لُڊاڻو بابت
معنيٰ
جيسلمير جو ھڪ تاريخي ماڳ، اصل نالو لڊورو يا لڊوروا، سنڌ ۾ عام طور لوڊاڻو طور مشھور. مومل جي ماڙي ھن ماڳ تي واقع آھي.
A historical region of Jaisalmer, originally known as Lodurvo or Lodurva, commonly known in Sindh as Ludano. Momal's palace is located on this area.
بيتن ۽ وائين ۾
- ڪيڏانھَن ڪاھِيان ڪَرَھو، چوڏِسِ چِٽاڻو، مَنجِهين ڪاڪِ ڪَڪورِي، مَنجِهين لُڊاڻو، راڻو ئِي راڻو، ناھِ راڻي ريءَ ڪِي ٻِئو.[ سُر راڻو - ڏِيئا، تيل ۽ مھمان ]
- حالُ قُربانُ مالُ قُربانُ، جانِ قُربانُ، گهورِئان لُڊاڻو، فِدا ٿِيءَ فَقِيرِ سين، رُسي مَ راڻو، مُيِنِ سين ماڻو، مُناسِبُ نَہ…[ سُر راڻو - ڏِيئا، تيل ۽ مھمان ]
- ڪاڪِ ڪَڙِھي وَڻَ وِئا، لُوٺو لُڊاڻو، تو پُڄاڻا سُپِرِين، آتَڻُ اُجهاڻو، ڪِجي نَہ ماڻو، مِيان مُحتاجَنِ سين.[ سُر راڻو - ھلو ھلو ڪاڪ ۽ ڀُونءِ ]