گورَ بابت
معنيٰ
قبر، تربت، مزار، مرقد.
Grave.
بيتن ۽ وائين ۾
- اَڱَڻَ مَٿي اوپِرا، ڏِٺَئِي جَي توڏا، وَنگِيَئِي نَہ وارَنِ سين، تَنِ گورَنِ جا گوڏا، لَڪَنِ جا لوڏا، ھُوندَ نَہ سَٺَئِي…[ سُر ديسي - اڱڻ مٿي اوپرا ]
- لُنگُ ڪَڍِيائُون لانگَ، موٽِي ڪَنِ نَہ مَسَحو، جَا اِسلامان اَڳي ھُئِي سا ٻُڌائُون ٻانگَ، سامِي ڇَڏي سانگَ، گَڏِئا گورَکِناٿَ کي.[ سُر رامڪلي - آديسي ۽ مونا طور سينا ]
- ميرِي ميرِي ڪَري تيري، بانو سارا جَنَبُ گَيا، گورَکُ گودَڙِيَنِ وَٽَ، آسَڻَ تي آيو، آديسي عالَمَ کان، رُٺَڙائِي رَھو.[ سُر رامڪلي - وايون ]
- واجهائي وَطَنَ کي، آئُون جَي ھِتِ مُياسِ، تَہ گورَ مُنھِنجِي سُومَرا، ڪِجِ پَنوَھارَنِ پاسِ، ڏِجِ ڏاڏاڻي ڏيھَ جو، مَنجهان وَلَڙِنِ…[ سُر مارئي - بندياڻي واجهائي وطن کي ]