ٻَگها جي سنڌي معنيٰ
پاڻي جي پکيءَ جو هڪ قسم، ٻَگُ، ٻگا، ڪنگن جيان پکي.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Water herons.
ٻَگها جا بيتن ۾ حوالا
واھُڙُ جَنازو سُهڻِي، ڪانڌِي ڪَنگَ ٿِئاسِ،
ٻَگها جٖي ٻيٽَنِ جا، ڪُلَها تَنِ ڏِناسِ،
اَکِيين مَلَڪَ ڏِٺاسِ، توءِ مَنَ ڪاڍو ميھارَ ڏي.
[ سُر سھڻي، ساھڙ، اڀو آڇي ۽ سانڀارا، 19 ]
ٻَگها جٖي ٻيٽَنِ جا، ڪُلَها تَنِ ڏِناسِ،
اَکِيين مَلَڪَ ڏِٺاسِ، توءِ مَنَ ڪاڍو ميھارَ ڏي.
[ سُر سھڻي، ساھڙ، اڀو آڇي ۽ سانڀارا، 19 ]
لَلي لَنئِين لاتِ، سَرَ ۾ ڪِئو سوجِهرو،
ٻَگها ٻاتاڙا ٿِئا، وائِي ڪَنِ نَہ واتِ،
جُنگَنِ پَنھِنجِي ذاتِ، نيئِي رَسائي روھَ کي.
[ سُر ڪارايل، اڇو آب، 16 ]
ٻَگها ٻاتاڙا ٿِئا، وائِي ڪَنِ نَہ واتِ،
جُنگَنِ پَنھِنجِي ذاتِ، نيئِي رَسائي روھَ کي.
[ سُر ڪارايل، اڇو آب، 16 ]
جِتي ھُئا ھَنجَڙا، اُتِ ٻَگها ٻِئا ٿِئا،
ڪُوڙَنِ ڪانيرَنِ سين، پَسو پَھَ پِئا،
سَھَڙَنِ سانباھا، ھاڻي اُنِهين ڀيڻيين.
[ سُر ڪارايل، پاڙون پاتار ۾، 31 ]
ڪُوڙَنِ ڪانيرَنِ سين، پَسو پَھَ پِئا،
سَھَڙَنِ سانباھا، ھاڻي اُنِهين ڀيڻيين.
[ سُر ڪارايل، پاڙون پاتار ۾، 31 ]
ٻَگها ڪوھُ ٻُجَهنِ، تَہ سِپُنِ ڇا ٿو سَپَجي،
ڦِرِئو ڦَيارَنِ کي، وَڙِ ڪِئو واتَ وِجَهنِ،
سي ڪِيئَن لالُون لَھَنِ، جٖي گهورا گهوگهِيتَنِ جا.
[ سُر ڪارايل، پاڙون پاتار ۾، 39 ]
ڦِرِئو ڦَيارَنِ کي، وَڙِ ڪِئو واتَ وِجَهنِ،
سي ڪِيئَن لالُون لَھَنِ، جٖي گهورا گهوگهِيتَنِ جا.
[ سُر ڪارايل، پاڙون پاتار ۾، 39 ]
English Meaning
Water herons.