ٻيا بيت
- سُر معذوري جَي ڪاڪل ۽ جيسرميرياڻيين جو بيت
ڏِيھان ڏارِيءَ ويسِ، راتِيين روءِ رَتُ ڦُڙا،
لَنڊِينِ جي لِبيسِ، ھَلِجِ ھوتَ پُنهونءَ ڏي.
سمجهاڻي
سسئي ڏينھن جو ويس بدلائي (شرم ۽ حيا ڇڏي) پئي هلي، پر جڏهن رات ٿئي ٿي تہ (پرينءَ کي پرچائڻ لاءِ) ويٺي ڳوڙها ڳاڙي ۽ رت روئي. ائين هن بظاهر بدڪار ۽ آواره عورتن جو روپ اختيار ڪري، پنھنجي دوست کي راضي ڪري ورتو.
[عشق ۽ شرم جي موضوع تي مثنويءَ ۾ گهڻو ڪجهہ چيو ويو آهي:
اي عدوي شرم و انديشه بيا،
که دريدم پردهء شرم و حيا.
(دفتر ششم، ب- 614)
معنيٰ: اي عشق، شرم ۽ حيا جا دشمن، مون وٽ اچ جو مون لڄ ۽ شرم جا سڀ پردا پاسي ڪري ڇڏيا آهن.]
گنج ۾، سرود سسئي، بيت نمبر : 195
ڎِيْهَان ڎَارِيَ وٖيْسُ رَاتٍ رُوْءِ رَتَ ڤُرَا﮶
لَنڊِيجٖيْ لِبٖيْسِ هَلِجِ هُوْةَ پُنُوْهَڎٖيْ﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
डी॒हां डा॒रीअ वेसि। रातियें रोइ रत फुड़ा।
लन्डिनि जे लिबेसि। हलिजि होत पुनुहूंअ डे॒।
ROMAN SINDHI
ddeenhaa'n ddaari'a wes'ay, raati'en ro'ay rat'u phurraa,
LanDin'ay jay libes'ay, halij'ay hot'a punhoon'a dday.
TRANSLATIONS
Lexical Density of this Bait
Number of words: | |
---|---|
Lexical Words:* | |
Non-lexical words:** | |
Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection