ٻَگها بابت
معنيٰ
پاڻي جي پکيءَ جو هڪ قسم، ٻَگُ، ٻگا، ڪنگن جيان پکي.
Water herons.

بيتن ۽ وائين ۾
- واھُڙُ جَنازو سُهڻِي، ڪانڌِي ڪَنگَ ٿِئاسِ، ٻَگها جٖي ٻيٽَنِ جا، ڪُلَها تَنِ ڏِناسِ، اَکِيين مَلَڪَ ڏِٺاسِ، توءِ مَنَ ڪاڍو ميھارَ…[ سُر سھڻي - ساھڙ، اڀو آڇي ۽ سانڀارا ]
- لَلي لَنئِين لاتِ، سَرَ ۾ ڪِئو سوجِهرو، ٻَگها ٻاتاڙا ٿِئا، وائِي ڪَنِ نَہ واتِ، جُنگَنِ پَنھِنجِي ذاتِ، نيئِي رَسائي روھَ…[ سُر ڪارايل - اڇو آب ]
- جِتي ھُئا ھَنجَڙا، اُتِ ٻَگها ٻِئا ٿِئا، ڪُوڙَنِ ڪانيرَنِ سين، پَسو پَھَ پِئا، سَھَڙَنِ سانباھا، ھاڻي اُنِهين ڀيڻيين.[ سُر ڪارايل - پاڙون پاتار ۾ ]
- ٻَگها ڪوھُ ٻُجَهنِ، تَہ سِپُنِ ڇا ٿو سَپَجي، ڦِرِئو ڦَيارَنِ کي، وَڙِ ڪِئو واتَ وِجَهنِ، سي ڪِيئَن لالُون لَھَنِ، جٖي…[ سُر ڪارايل - پاڙون پاتار ۾ ]