏُکِي ڏولي ڏُونگَرين، وِئا ڇَپَرَ… (بيت)
ڏُکِي ڏُونگَرُ پاڻَ ۾، ٻَئِي… (بيت)
ڏُکِي ڏُکُ مَٿي ڪَري، وانءُ… (بيت)
ڏُکِي ڏِکَ وِسارِ، سيڄَ ڦِٽِي… (بيت)
ڏُکِيءَ توءِ ڏُڪارُ، توڙي وَسَنِ… (بيت)
ڏُکِيءَ توءِ ڏُڪارُ، سيڻَنِ ڏيھُ… (بيت)
ڏُکِيءَ سَندِيُون ڌُونگَرِين، پَسو پِٽُون… (بيت)
ڏُکِيءَ سَندِيُون ڏُونگَرين، آڌِي آھُون… (بيت)
ڏُکِيءَ سَندِيُون ڏُونگَرين، اوڇِنگارُون اَچَنِ،… (بيت)
ڏُکِيءَ سَندِيُون ڏُونگَرين، وَڻَ ٽِڻَ… (بيت)
ڏُکِيءَ ڏَمَرُ ناھِ، بُکِيءَ کِلَ… (بيت)
ڏُکِيءَ ڏِھاڻِيءَ، مَٿي مُٺِيءَ ھَٿَڙا،… (بيت)
ڏُکِيُون جانۡ نَہ مِڙَنِ، تانۡ… (بيت)
ڏُھاڳان سُھاڳَڻِيُون، سَدا ٿِيُون ڪَنبَنِ،… (بيت)
ڏُھاڳان سُھاڳَڻِيُون، ڪِھَڙي ڏوھِ ڪَنبَنِ،… (بيت)
ڏُھلا مُون ڏِينھَن ٿِئا، پييَمِ… (بيت)
ڏِجاھُ ڍَاٽِيءَ ڍولَ کي، سَنِيھو… (بيت)
ڏِجِ وَراڪو ويڙِه ۾، سَسُئِي… (بيت)
ڏِجِ وَراڪو ويڙِه ۾، سَسُئِي… (بيت)
ڏِسَنديئِي ڏياچَ کي، مَرَڪِئو مَڱَڻَھارُ،… (بيت)
ڏِسَنِ ڏِھاڙِي، توءِ تَرِسَنِ اوڏَھِين،… (بيت)
ڏِسَڻَ ڪَرَ ڏارِي، اَندَرِ سَتِي… (بيت)
ڏِسَڻُ ڏِسين جَي، تَہ ھَمَه… (بيت)
ڏِسَڻُ ڏِکان اَڳِرو، سَسُئِي آڻ… (بيت)
ڏِسَڻُ گهَڻو ڏُھلا، ويراڳِيَنِ وَرَنَ،… (بيت)
ڏِسِي ڏَنءُ ڏُھاڳَ جو، ڍولِئا… (بيت)
ڏِسِي ڏِسِي آيُون، توءِ تَلاشُون… (بيت)
ڏِنا جِيئَڻَ لاءِ جيڏِيُون، ڏيرَنِ… (بيت)
ڏِنو جَو ڏِياچَ، سو سورَٺِ… (بيت)
ڏِنو ڪِينَ ڏِياچَ، ٿو سائِلُ… (بيت)
ڏِنوءِ تان ڏانُ، راکِيُئِي تان… (بيت)
ڏِني ڏُکويا، اَڻَ ڏِني راضِي… (بيت)
ڏِيا تيلَ ڦُليلَ جا، ٻارِئَمِ… (بيت)
ڏِينھان ڏارِيءَ روءِ، راتِيان روءِ… (بيت)
ڏِيَڻُ گهَڻو ڏُھِلو، سِسِي ڏيَڻُ… (بيت)
ڏِيھان ڏارِيءَ ويسِ، راتِيين روءِ… (بيت)
ڏِٺان جَي ٻَروچُ، مُون جِيئَن… (بيت)
ڏِٺو جَنِ ھيڪارَ، آرِياڻِي اَکِيُنِ… (بيت)
ڏِٺو مُحَرَمُ ماهُ، سَنڪو شَھزادَنِ… (بيت)
ڏِٺو مُحَرَمُ ماهُ، ٿِئو سَنڪو… (بيت)
ڏِٺو ڪالَهہ ڪَھِين، جُهونجارَڪو جَهڳڙو،… (بيت)
ڏِٺي جادَمَ جَکِري، چِتِ نَہ… (بيت)
ڏِٺي ٿِئَڙَم ڏِينھَن، ڪوھُ ڄاڻان… (بيت)
ڏِٺي ڏِينھَن ٿِئامِ، ڪوھُ ڄاڻان… (بيت)
ڏِٺي ڏِينھَن ٿِيامِ، ڪوھُ ڄاڻان… (بيت)
ڏِٺَمِ ڏونگَرِيا، ھُيَسِ گهورِي جَنِ… (بيت)
ڏِٺِي ڏِياري، سامُونڊِيَنِ سِڙَه سَنباھِئا،… (بيت)
ڏِٺِي ڏِياري، سامُونڊِيَنِ سِڙَه سَنباھِئا،… (بيت)
ڏِٺِي ڏِيارِي، سَڄَڻَ سَفَرِ ھَلِئا،… (بيت)
ڏِھاڙِي ڏَمَرَ ڪَري، مَحَبتَ مَٿي… (بيت)
ڏِھاڙِي ڏِنُمِ ڪيتِرا، مارِئو جَنِي… (بيت)

- سُر حسيني جَي وايين جي وائِي

ڏِيندِيَسِ ماھُ مِرُنِ کي، آئُون ذَرا جِيءُ ڪَري، اي ھوتا،
ڏيئِي باھِ ڀَنڀورَ کي، آئُون آيسِ تو ڳَري،
آرِياڻِيءَ پُنهونءَ ري، ھَڏِ نَہ ساھَ سَري،
جَنڊِي پايو جانِ ۾، ڏُکرِي ڏُکَ ڏَرِي،
آءُ اوراھُون سُپِرِين وَڃُ مَ پِيَ پَري،
مُون ڏِٺِي مُون وِسَھو، وِرِچِي تان نَہ وَري،
ڏُکِيءَ جَي ڏيکارِيين، ڌَران مُنھَن مَري،
پِيالي پِرِيَنِ جي، موھِيَسِ ميٺَ کَري،
آرِيءَ جِي عِشقَ جِي، مُون کي اَندَرِ آڳِ ٻَري،
توکي توءِ نَہ ڇَڏيان، جَي وَڃان ڀُون تَري،
ڌَڙُ وِجَهندِيَسِ ڌُوڙِ ۾، مَٿو ڌارَ ڌَري،
ھَلَڻُ سُڻِي ھوتَ جو، ڏُکِي پَسُ ڏَري،
پِرِين کَڻِجِ پانھِنجُون، اَکِيُون ٻاجَهہ ڀَري.

سمجهاڻي

او منھنجا پيارا پرين، او سڄڻ سائين (تنھنجي جدائيءَ ۾) آءٌ پنھنجي جند جان ذرا پرزا ڪري جهنگل جي جانورن کي ڏيئي ڇڏينديس، مان پاڻ کي ڀاڱا ڀاڱا ڪري پنھنجو ماس اُنهن جي حوالي ڪنديس. او منھنجا سپرين، دل جا دلبر (خدا جي واسطي) مون ڏانھن ويجهو اچ، مون کان پري نہ وڃ، منھنجي هڪ ساعت بہ تو آرياڻيءَ کان سواءِ نٿي گذري سگهي. منھنجي جند جان جنڊ جي چَڪي آهي ۽ آءٌ ڏکويل ڏکن کي ويٺي پيهان ۽ سنهو ڪريان.
مون ئي پنھنجي سڄڻ کي ڏسي مٿس ويساھ ڪيو هو، سو آءٌ ڪيئن بيزار ٿي واپس ورنديس. ڪاش، ڪيئن بہ ڪري مرڻ کان اڳ هن ڏکويل کي وري منهڙو ڏيکارين. مون کي محبوب جي محبت واري پيالي ڳري ۽ وڻندڙ نشي ۾ وجهي ڇڏيو آهي، (اي سهڻا سڄڻ) آءٌ توکي ڪيئن وساري ٿي سگهان، توڻي جو آءٌ ڌرتيءَ جي تري (قبر) ۾ وڃي پوان. مان (تنھنجي فراق ۾) پنھنجو سر ۽ ڌڙ جدا ڪري قربان ڪنديس. منھنجي اندر ۾ هر وقت آرياڻي محبوب جي عشق جي باھ پيئي ٻري. او پيارا پرين، تون پنھنجي ٻاجهہ ڀري نظر کڻي هيڪر مون ڏانھن وري نھار ( ۽ مون کي پنھنجو ڪر)
[محبوب سان ملڻ لاءِ رنج ۽ تڪليفون، ڏک ۽ ڏاکڙا ۽ هر قسم جون مصيبتون سھڻ روميءَ جو پسنديدہ موضوع آهي. جنڊ جي چڪيءَ واري عاشق سان تشبيهہ مثنوي ۾ هن ريت ملي ٿي.
همچو سنگ آسيا اندر مدار،
روز شب نالان و گردان بيقرار.
(دفتر ششم، ب- 911)
معنيٰ: اهي عاشق پٿر جي چڪيءَ وانگر هر وقت چڪر ۾ آهن، ڏينھن رات روئڻ ۽ بيقراريءَ ۾ چڪر کائن ٿا.
عاشق محبوب سان هر حال ۾ راضي آهي، ان لاءِ هو قبر کي بہ نعمت سمجهي ٿو.
هر کجا تو با مني من خوش دلم،
ور بود در قعر گوري منزلم.
(دفتر سوم، ب-3800)
معنيٰ: تون جتي بہ مون سان گڏ آهين مان خوش آهيان، پوءِ ڀلي اها جاءِ قبر جي تري ۾ ڇو نہ هجي]

Oh, Beloved! My Beloved! Oh, dear soul of mine! I would sever my body, including my heart, into pieces and offer it to the beasts of prey if you were to reject me** I have left behind "Banbhore" without any intention of return, for I have come to you** Oh, friends! I cannot endure without the presence of "Aari" and "Punnhun**" The wretched woman internally grinds in the millstone of sorrows, just as corn is ground** The cup of love, tendered by the Beloved, has enraptured me with its sweetness** The flame of "Aari's" love burns within me** Even if I were to sink to the depths of the earth, I would not abandon you** I would bury my trunk in the ground, keeping my head held high** The wretched woman trembles greatly upon hearing of her beloved's impending departure** Oh, Beloved! Kindly raise your eyes and gaze upon me with mercy** Abdul Latif declares: "Oh, sisters! May the beloved show me mercy!"

گنج ۾، سرود سسئي، بيت نمبر : 514

ڎِيْدِيَسِ مَاہُ مِرُنِکٖيْ آَءٌ ذَرَاجِيُ ڪَرٖيْ اٖيْ هُوْتَا﮶
ڎٖيْئِيْ بَاہِ بَنڀُوْرَ کٖيْ آَءٌ آَيَسِ تُوْ کَرٖيْ﮶
آَرِيَانِيَ پُنُوْهَرٖيْ هَڎِ نَسَاہَ سَرٖيْ﮶
جَنڊِيْ پَايُوْ جَانِم﮼ ڎُکَرِيْ ڎُکَہ ڎَرٖيْ﮶
آَءٌ اُوْرَاہٌ سُپِرٍ تُنْ تَا وَنڃُمَ پِيَ پَرٖيْ﮶
مُنْ ڎِٽِيْ مُنْ وِسَهُوْ وِرْچِيْ تَانَوَرٖيْ﮶
ڎُکِيَ جٖيْ ڎٖيْکَارِي﮼ ڌَارَا مُهَ مَرٖيْ﮶
پِيَالٖيْ پِرْيَنِ جٖيْ مُوْهِيَسِ مٖيْٽَ کَرٖيْ﮶
آَرِيَ جٖيْ عَشْقَ جِيْ مُنْـکٖيْ اَندَرِ آَکِہ ٻَرٖيْ﮶
تُوْکٖيْ تُوْءِ نَڇَڎِيَان جٖيْ وَنڃَّان ڀُنْ تَرٖيْ﮶
ڌَرُ وِجَدِيَسِ ڌُوْرِ مٍ مَٿُوْ ڌَارَ ڌَرٖيْ﮶
هَلَنُ سُنِيْ هُوْتَجُوْ ڎُکِيْ پَسُ ڎَرِيْ﮶
پِرٍ کَنِجِہ پَاهِجِيْ اَکِيٌ ٻَاڄَہ ڀَرٖيْ﮶

TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी

डीं॒दियसि माहु मिरुनि खे। आऊं ज़रा जीउ करे। ए होता।
डे॒ई बहि भंभोर खे। आऊं आयसि तो ग॒रे।
आरियाणीअ पुनुहूंअ रे। हडि॒ न साह सरे।
जन्डी पायो जानि में। डु॒खरी डु॒ख ड॒रे।
आउ ओराहूं सुपरीं वञु म पीअ परे।
मूं डि॒ठी मूं विसहो। विर्ची तां न वरे।
डु॒खीअ जे डे॒खारियें। धारां मुंहं मरे।
पियाले पिर्यनि जे। मोहियसि मेठ खरे।
आरीअ जी अश्क़ जी। मूं खे अन्दरि आगि॒ ब॒रे
तोखे तोए न छडि॒यां। जे वञां भूं तरे।
धड़ु विझंदियसि धूड़ि में। मथो धार धरे।
हलणु सुणी होत जो। डु॒खी पसु ड॒रे।
पिरीं खणिजि पांहिंजूं। अखियूं बा॒झ भरे।

