ڪوڏُ بابت
معنيٰ
خوشي، شوق.
Happiness, zeal.
بيتن ۽ وائين ۾
- جَنِي سَندِيءَ جِيءَ ۾، ڀَتُون ڀَتين ٻوڏُ، ڪِھَڙو ڪَرِيين ڪوڏُ، ھِينئَڙا پَسِي تَنِ کي.[ سُر يمن ڪلياڻ - پريم پاٺ ]
- آيَلِ پُنِيُون، ماءَ، مُون مُرادُون پُنِيُون، جِھَڙِي پِريان ڳالِهڙِي، تِھَڙِي ٻِي نَہ ڪا، ڪِجي تَہ ڪوڏُ ٿِئي، سُڄي تَہ سِيباءِ،…[ سُر سھڻي - وايون ]
- وَرُ ٻاروچاڻِي ٻوڏُ، گهورِي جِيءُ ٻِيَنِ جِي، آھيمِ جَنھِن جو ڪوڏُ، سو مانَ آرِياڻِي اَچي وَرِي.[ سُر حسيني - لَڪ لَڪيُون ۽ ڪُٺل ]
- ڪو جو آھيسِ ڪوڏُ، ٻاروچاڻي سَڱَ جو، جي ھُو چُونِسِ ٻوڏُ، تَہ جِيءُ سُڻائي جَڳَ ۾.[ سُر حسيني - لَڪ لَڪيُون ۽ ڪُٺل ]