ٻيا بيت
- سُر آبڙي جَي ٿڪيائي ٿر ٿيلهہ جو بيت
ڏوري ڏوري ڏيھُ، ٿَڪِيَسِ ٿورو لاءِ مُون،
اُوچا پاھَڻَ پَٻَ جا، ڇَپَرَ ڪونِهي ڇيھُ،
ھِڪُ پاھَڻُ ٻِئو پَرَڏيھُ، موٽُ سَٻاجها سُپِرِين.
سمجهاڻي
(سسئي ٿي چوي) آءٌ هلي هلي، پرديس ۾ پنڌ ڪري جبل جهاڳي ٿڪجي چُور چُور ٿي پيئي آهيان. هاڻي تون مون تي مهرباني ۽ احسان ڪر، ڇو تہ پربت جھڙا پھاڙ آهن ۽ جبل ختم ٿيڻ جو نالو نٿا وٺن. هڪ پھڻن ۽ پٿرن جو ڏکيو پنڌ ۽ ٻيو پرائو ملڪ (مون کان ٻيئي ڏاڍا آهن). اهڙيءَ حالت ۾ اي ٻاجهہ ڀريا سُپرين! تون قرب ڪر ۽ موٽي مون وٽ اچ.
گنج ۾، سرود سسئي، بيت نمبر : 714
ڎُوْرٖيْ ڎُوْرٖيْ ڎٖيْهُ ٿَڪِيَسِ ٿُوْرُوْ لَاءِ مُنْ﮶
اُوْچَا پَاهَنَ پَٻَجَا ڇَپَرَ ڪُوْنِهْ ڇٖيْهُ﮶
هِڪُ پَاهَنُ ٻِئُوْ پَرَڎٖيْهُ مُوْٽُ سَٻَاجَا سُپِرٍ﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
डो॒रे डो॒रे डे॒हु। थकियसि थोरो लाइ मूं।
ऊचा पाहण पब॒ जा। छपर कोनिहे छेहु।
हिकु पाहणु बि॒यो परडे॒हु। मोटु सबा॒झा सुपिरीं।
ROMAN SINDHI
Ddoray ddoray ddeh'u, thakiyas'ay thoro laa'ay moo'n,
Oochaa paahann'a paB'a jaa, chhapar'a konhee chheeh'u,
Hik'u paahann'u Bi'o parddeh'u, mott'u saBaajhhaa supiree'n.
TRANSLATIONS
Lexical Density of this Bait
Number of words: | |
---|---|
Lexical Words:* | |
Non-lexical words:** | |
Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection