ڪوڏَرِ بابت
معنيٰ
زمين کوٽڻ جي ڪم ايندڙ ڪاٺ جي ڳَنَ سان هڪ لوھ جو اوزار، ڪوڏار، ڪوڏاري، ڪوڏارو.
A hoe, spade.

بيتن ۽ وائين ۾
- ڪوڏَرِ نَہ ڪاتِي، جَنھِن سين ٽَڪَرُ ٽاڪِئان، جيڪو جَبَلُ لَنگهِيان، سو ھيبَتَ جو ھاٿِي، پِرِيَنِ جا پاتِي، سا جَڙَ جِيئَري…[ سُر ديسي - آڏ تراڇا جبل ]
- فانِي مِيان فانِي، دُنِيا دَمُ نَہ ھِڪِڙو، لَٽي لوڙُه کَڙَنِ سين، جوڙِيندا جانِي، ڪوڏَرِ ۽ ڪانِي، آھي سِرِ سَڀَ ڪَنھِن.[ سُر بروو سنڌي - صُورت فانِي ۽ مڙه مقام ]