ڪورا بابت
معنيٰ
ڪورون، ربين يا فتيل وانگر چمڙيءَ يا گوشت جا ٽڪر.
Pieces of flash.
بيتن ۽ وائين ۾
- ڪِئائُون قَلبَ کي، طَرَحَ تَنُورا، جيرا جِگرَ بُڪِيُون، ڪَپي ڪِئائُون ڪورا، سِيخُنِ ۾ سُورا، تَرِيائون تَرتِيبَ سين.[ سُر يمن ڪلياڻ - باھ ۽ ساڙو ]
- ڪَنَ ڪورائي ڪاپَڙِي، جِندا ٿِيءُ جُوانُ، ڪاھِ تَہ لَنگهيئِي، ڪانُ، نانگَنِ ھَٿان نِينھَن جو.[ سُر رامڪلي - جوڳي، سامي ۽ ڪن ڪپڻ ]
- ڪَنَ ڪورائي ڪاپَڙِي، جِندا ٿِيءُ مَ جوءِ، جيڪِي پُڇين پُڇُ سو، گُونگا نِين نَہ گوءِ، سِرَ سِپاھِيَنِ وِڪِئا، سوڪِ نَہ…[ سُر رامڪلي - جوڳي، سامي ۽ ڪن ڪپڻ ]
- ڪَنَ ڪورائيين ڪاپَڙِي، اِي زَنانو جوڳُ، سامِي سُڃاڻَڻُ پِئو، ايڪُ دُوئِي ٻِئو دَوڳُ، جَنھِن وَڻُ ڀانيو ڦوڳُ، رامُ تَنھِين کي…[ سُر رامڪلي - جوڳي، سامي ۽ ڪن ڪپڻ ]