کوڙِيُون بابت
معنيٰ
ڪڍيون، ظاھر ڪيون، ڦٽي نڪتيون، اڀيون ٿيون، اڀو ٿيو، نروار ٿيون يا ٿيو.
Came out, came to light, stood
بيتن ۽ وائين ۾
- لَڳِيءَ جو لَطِيفُ چئَي، قالُ نَڪو قِيلُ، لِکِئي ناڀُون کوڙِيُون، نيڻين وَھي نِيرُ، ھِينئَڙا ٿِيءُ سُڌِيرُ، ڪالَهہ قَرِيبَنِ لَڏِئو.[ سُر بروو سنڌي - صُورت فانِي ۽ مڙه مقام ]
- شَمعَ ٻارِيندي شَبَ، پِرھَ باکُون کوڙِيُون، موٽُ مَران ٿِي مَينڌَرا، راڻا ڪارَڻِ رَبَ، تُنھِنجِيءَ تاتِ طَلَبَ، ڪانگَ اُڏايَمِ ڪاڪِ جا.[ سُر راڻو - ڏِيئا، تيل ۽ مھمان ]