مَحَبَتِيَنِ بابت
معنيٰ
محبت ڪندڙن، پيار ڪندڙن، عشق ڪندڙن، عاشقن.
Lovers, those who love.
بيتن ۽ وائين ۾
- اَڃا تَنُوران، ڪالَهہ ڪَڍِياسُون سَڄَڻين، پُڻ تايائُون تَڪِڙا وَحدَتَ جي وَڍِئا، مَحَبَتِيَنِ مَٿان، مَچُ مُورائِين نَہ لَھي.[ سُر يمن ڪلياڻ - باھ ۽ ساڙو ]
- وِچِينءَ ويراڳِيَنِ جِي، مَٿي دُونهِنِ دَڙَ، ساڙي سِڪَ سَنِها ڪِئا، تَنِ مَحَبَتِيَنِ مَڙَهَ، جِيجان ھَڻِي جَڙَ، نانگا نِسورا ٿِئا.[ سُر پورب - جوڳي ]
- اَنا عَبدُ معبُودُ تُون، اِتِ شِرڪُ نَڪو شَڪُ، پَچارُون پِرِيَنِ جُون، مَحَبَتِيَنِ مَرَڪُ، سو سَڀوئِي حَقُ، جَنھِن ۾ پَسَنِ پِرِينءَ…[ سُر آسا - آئون، تُون، روزا نمازُون ]
- مُحِيطا مَوجَ ٿِي، توحِيدُ ٿِئو تَمامُ، اَلْاِنْسَانُ سِرِّی وَاَنَا سِرُّهٗ ، تان نَہ پَرُوڙي عامُ، مَحَبَتِيَنِ مُدامُ، اَچِي رَھِئو رُوحَ…[ سُر آسا - پاڻ پردو پاڻ ]