ٻيا بيت
- سُر ڪوھياري جَي ڪوھ سان ڪچھري جو بيت
ڏُونگَرَ تُون ڏاڍو، ڏاڍو ڏاڍايُون ڪَرِين،
مُون تَنَ اَندَرِ تِيئَن وَھين، جِيئَن وَڻُ وَڍي واڍو،
ڪَرَمَ جو ڪاڍو، نَہ تَہ پَٿَرِ ڪيرَ پَنڌَ ڪَري.
سمجهاڻي
(سسئي ٿي چوي) اي جبل، تون زورآور ۽ سنگدل آهين، تون مون سان سختيون ۽ ستم پيو ڪرين. منھنجي اندر ۾ اهڙيءَ طرح وڍ ۽ چير پيا پون، جيئن واڍو وڻ کي (ڪرٽ سان) وڍيندو ۽ ڪٽيندو آهي. اهو سڀ تقدير جو اڻ ٽر لکيو آهي، جو مون کي جبل ۽ پھاڙ جا پنڌ ڪرڻا پيا آهن.
[مولانا روميءَ جو نظريو آهي تہ نباتات توڻي جمادات کي پنھنجا حواس آهن، ۽ ان باري ۾ فقط اهل دل باخبر آهن. هن ۽ هيٺ ايندڙ ٻين بيتن کي انهي پس منظر ۾ ڏسي سگهجي ٿو.
نطق آب و نطق خاک و نطق گل،
هست محسوس حواس اهل دل.
(دفتر اول، ب- 3279)
معنيٰ: پاڻي، مٽي ۽ آلي مٽيءَ جي ڳالهہ ٻولهہ کي اهل دل ٻڌن ۽ سمجهن ٿا].
گنج ۾، سرود سسئي، بيت نمبر : 469
ڎُنکَرَ تُنْ ڎَاڊُوْ ڎَاڊُوْ ڎَاڊَايٌ ڪَرْي﮼﮶
مُنْ تَنَ اَندَرِ تِيَ وَہ﮼ جِيَ وَنُ وَڊٖيْ وَاڊُوْ﮶
ڪَرَمَ جُوْ ڪَانڊُوْ نَتَ پَٿَرِ ڪٖيْرَ پَنڌَ ڪَرٖيْ﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
डूं॒गर तूं डा॒ढो। डा॒ढो डा॒ढायूं करीं।
मूं तन अंदरि तीअं वहें। जीअं वणु वढे वाढो।
करम जो काढो। न त पथरि केर पंध करे।
ROMAN SINDHI
ddoongar'a too'n ddadhho, ddaadhho ddaadhhaa'yoo'n karee'n,
moo'n tan'a andar'ay tee'en wahee'n, jee'en wann'u wadhhi waadhho,
karam'a jo kaadhho, na ta pathar'ay keer'a pandh'a karay.
TRANSLATIONS
O mountain! Verily you are hard, and in view of your inflexibility you have caused me a series of hardships. You have cut my person as the carpeñter cuts a tree. But then this is the work of destiny; else who would like to roam about amidst rocks?
"Cruel, strong mountain, cruelly you deal with me,
You cut me like wood cuter cuts the tree,
Who would walk over the rocks if this was not destined?
Oh mountain! against you to my love, I will complain,
At dawn you appear awesome, your paths intricate,
No good have you been to me for Punhoon's foot prints you erase.
O mountain, you are a tyrant, you are working tyrannies,
You cut my body as a hewer cuts a tree,
It is all doing of fate, otherwise who would walk the mountains.
يا جبل! أنت ظالم. يا شديد القلب!
أنت تظلم علي كثيرا. تقطع جسمي مثلما النجار يقطع الأشجار.
كل من القدر والقضاء إلا من هو يمشي على صخور الجبال.
تینوں پربت ترس نا آوے ڈاہڈا ظلم کماویں
رکُھ جیویں کوئی باڈھی وڈھے چیر میرے تن پاویں
کرم رُلدے پِھردے ناہیں کیہڑا ایتھے آوندا
مشکلیں چوب کار کی مانند
کاٹ دیتی ہیں ہر درختِ امید
ہائے یہ کوہسارِ صبر شکن
راہ پرخم دیار یار بعید
دل عاشق کی آزمائش سخت
عزم انساں کی دل شکن تردید
ظلم نہ ڈھا اے ظالم پربت!، میں برہن بیچاری،
تن کو تو یوں کاٹ رہا ہے، کاٹتی ہے جوں آری،
قسمت کی ہوں ماری، ورنہ کیوں میں دشت میں بھٹکوں۔
Lexical Density of this Bait
Number of words: | |
---|---|
Lexical Words:* | |
Non-lexical words:** | |
Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection