ٻيا بيت
- سُر ڪوھياري جَي ڪوھ سان ڪچھري جو بيت
ڏُونگَرَ ڏَسُ پِرِيَنِ جو، ڪافَ نَہ ڏيِين ڪو،
قَطارِئا ڪالَهہ وِئا، توڏا وَٽان تو،
ھوتُ مُئِيءَ جو ھو، ڪو ساڄَنُ اُنِهين ساٿَ ۾.
سمجهاڻي
اي ڏونگر، اي جبل، تون منھنجي سڄڻ جو ڪو پار پتو ئي نٿو ڏين، ڪا خبر ئي نٿو ٻڌائين تہ تو وٽان ڪي (اُٺن جي قطار سان) قافلي وارا گذري ويا. توکي خبر آهي (تون ڇو ڪونہ ٿو ٻڌائين؟) تہ منھنجو سپرين انهيءَ قافلي ۾ هو يا ڪونہ؟
[رومي مثنويءَ ۾ هڪ هنڌ پھاڙن ۽ جبلن لاءِ هينئن کولي چوي ٿو:
ما سميعيم و بصيريم و خوشيم،
با شما نا محرمان ما خامشيم.
(دفتر سوم، ب- 1019)
معنيٰ: اسان ٻڌون ٿا، ڏسون ٿا ۽ خوش ٿيون ٿا. ليڪن توهان ڌارين ۽ اڻ واقفن لاءِ خاموش ۽ ماٺ ۾ آهيو.]
گنج ۾، سرود سسئي، بيت نمبر : 472
ڎُنْکَرَ ڎَسُ پِرْيَنِجُوْ قَافَ نَڎِي﮼ ڪُوْ﮶
ڪَتَارِئَا ڪَالَ وِئَا تُوْڎَا وَٽَا تُوْ﮶
هُوْةُ مُيَجُوْ هُوْ ڪُوْ سَاڃَنُ اُنهٍ سَاٿَم﮼﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
डूं॒गर ड॒सु पिरियनि जो। काफ़ न डी॒यें को।
क़तारिआ कालह विआ। तोडा॒ वटां तो।
होतु मुईअ जो हो। को साज॒नु उनहीं साथ में।
ROMAN SINDHI
ddoongar'a ddas'u piriyan'ay jo, kaaf'a na ddeen ko,
qataari'aa kaalh'a wi'aa, toddaa wattaa'n to,
hot'u mu'ee'a jo ho, saajan'u unhee'n saath'a mayn.
TRANSLATIONS
O mountain! Are you not able to give me some clue to the beloved? Did a caravan of camels pass by you yesterday? Did you observe the beloved of this miserable woman in it?
O mountain, why don't you clue me in on the beloved?
Didn't the camel train pass by you yesterday?
Was this wretched woman's beloved Hoat with it?
سوہ سجن دی دسدا کیوں نا پربت عرض گذاراں
کل ایتھوں دی ہوت بلوچی لنگھے بنھہ کتاراں
کی پنوں وی سی نال اونہاں دے میرے سر دا سائیں
اے پراسرار کوہسار بتا
پیارا پنہوں کدھر سے گذرا تھا
کچھ خبر ہے کہاں گیا آخر
قافلہ جو ادھر سے گذرا تھا
لوٹ آئے وہ کاش آری جام
کل جو اس رہگذر سے گذرا تھا
کچھ تو بتا اے پربت! کیا وہ، یہاں سے گذرا یار؟
تو نے جاتی دیکھی تھی کیا، اونٹوں کی وہ قطار؟
دیکھا تھا کوہیار، جو مجھ سے بچھڑ گیا ہے۔
Lexical Density of this Bait
Number of words: | |
---|---|
Lexical Words:* | |
Non-lexical words:** | |
Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection