پَڙاڏا بابت
معنيٰ
اهي آواز جيڪي موٽي ٻڌجن. سڏ جو آواز جيڪو ڪنھن آڏ سان ٽڪرجڻ کان پوءِ موٽي ٻڌڻ ۾ اچي ، گونج. پڙلاءَ. آواز. صدا. اعلان.
Echo, reverb.
بيتن ۽ وائين ۾
- وِلاڙِيو وَڻين چَڙِهي، پَسو سَگَهہ سَندِياسِ، آڌِيءَ وَڃِيو آکُڙي، نَڪو پيءُ نَہ ماسِ، سوئِي سو سيڻاسِ، پَري پَڙاڏا ڪَري.[ سُر معذوري - نہ گڏجڻ ۽ وڻين چڙهڻ ]
- وِلاڙِيو وَڻين چَڙِهي، ڏاڍو ڏوري ڏورِ، سُپيرِيان جي سُورِ، پَري پَڙاڏا ڪَري.[ سُر معذوري - نہ گڏجڻ ۽ وڻين چڙهڻ ]
- پَري پَڙاڏا ڪَري، اوري نَہ آھي، ڪَمتَرِ ڪا ڪاھي، پَھچي اِنَ پَٽِيءَ کي.[ سُر معذوري - نہ گڏجڻ ۽ وڻين چڙهڻ ]