ROMAN SINDHI

ddeendiyas'ay maah'u mirun'ay khhay, aaun zaraa ji'u karay, ae hotaa,
dde'ee baah'ay bhanbhor'a khhay, aaun aayas'ay to ggaray,
aaryaanni'a Punhoon'a ree, hadd'ay na saah'a saray,
janDi paayo jaan'ay mayn, ddukhhri ddukhh'a ddaray,
aa'u aoraahoo'n supireen wanj'u ma pee'a paray,
moo'n ddithhi moo'n wisaho, wirichi taa'n na waray,
ddukhhi'a jay ddekhhari'en, dharaa'n munha'n maray,
piyaalay piriyan'ay jay, mohiyas'ay methh'a khharay,
aari'a ji ishq'a ji, moo'n khhay andar'ay aagg'ay Baray,
tokhhay to'ay na chhaddiyaa'n, jay wanjaa'n bhoo'n taray,
dharr'u wijhandiyas'ay ddoorr'ay mayn, matho dhaar'a dharay.
halann'u sunni hot'a jo, ddukhhi pas'u ddaray,
pireen khhannij'ay paanhinjoo'n, akhhiyoo'n Baajh'a bharay.

TRANSLATIONS

O Beloved! My Beloved! O Dear me! I would cut into pieces my body including the heart, and give it over to the beasts of prey (in case you reject me).
I have burnt my boats so far Bhambhore (i.e. the world) is concerned, and I have come to you (without the least inclination of going back).
O Friends! I cannot exist without Ari Punhoo.
The miserable woman is internally grinding (suffering) woes as corn is ground in a millstone.
The cup of love, served by the Beloved, has captivated me because of its sweetness.
The flame of Ari's love is burning within me.
I would not forsake you even if I were to sink to the lowest stratum of the earth, (i.e. even if I die and am buried).
I would immerse my trunk into the earth and keep my head above it (or) I would spray with the dust my body and head separately.
The miserable woman gets very much shaken on hearing of her beloved's intended departure.
O Beloved! Kindly raise your eyes and look at me mercifully.
چشم رحمت برکشاو موئ سفید من نگر
(Jami)
Kindly open your eyes mercifully and notice my grey hair.
Abdul Latif says: "O sisters! May the beloved relent to me!"

Hotel my Hote! my flesh will I give to the beasts,
Tearing it into bits, for them to feast,
Setting fire to Bhanbhore, I have come to you,
No rest and no peace can I get without Punhoon,
This sad maid, herself placing grinding stone her sorrows grind,
Come, be near me, go not far where you cannot be found,
Believe me, friends! I have seen Him in my vision,
Without His sight, life is like death to this sane one,
I am crazed by the sweet cup that love made me drink,
Aris's love has set me on fire burns within,
Were I to go under the earth, I will not give you up,
Severing my head, my head, my body to dust will I entrust,
Hearing Him depart this miserable maid laments,
Beloved, turn to me your glances full of grace,
Sisters! may my Love on me His kindness shower.


يا حبيب! أنا أسلم لحم جسدي إلى السباع وأحطم جسدي رذاذا وحرقت بنبور وجئت عندك.
يا زميلاتي لا أستطيع أن أعيش وأحيى بدون بنهون.
هي الكئيبة وضعت رحى على نفسها وتطحن الآلام.
يا حبيب! ادن مني! لاتبتعد لو تصدقونني أنا رأيت بعيوني ولو هي تزهق ولاكن لا ترجع.
هذه الحزينة تقلق وتموت بدون رؤية الحبيب.
لعلك! تؤري نفسك! لقد أدهشني وأعجبني الحبيب الحلو.
تعتلج فى فؤادي لواعج عشق بنهون أنا لا أتركك أبدا ولو أنزل قعر الأرض أنا أقطع رأسي وأدفن وجذع جسدي فى اقتراب عندما سمعت عن مغادرة الحبيب يا حبيب!
من فضلك ومن لطفك! ارفع عينينك ومقلتيك إلىّ يا زميلاتي! لعل الحبيب يرحم عليّ.
السيد الشاعر: يشير فى هذه القصيدة: إلى العشق وإلى الحب الصادق. والعاشق الصادق يقطع ويمزق جسده وينزل إلى قعر الأرض ولاكن هو لايترك الحبيب والمعشوق ولايبالي عن حياته وعن نفسه.


ہوت ہوت اے ہوتا
ماس دیواں گی پسواں نوں، میں تن تھیں کر ٹکڑے
دے کے اگ بھنبھورڑے نوں، میں آگئی ول تیرے
باجھ آریانی پنوں سیو، اُکا ای نہ سرے
دکھی جان چ سیس نوا کے، دکھ توں پئی ڈرے
مت پریتم نیڑے آ جا، نہ ونج یار پرے
رکھ ویساہ میں تکیا اوہ ناں سوڑا ہو پرتے
دکھڑی کوں دکھلاویں مونہہ، بَن ویکھیوں پئی مرے
مٹھی کر کے موہیا، پیالی یار سجن دی نے
آری سندے عشق دی، میرے اندر اگ بلے
تینوں فیر نہ چھڈاں، جیکر جاں زمین تھلے
سر نوں وکھرا کے کے، دھڑ نوں پاں گی دھڑ وچے
ٹُرنا سن کے ہوتڑے دا، تک دکھڑی پئی ڈرے
چک لیا آپنے نین پریتم، پریتاں نال بھرے
بھینو! عبداللطیف کہوے، سجن کوئی مہر کرے

سن وے ہوتا سن وے ہوتا تینوں آکھ سناواں
بوٹی بوٹی کرکے اپنا ماس جنوراں پاواں
لاواں اگ بھنبور نوں پہلاں فِر تیرے ول آواں
ماس جنوراں پاواں
آری بناں نا سردی میری اوس توں گھول گھماواں
ماس جنوراں پاواں
جندڑی دی میں چکی جھوٹی پہیں دُکھاں دا پاواں
ماس جنوراں پاواں
کانہوں پرے ہٹیں توں میتھوں آ میں کول بہاواں
ماس جنوراں پاواں
اکھاں توں نا ہوئیں اوہلے ٹیک تیرے دل لاواں
ماس جنوراں پاواں
وسدا رہو توں اکھاں اندر تیں بِن میں مرجاواں
ماس جنوراں پاواں
پرم پیالا مٹھا شہدوں پیواں تریہہ بھجاواں
ماس جنوراں پاواں
اگ دُکھیندی عشق دی اندر پھوکاں مار بھجاواں
ماس جنوراں پاواں
وچ پتالیں نِگھرا بھاویں پلا پکڑ رکھاواں
ماس جنوراں پاواں
لاہ کے سر میں واراں تیتھوں تے ایہہ دھڑ خاک رلاواں
ماس جنوراں پاواں
نین کٹورے بھر بھر دیویں منی وے عرضاواں
ماس جنوراں پاواں
کہے لطیف کدیں تاں اڑیو میں اوس دے من بھاواں
ماس جنوراں پاواں


میں بن باسی بن جائوں گی
بھنبھور کو آگ لگائوں گی
اے ہوت تجھے اپنائوں گی
جیسے بھی ہو کھوج لگائوں گی
بن تیرے جان گنوائوں گی
میں تن من بھینٹ چڑھائوں گی
اوجھل نہ ہو آنکھوں کے تارے
بیکل ہیں نین تھکے ہارے
کر دیں گے راکھ مجھے پیارے
سانسوں کے سلگتے انگارے
کب ٹوٹیں گے بندھن سارے
کب مدھر ملن کو آئوں گی
میں تن من بھینٹ چڑھائوں گی
دکھ درد کے پاٹوں کی چکی
جیون کو کہاں تک پیسے گی
مانوں گی ہار نہ جیتے جی
ہو جائے چاہے جو کچھ بھی
میں ہوں امرت رس کی پیاسی
پیاسوں کی ریت نبھائوں گی
میں تن من بھینٹ چڑھائوں گی

میرے ہوت سجن، میں دشت میں دونگی جان،
چھوڑ کے شہر بھنبھور اے سائیں!، آئی میں تیرے آنگن،
برہ میں پل بھی بیت نہ پائے، تجھ بن اے ساجن،
دکھ ہی دکھ ہیں سائیں، میں دکھیا برہن،
پی کر تیری پریت کا پیالا، ہوگئی مست مگن،
تب تک موت نہ آئے جب تک، پاؤں تیرا درشن،
پل پل بھڑک رہی ہے من میں، تیری پریت اگن،
سنا تھا جب کہ لاد چلیں گے، تڑپی تب برہن،
آنکھ اُٹھا کہ دیکھ تو سائیں، کھل اُٹھے تن من،
سکھیو! شاہ لطیف کہے کہ، مہر کرے وہ ساجن۔

Lexical Density of this  Vaa'ee
Number of words:
Lexical Words:*
Non-lexical words:**
Lexical Density:

* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection