ٻيا بيت
- سُر سارنگ جَي سيڪارا سارنگ جو بيت
ڏيئِي ريجُ رائُڪَ کي، ڪِيائين لُوتِڙيءَ تي لَلَ،
ڏَلهي ڇَڏِيائِين ڏَڙَه کي، پَئي ڀَريائِين پَلَ،
آندِي آبَ اُڇَلَ، موڪَلَ ٿِي مِينھَنِ کي.
سمجهاڻي
(چؤماسي جي مينھن) ’رائڪ‘ کي پُسائي ’لوتڙيءَ‘ واري ماڳ کي بہ ڍائي ڇڏيو. ’ڏڙه‘ مڪان توڻي ’پڌريي‘ (ماڳ) کي پاڻيءَ سان ٽمٽار ڪري ڇڏيو. مولا مينھن کي اهڙي موڪل ڏني جو هر طرف پاڻيءَ جي موج مستي لڳي ويئي.
گنج ۾، سرود سارنگ، بيت نمبر : 1826
ڎيْئِيْ رٖيْجُ رَاءُكَ کٖيْ ڪِئَاءٍ لُوْتَرِيَ تٖيْ لَلُّ﮶
ڎَلٖيْ ڇَڎِئَاءٍ ڎَرَ کٖيْ پَئِيْ ڀَرِئَاءٍ پَلَّ﮶
آَندِيْ آَبَ اُڇَلَ مُوْڪَلَ ٿِيْ مِيْهَنِکٖيْ﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
डे॒ई रेजु राउक खे। कयाईं लूतिड़ीअ ते ललु।
ड॒ल्हे छडि॒याईं ड॒ड़ह खे। पए भरियाईं पल।
आंदी आब उछल। मोकल थी मींहनि खे।
ROMAN SINDHI
Deiye rejh raek khy, kayain lorhe te lalh,
Daalhye chadyain darh khe, peiye paryain pal,
Aandi aabh uchaal, mokl thi meihun khe.
TRANSLATIONS
After inundating ‘Rauk’ the clouds turned to Lutri, Dalhi and Pal and gave a downpour to each of them and filled them with plenty of water. It seemed the monsoon had full permission to rain (and was in full swing).
After watering Raook*, cloud showered benevolence on Lutori*,
It flooded depression, and filled all dried ponds,
God, let the rain fall in torrents.
’رائک‘ اور ’پل‘ پہ ہو گئی بارش
’لوتڑی‘ کا نشیب بھی سیراب
دور و نزدیک بھر گیا پانی
سارے دشت و جبل ہوئے شاداب
بھیگا "رائیک" "لوتڑی" بھی، آض ہوئی سیراب،
چیخ گئی تھی دھرتی اب ہے، لہر لہر تالاب،
لایا بے حد آب، بادل بھیجے پی نے۔
ھِن سُر جي راڳ بابت
سارنگ راڳ جو جنم سنڌ جي قديمي ٺاٺ ڪافي مان ٿئي ٿو. ھي راڳ اوڍو ۽ کاڍو يعني پنجن ۽ ڇھن سرن جي روپ ۾ سرگم تي ٻڌل آهي. ھن راڳ ۾ گنڌار (گا) جو سر ناھي لڳائبو. ھن راڳ جو وادي سر رکب (ري) ۽ سم وادي سر پنچم (پا) آھي. سارنگ راڳ ۾ ڌيوت جو سر خلاصو ڪري استعمال ۾ آڻبو آهي. دکن جي گرنٿن ۾ ھن راڳ ۾ تيور گنڌار ۽ تيور مڌم جو استعمال ڏيکاريو آھي، پر ھي قانون ھند جي ڪنھن سنگيت يا قانون ۾ لاڳو ناھي. سنگيت پاريجات ۾ شڌ سارنگ ۾ ٻئي مڌم يعني (ما) ۽ (مي) ۽ ٻئي نکاد يعني (ني) ۽ (نا) پڻ راڳي لڳائيندا آھن. ھي مت بہ رواجن شڌ سارنگ جي استعمال ۽ راڳ جي شڪل ٺاھڻ کان غير رواجي ثابت ٿيندي .صحيح شڌ سارنگ جي شڪل ھندستان جي سنگيتڪار چتر پنڊت پنھنجي سنگيت ۾ ھن ريت ڏني آهي:
آروھي: سا، ري، ما، پا، ني، سا
آمروھي: سا،ڌا، ني، پا، ما، ري، سا
Lexical Density of this Bait
Number of words: | |
---|---|
Lexical Words:* | |
Non-lexical words:** | |
Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection