لَڳِيءَ بابت
معنيٰ
لَڳڻي، پيار، دل لڳي، لنئون، محبت، عشق، نينھن، پريت، ڀاءُ ، چاھ، شوق، اُڪَنجهر، اُڪير، خواھش، اِڇا، چاھت ، گهڻي. آرزو، تمنا. انتھا، بُک. دوستي، آشنائي، لاڳاپو، تعلق ، نسبت. دشمني، وير، وِروڌُ. اٽڪ. رنڊڪ، روڪ.
Love, affection, adore, amour
بيتن ۽ وائين ۾
- عاشِقَ زَھَرَ پِياڪَ، وِھُ پَسِي وِھسَنِ گهَڻو، ڪَڙيۡ ۽ قاتِلَ جا، ھَميشه ھيراڪَ، لَڳِيءَ لَنئُن لَطِيفُ چئَي، فَنا ڪِئا فِراقَ،…[ سُر ڪلياڻ - سُوري، ڪاتي ۽ زھر ]
- لَڳِيءَ جو لَطِيفُ چئَي، قالُ نَڪو قِيلُ، لِکِئي ناڀُون کوڙِيُون، نيڻين وَھي نِيرُ، ھِينئَڙا ٿِيءُ سُڌِيرُ، ڪالَهہ قَرِيبَنِ لَڏِئو.[ سُر بروو سنڌي - صُورت فانِي ۽ مڙه مقام ]