ٻيا بيت
- سُر سھڻي جَي تران، سڀت، ڏٺي ڏينھن جو بيت
ڏِٺي ڏِينھَن ٿِئامِ، ڪوھُ ڄاڻان ڪِھَڙا پِرِين،
وَلِيُنِ جِيئَن وَرِيامِ، ڳالِهيُون ڳُڻَ پِرِيَنِ جا.
گنج ۾، سرود سھڻي، بيت نمبر : 1658
ڎِٽٖيْ ڎِيْهَ ٿِئَامِ ڪُهْ ڃَانَا ڪِهْرَا پِرٍ﮶
وَلِيُنِ جِيَ وَرِئَامِ کَالِيٌ کُنَ پِرْيَنِجَا﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
डि॒ठे डीं॒हं थिआमि। कोहु जा॒णां किहड़ा पिरीं।
वलियुनि जीअं वरियामि। गा॒लिह्यूं गु॒ण पिर्यनि जा।
ROMAN SINDHI
ddithhi ddeenh'a thi'aam'ay, koh'u jjaannaa'n kiharraa piree'n,
Waliyun'a jee'en wariyaam'ay, ggaalihyoo'n ggunn'a piriyan'ay jaa.
TRANSLATIONS
Many days have passed since I saw the beloved last. I do not know his present form (condition or demeanour). Just as creepers encircle an object, similarly the anguish of separation from him has wholly entwined my system.
پچھاں سکاں کہ ناوی تینوں چرہویا مُکھ دیکھے
نا میں ہلاں جُلاں کسکاں لپیٹ غماں نے پائے
بِن دیکھے دن بیتے، کیسے ہیں اب ساجن،
ٹوٹ رہا ہے تن من، درد کی بیلیں لپٹیں۔
ھِن سُر جي راڳ بابت
سھڻي: شاستري سنگيت ۾ ماروا ٺاٺ جي راڳڻي آھي. ھيءَ راڳڻي عام طور تي رات جي پيون پھرن ۾ ڳائي ويندي آھي. سرن جي لحاظ کان آڏو، شڌا آھي.
ٺاٺ: ماروا
سُرن جي بيھڪ:
آروھا: سا گا ما ڌا ني سا
آوروھا: سا ني ڌا گا ما ڌا گا ما گا ري سا
ھن راڳڻيءَ جو وادي سر ”ڌا“ جڏھن تہ سموادي سر گا آھي. ھن راڳڻيءَ ۾ ري کان سواءِ سڀ سر تيور ۾ آھن.
Lexical Density of this Bait
Number of words: | |
---|---|
Lexical Words:* | |
Non-lexical words:** | |
Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection