ٻيا بيت
- سُر معذوري جَي ڪاڪل ۽ جيسرميرياڻيين جو بيت
ڏِينھان ڏارِيءَ روءِ، راتِيان روءِ رَتَ ڦُڙا،
مَنجِهہ ويچارِيءَ ووءِ، ٻَھران ٻِي ٻِيَنِ سين.
سمجهاڻي
سسئي ڏينھن جو اوباش (گهر ڪري نہ ويھندڙ) عورتن واري روپ ۾
پئي هلي، ليڪن رات جو هوءَ پرينءَ جي ياد ۾ ويٺي رت جا ڳوڙها ڳاڙي. هن جي اندر مان تہ هر وقت هاءِ هاءِ واري صدا ۽ دانھن پئي نڪتي، مگر ٻاهر ٻين سان ٻيءَ طرح پئي هلي (انهن تي پنھنجو راز ظاهر نہ ڪيائين).
[روميءَ مثنويءَ ۾ ان ڳالهہ تي گهڻو زور ڏنو آهي تہ عشق ۽ ناموس ٻيئي گڏ نہ هلندا ۽ عاشق ظاهري عزت ۽ ناموس جو خيال نہ ڪندا آهن:
عشق و ناموس اي برادر راست نيست،
بر در ناموس اي عاشق مايست.
(دفتر ششم، ب- 612)
معنيٰ: عشق ۽ نيڪ نامي ٻيئي گڏ ڪونہ ٺھن. اي ڀاءُ! تنھن ڪري جيڪڏهن تون عاشق آهين تہ نيڪ ناميءَ جي دروازي تي نہ بيھ.]
گنج ۾، سرود سسئي، بيت نمبر : 196
ڎِيْهَان ڎَارِيَ رُوْءِ رَاتِيَان رُوْءِ رَتَ ڤُرَا﮶
مَنجِ وٖيْچَارِيَ وُوْءِ ٻَھْرَا ٻِيْ ٻِئَنِس﮼﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
डीं॒हां डा॒रीअ रूइ। रातियां रोइ रत फुड़ा।
मन्झि वेचारीअ वूइ। ब॒हरां बी॒ बि॒यनि सें।
ROMAN SINDHI
ddeenhaa'n ddaari'a ro'ay, raatiyaa'n ro'ay rat'a phurraa,
Manjh'ay wechaari'a wo'ay, Bahraa'n Bi Biyan'ay see'n.
TRANSLATIONS
Lexical Density of this Bait
Number of words: | |
---|---|
Lexical Words:* | |
Non-lexical words:** | |
Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection