مَدو بابت
معنيٰ
بُرو، ڪِنو، لڱُو، مَدو، بَدُ. مَداين سان ڀريل، مَٺَ گهُرو، ڏُڄڻ، ويري، دشمن، بدخواھ، خراب بڇڙو،
Bad, enemy, foe.
بيتن ۽ وائين ۾
- جَکِرا تُون جِيَين، تُنھِنجو ڪَنين مَدو مَ سُڻيان، اَکِيُنِ ۽ ھِنيَين، ٻِنِهي تارِي تُنھِنجِي.[ سُر بلاول - جکرو جوان ]
- جَکِرا جِيين شالَ، تُنھِنجو ڪَنين مَدو نَہ سُڻِيان، جَنھِن تو اَچي ڪالَهہ، آزارِئا آجا ڪِئا.[ سُر بلاول - جکرو جوان ]
- ڪَٽُ نَہ ڄاڻي ڪِي ٻئو، مَدو ۽ موڳو، جو ماڻي نَہ جوڳو، تَنھِن کي مَولو مَليدا ڏي.[ سُر جاجڪاڻي - سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار ]