ڳاڙِھو بابت
معنيٰ
ڳاڙهي رنگ وارو، لال، رتو، سرخ، رتائون، گلابي.
Red, like blood, reddish.
بيتن ۽ وائين ۾
- ھاڙھو ڳاڙِھو ھوتَ، ڪيچِي ڪالَهہ لَنگهي وِئا سِڪَ ٻاروچي نَہ لَھي مَٿي تائِين مَوتَ، لَڳَندي لَڪَنِ ۾، پاڻان ٿِيَس پوتَ،…[ سُر ڪوھياري - وايون ]
- ڪَڏِھِين مَڙُه مُقامَ ۾، ڪَڏِھِين ڳاڙِھو گهوٽُ، سَندو وارِيءَ ڪوٽُ، اَڏِئو اَڏِيندين ڪيتِرو.[ سُر بروو سنڌي - صُورت فانِي ۽ مڙه مقام ]
- نَظَرُ اَکَڙِيُنِ، وَڃِي پِئو لاکَ تي، ڪارو ڪِينَ پَسَنِ، مِڙيوئِي ڳاڙِھو ٿِئو.[ سُر آسا - ترڪ، ڪلمو ۽ سرمو ]
- ڳاڙِھو ئِي ڳاڙِھو، ڪارو پَسَنِ ڪِينَڪِي، اَکَڙِيُنِ آرو، وَڃِي ڪِئو لاکَ سين.[ سُر آسا - ترڪ، ڪلمو ۽ سرمو ]