قَطارُون بابت
معنيٰ
لانڍون، صفون. ساٿ، قافلا. هڪ ٻئي پٺيان سلسلي ۾ رکيل شيون. سلسلا، ترتيبون.
Rows, strings, lines, ranks, series.
بيتن ۽ وائين ۾
- نَڪَ ناڪِيلِيُون سونَ جُون، موتِيُنِ مَھارُون، لَنگهِيُون راتِ لَطِيفُ چئَي، ڪَرَھَنِ قَطارُون، ٻانڀَڻِ ٻاڪارُون، ڪَرِ تَہ رَسين ڪيچَ کي.[ سُر ديسي - جَت نہ مِٽَ ]
- مُون کي لَڳَڙِي آھِ لَغارَ، وو يارَ لُنءَ لُنءَ ۾ لالَڻَ جِي، ميخُون مَحَبتَ سَندِيُون، ھِينئَڙي مَنجِهہ ھَزارَ، جَڙَ جَنِي…[ سُر ديسي - وايون ]
- ڏُونگَرَ تو ڏُکان، پَھَڻُ ٿِيان پَٻَ جو، وَڃَنِ مُون مَٿان، ڪيچِي قَطارُون ڪِئو.[ سُر ڪوھياري - ڪوھ سان ڪچھري ]
- گُوندَرَ ھَٿَ نَہ پيرَ، وِرھُ مَنجِهين وِھَڻو، ڪُڙِه ۾ قَطارُون ڪَري، سُورَنِ لايا سيرَ، مُون جِيئَن گهاري ڪيرَ، ھيڪَلِي ريءَ…[ سُر رِپ - گُوندر ۽ ڪڪر منجهہ ڪپار ]