گُهرا بابت
معنيٰ
گهُريل، پيارا، سڏيل
Dears, wanted, desired
بيتن ۽ وائين ۾
- ڪُھَنِ تانْ ڪَرَ گُهرا، ڪَرَ لَھَنِ تانْ ڪُھَنِ، سيئِي مانۡ مُھَنِ، سيئِي راحَتَ رُوحَ جِي.[ سُر ڪلياڻ - عشق ۽ معشوق ]
- آءُ مَٿاھُون مَڱڻا، چَڙِهي ۾ چَوڏولَ، توکي گهوٽَ گُهرايو، راجا مَنجِهہ رَتولَ، ٻِيجَلَ تو سين ٻولَ، وِھاڻِيءَ وَڍَڻَ جِي.[ سُر سورٺ - سائل در آئيو ]
- سَھِسين ھُئا سارِنگِئا، مانجِهي مَڱڻَھارَ، تَنِ ڳَڙَھان اوري ٿي ڳايو، سَھِسين ڪَري سِينگارَ، تُنبيري جي تَندُ جِي، پھرِين ھُئِي پَچارَ،…[ سُر سورٺ - ڏنو سر ڏياچ ]
- اَڱَڻِ آيا نَہ سَھان، ويٺي گهَرِ گُهرانِ، مُنھَن مُقابِل سُپِرِين، پَسِئو ٿِي پَچانِ، وارُ نَہ سَھانِ وِچَ ۾، اَڃا دَرمِيانِ،…[ سُر بروو سنڌي - عاشق اکڙِيُون ]
- مارُو گُهرَنِ مِينھَن، آئُون مارُنِ ميڙائو گُهران جي، ڪِيَسِ نِماڻِي نِينھَن، وَنھِيَنِ ويڙِهيچَنِ جِي.[ سُر مارئي - مُونھان پوءِ ملير ]