واڌائِي بابت
معنيٰ
مبارڪون، کيرون. خوشخبري.
Congratulation.
بيتن ۽ وائين ۾
- کَنڀاتَڙِي تَڙَ وَرِي، اُڀِي تَڙِ واجهاءِ، مانَ ڏِينھُون ڪا، سُواڌائِي سَڄَڻين.[ سُر کنڀات - نيڻ ۽ تارا ]
- اَڄُ پُڻ اَڇائِي، چوڏِھيِنءَ ماھَ چَنڊَ جي، مُون ڏُونھَن مُون پِرِيَنِ جي، اَچَڻَ جِي وائِي، مُون گهَرِ واڌائِي، پيئِي کامِ…[ سُر کنڀات - چنڊ ]
- ڪانگَلَ قَرِيبَنِ جا، ڏي واڌائِيءَ ويڻَ، ڏِٺاسُون ڏِينھِن گهڻين، ڪَنھِن سَبَبان سيڻَ، ھُئا نيرانا نيڻَ، پَسِي پِيَ پُرِ ٿِئا.[ سُر پورب - ڪانگ ]
- جِئان ڏِنائُون پيرَ، جِئان ڏِنائُون پيرَ، مَٿي اَڱَڻَ آئِيا، سُونھَڻَ لَڳا سيرَ، جِئائِين نَبي نِڱِئو، ڀَري مُبارڪَ پيرَ، ساري شفِيعَ…[ سُر بلاول - وايون ]
- ڪَتي نَہ ڪُوڙِي، پائي ڏوۡرِ اَرٽَ ۾، وِھانءِ جي واڌائِيين، ڀُڻي سَنڀُوڙي، مَٿي جَنھِن مُوڙِي، سا ڪِيئَن وِھي ويسَرِي.[ سُر ڪاپائتي - چائت ۽ محبت ]