لاڳَ بابت
معنيٰ
لڳ لاڳاپا، آسرا اميدُون.
Hopes, relations, expectations.
بيتن ۽ وائين ۾
- جِتِ کُورا ماڳَ، مَٽَ ڪُٽِڪا ڪَٽَ گَهڻا، لاھي ويھُ مَ لاڳَ، موکِي مَتارَنِ جا[ سُر يمن ڪلياڻ - سري پيالو ۽ موکي متارا ]
- سَٿِيَنِ سَنبَتِ پَنڌَ جِي، تُون ويسَلو ويرَ، جوڙي جُنگَ جَھازَ کي، ڪوڏِ ھَڻائج ڪِيرَ، وَھي وَڻِجارَنِ جِي، بَندَرَ ڏانھَن بَھِيرَ،…[ سُر سريراڳ - اجگر لھرون ۽ جھاز ]
- مَٿي پُرِسَ پاڳَ، سُونھَنِ سِرَ ساھَڙَ جا، ڪانهِين جا ڪُلابَ جِي، چَريو ڪَنِ ٿِيُون چاڳَ، جوڙِيائُون جَنَتَ ۾، سَندا مينھِيُنِ…[ سُر سھڻي - مينھون، چاھڪ، کرڪن ]
- ھُئا لِيلان جا اَڳهيِن، مَٿي ماڙِيءَ ماڳَ، چَئِي چَنيسَرَ چاڙِھي، لَکين ڏيئِي لاڳَ، ٻِيُون راءَ ڀَرِ ڪَنبَنِ راڻيُون، ھِيءَ سوڀي…[ سُر ليلا - ھاڻي ويٺي رو ]
- آيَمِ مَنجِهہ ڏُھاڳَ، سَندا جوڀَنَ ڏِينھَڙا، مَڻيي سَندي مامِري، لَکين ڀَڳا لاڳَ، آئُون سِڪان کي سُھاڳَ، پِرِين پَرچَڻِ جِي نَہ…[ سُر ليلا - ڏيئي جي ڏھاڳ ]