قَبُولَ بابت
معنيٰ
تسليم، منظور، پسند، بحال. خوش، راضي، خواھان، رضامند، تيار.
Approved, agreed, willing.
بيتن ۽ وائين ۾
- اَڳِئان اَڏِنِ وَٽِ، پويَنِ سِرَ سَنباھِئا، ڪاٽِ تَہ پوءِ قَبُولَ ۾، مَڇُڻ ڀانيَين گهَٽِ، مَٿا مَھايَنِ جا، پِئا نَہ پَسيين…[ سُر ڪلياڻ - سُوري، ڪاتي ۽ زھر ]
- ڪَنَ ڪَٽَ ڪاپَٽَ ڪاپَڙِي، ڪَنَ وٽِيا ڪَنَ ڍارَ، ھَلِئا ھِنگِلاچِ ڏي، بابُو ڇَڏي بارَ، جٖي ڪِينَ قَبُولَڻَھارَ، تَڪِيا پَسُون تَنِ…[ سُر رامڪلي - ڪن ڪٽ ڪاپٽ ڪاپڙي ]