چَڱو بابت
معنيٰ
عمدو، آواز سُٺو، موچارو، عُمدو، ڀَلو، اوگهو، چوکو، ٺيڪ. نيڪ، سڦرو. خوش، تندرست، چاق، فائدو، نفعو .
Good, excellent, beautiful, benevolent, well in health.
بيتن ۽ وائين ۾
- تَنبُو طَبِيبَنِ، آڻي اَڱَڻِ کوڙِئا، ويڄَنِ ويٺي وَرِھَ ٿِئا، ڦَڪِيُون فَرَقُ نَہ ڪَنِ، مُون کي مُون پِرِيَنِ، چَتُرَ ساڻُ چَڱو…[ سُر يمن ڪلياڻ - ويڄ ۽ دارُون ]
- پَڪو کَڻِجِ پاڻَ سين، چَڱو چِٽائي، ڪَچو ڏيجِ ڪُلالَ کي، ماڳھِين موٽائي، سو سُڻُ ھِنيَين سين سُهڻِي، جيڪِي فائِقُ فَرِمائي،…[ سُر سھڻي - ترھو، ڪچو ۽ ڪنڀار ]
- ڀَرِيائِين ڪُنَ ڪِراڙِ جا، وَٺو وارِياسو، ماکَرِيءَ تان موٽِئو، ڏيئِي پَيَ پاسو، کُوري تي کِوَڻِيُنِ جو، ٿِئو چَڱو چَوماسو، خالِقَ…[ سُر سارنگ - بادل نيڻ ۽ مينھن ]
- تَڪِيا پَسُون تَنِ جا، ھَلِي مَنجهان حالَ، ڪوڙيِين ڪَنَ وَٽِيَنِ جا، ڀينَرُ ڀانيان ڀالَ، سامِيَنِ جِيءَ سَنڀالَ، مُنھِنجو چِتُ چَڱو…[ سُر رامڪلي - ڪن ڪٽ ڪاپٽ ڪاپڙي ]