گهاءَ بابت
معنيٰ
ڌَڪ، ڦٽ، چِيرَ، چَهَڪَ، وَڍَ، ضَربَ، زخم، خال، ٻِرڙَ، ڌَنوَن، چاڪ، ڦُچَ.
Wounds, injuries.
بيتن ۽ وائين ۾
- رَھِي اَچِجي راتِڙِي، تَنِ واڍوڙِيَنِ وَٽاءَ، جَنِ کي سُورُ سَرِيرَ ۾، گَهٽَ مَنجهان را گهاءَ، لِڪائَي لَوڪاءَ، پاڻِهين ٻَڌنِ پَٽِيُون.[ سُر يمن ڪلياڻ - حبيب ۽ طبيب ]
- اَڃا تو مَنجهان، ڪَکَ ڇُتي رَتُ نِڪِري، مُنھَن ۾ مَحبُوبَنِ جا، ڪِيئَن جَهلِيندين گهاءَ، تُون ھَڏِ ڪُڄاڙِئان، سِڪَڻَ جُون سَڌُون…[ سُر يمن ڪلياڻ - سِڪ ۽ عاشقي ]
- ھُئِي ھِدايَتَ حُرَ کي، اَصلَ ۾ اَمُران، چَڙِهي آيو جَنگِ تي، ھَلِي ھُنِ پاران، اِيندي چَيائِين اِمامَ کي، تَہ گهورِيُس…[ سُر ڪيڏارو - ڪامل ڪربلا ۾ ]
- اَکِيُون ڪَڍُ مَ ڳَجَهڙِي، تارا تَڻِ مَ کاءُ، پِيو نَہ ڏِسين پَٽَ ۾، رِيڳَڙِيارو راءُ، جيري تَنھِن جُوانَ جي، لَڳا…[ سُر ڪيڏارو - ڳجهُون ۽ چنڊ ]
- شَما بُروا زِيرِ ڪَنِي، سَڄَڻَ لَڳِ خُدا، چَشِما تي ڪُش مَران، تيري نيڻين ڪِئا گهاءَ، آئُون ڪِيئَن مَٽِيان ساءُ، سيڻَنِ…[ سُر ديسي - ٻروچڪي ٻولي ]