چَڱايُون بابت
معنيٰ
سُٺايون. چوکايون. ٺيڪائي. نيڪيون، چاقايون، ڀلايُون.
Goodness, excellence, kindness, health, prosperity, beauty.
بيتن ۽ وائين ۾
- ڪَرَھا ڪُرَ سُڃاڻُ، پِيَ ڪو ۽ پانھِنجو، اَصلِ آھي آھِنجو، ناليرو نِڌاڻُ، ڪَرَھا اَسان ساڻُ، چانگا ڪِجِ چَڱايُون.[ سُر کنڀات - ڪرھو، چانگو، اٺ ]
- چَڱَنِ ساڻُ چَڱايُون، اِيئَن سَڀَڪو ھوءِ، تو جِيئَن ڪَري نَہ ڪوءِ، بُڇَنِ ساڻُ ڀَلايُون.[ سُر سريراڳ - صراف ۽ جوھري ]
- چَڱا ڪَنِ چَڱايُون، بُڇايُون بُڇَنِ، جو وَڙُ جُڙي جَنِ سين، سو وَڙُ سيئِي ڪَنِ.[ سُر سريراڳ - صراف ۽ جوھري ]